بلاگنئون

اسپورٽ گرائونڊ، نسيم نگر جي خالي پلاٽ تي اربن فاريسٽ پارڪ جي تجويز

اسپورٽ گرائونڊ نسيم نگر قاسم آباد جو واحد ميدان آهي جتي شهر جي نوجوانن کي راند روند ڪرڻ جي سهولت ميسر هئي، پر ضلعي انتظاميه جي نگراني نه هجڻ ڪري گرائونڊ زبون حال ٿي چڪو آهي، گرائونڊ جي آفيس بلڊنگ پڻ خراب ٿي چڪي هئي جنهن کي پڻ ڊاٺو ويو آهي. گرائونڊ کي وڏو نقصان تڏهن پهتو جڏھن ڊرينيج جو نالو گرائونڊ مان گذاريو ويو، ڊرينيج نالو جيڪو نقاش ولاز 2 جي پاسي کان خورشيد آرڪيڊ تائين تعمير ٿي چڪو هو، پر اڳيان خورشيد آرڪيڊ جي حد دخلي ۽ اعتراض سبب روڪيو ويو. ضلعي انتظاميه نجي بلڊر جي اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا ۽ نالي کي عبدالله اسپورٽ ٽائون کان اسپورٽ گرائونڊ مان گذاريو ويو. هاڻي اسپورٽ گرائونڊ جي تعمير نو جو ڪم هلندڙ آهي.

 عبدالله بلڊر اسپورٽ گرائونڊ جي نالي سان هن جي آسپاس رهائشي اسڪيم شروع ڪئي جنهن ۾ عبدالله اسپورٽ مال، عبدالله اسپورٽ ٽائون شامل آهن. ڪيڏي افسوس جي ڳالهھ آهي ته عبدالله مال ۽ عبدالله اسپورٽ ٽائون کي پنهنجو ڊرينيج نالو ۽ پمپنگ اسٽيشن به ناهي جنهن پنهنجي اسڪيمن جو ڊرينيج سرڪاري نالي ۾ ڪيو آهي، جيڪو اسپورٽ گرائونڊ مان گذاريو ويو آهي. شايد عبدالله بلڊر پنهنجي حد مان نالي کي گذارڻ تي ان لاءِ راضي ٿيو جو کيس ڊرينيج جي سهولت ملي وئي.  اسپورٽ گرائونڊ، نسيم نگر جي حد ۾ عبدالله اسپورٽ ٽائون جي ويجهو هڪ ميدان جيڪو چار ايڪڙ کن جي لڳ ڀڳ پلاٽ پيل آهي، جتي ماضيءَ ۾ شهر جو گند ڪچرو اڇلايو ويندو هو، جيڪو هڪ سال اڳ ڊمپرن جي مدد سان ضلعي انتظاميه کڻائي چڪي آهي، پر ميدان تي اڃان تائين ڪوبه منصوبو نه جڙي سگهيو آهي. خبر ناهي ته خالي پلاٽ تي ڪنهن جون اکيون آهن ڪنهن طاقتور ڌر جي قبضي هيٺ اچي سگهي ٿو يا ضلعي انتظاميه ڪو منصوبو جوڙيو آهي، ان بابت ڪجھه چئي نٿو سگهجي.

سرڪاري خالي پلاٽ جي شڪل ۾ ضلعي انتظاميه کي تجويز ڏجي ٿي ته ان پلاٽ تي اربن فاريسٽ پارڪ جو منصوبو جوڙيو وڃي، جنهن سان شهر جي ماڻهن کي بهترين تفريح سان گڏ فطري ماحول کي بچائڻ ۾ مدد ملندي. اھڙن خالي پيل سرڪاري پلاٽن تي ماحول دوست منصوبا جوڙڻ گهرجن بجاءِ ان جي جو ڪنهن طاقتور قبضي خور مافيا حوالي ڪرڻ سان شهري ماحول کي نقصان پهچائجي. هن اسپورٽ گرائونڊ جي لوڪيشن ۾ ٻيو ڪوبه پارڪ موجود ناهي، جنهن جي ڪري هتي پارڪ جي سخت ضرورت پڻ آهي. ضلعي انتظاميه کي گهرجي ته ان زمين تي اربن فاريسٽ جو منصوبو جلد کان جلد جوڙي شروع ڪري ۽ ان ۾ واڪنگ ٽريڪس به جوڙيا وڃن ته جيئن اسان جا نوجوان ۽ عورتن ان اربن فاريسٽ ۾ انهن ٽريڪس تي محفوظ ماحول ۾ واڪ ڪري سگهن. اربن فاريسٽ جي ٺهڻ سان اتي نه صرف خوبصورتيءَ ۾ واڌ ايندي بلڪه آڪسيجن پيدا ٿيندي، پکي پکڻ اچڻ شروع ٿيندا ۽ ماحول بهتر ٿيندو. جمهوري قيادت کي ضرور ان طرف سوچڻ گهرجي.