ڪراچيءَ ۾ ھيئر ٽرانسپلانٽيشن ماھر جي قتل جون ڪيتريون ئي حقيقتون سامهون آيون آهن، جن کي بيان ڪرڻ سان اکيون رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ لڳن ٿيون. تفصيل موجب خانواھڻ واسي ميڊيڪل ٽيڪنيشن مھمير تنيو 16 آڪٽوبر تي ڳوٺ تُنيه بقا شاھ لڳ خانواھڻ کان ڪراچي روانو ٿيو! ھُن کي ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال ۾ داخل پير مُحمد تنيو نالي شخص جي عيادت ڪرڻي ھُئي ۽ کيس خيرپور ۾ واقع سندس ڪلينڪ لاءِ ڪُجھ ضروري سامان به وٺڻو ھو، جِتي ماڻھن جي ھيئر ٽرانسپلانٽيشن ڪئي ويندي هئي! مَھمير جي ڀاءُ توفيق احمد موجب مھمير ڪراچيءَ ۾ ڀاءُ الھوسايي جي گھر ترسيو، جيڪو ٽرئفڪ پوليس جو اھلڪار آھي! اُن کان اڳ مھمير ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال پُھچي پير مُحمد جي عيادت ڪئي، جيڪو جگر جي مرض ۾ وڪوڙيل آھي ۽ جنھن جي حالت خراب آھي. پير مُحمد تنيو اصل ميھڙ جو آھي، هُو ننڍي ھُوندي کان مھمير وارن وٽ رَھيو ۽ ڏھين ڪلاس تائين اُتي ئي پڙھيو! مَھمير نه رُڳو پير مُحمد جي عيادت ڪئي، پر وس آھر سندس مالي مدد پِڻ ڪئي، ڇو ته پير مُحمد ھُنن کي سڳن ڀائرن وانگر آھي! اسپتال کان ٿِي مَھمير موسميات واري علائقي ۾ پَنھنجي ڀاءُ الھوسايي جي گھر ۾ ترسيو ۽ 19 آڪٽوبر تي شام جو اُھو چئي گھران نِڪتو ته کيس ھيئر ٽرانسپلانٽيشن سينٽر جو سامان وٺڻو آھي! مَھمير جي وارثن موجب ھُن وٽ گھٽ ۾ گھٽ 10 کان 15 لک رپيا روڪ موجود ھُئا!
مَھمير رات جو دير تائين گھر واپس نه موٽيو، کيس ڪال وئي ته موبائيل نمبر به کُليل ھو. وارثن سَمجھيو ته ھُو مارڪيٽ ۾ پَنھنجي ڪم ۾ مصروف ھُوندو، پر مَھمير صُبح تائين واپس نه وريو! مَھمير جي ڀاءُ توفيق احمد ۽ ضمير حُسين مُطابق ھُو ٻئي ڏينھن مطلب 20 آڪٽوبر تي به گھر نه آيو! اُن کان اڳ وارثن ڳولها شُروع ڪئي، پر ڪِٿان به ڪا خبر چار نه مِلي! آخرڪار! 21 آڪٽوبر تي صُبح جو 10:24 منٽن تي ھِڪ موبائيل نمبر تان مَھمير جي ڀاءُ توفيق احمد کي ڪال آئي. توفيق اُن وقت پَنھنجي ڳوٺ تُنيه بقا شاھ خانواھڻ ۾ موجود ھو!
ھيلو! آپ توفيق بات ڪر رهي هين…؟؟
جي! مين توفيق هون!
اڇا! آپ مھمير تنيو ڪي ڀائي هين…؟؟
جي! مين مھمير تنيو ڪا ڀائي هون!
توفيق موجب ھُو اُن وقت بيحال ٿِي ڪِري پيو، جڏھن ڪال ڪندڙ ھمراھ چيو: مين ايڌي هوم سُھراب ڳوٺ سي بات کر رہا هون، آپ ڪي ڀائي ڪي تين دن سي ڊيڊ باڊي پڙهي هوئي هي، وه لي جائين! توفيق ٻُڌايو ته مُون جيئن تيئن ڪري پاڻ سنڀاليو ۽ پوءِ پَنھنجي ھِڪ ڀاڻيجي کي اُھو نمبر ڏنو ته ھِن ھمراھ سان ڳالھائي ته ھِي ڇا ٿو چَوي…؟؟ تفصيل مَعلوم ڪرڻ تي ايڌي ھوم واري ھمراھ چيو: گُلشنِ اقبال پوليس ڊيڊ باڊي دي ڪر گئي هي، پوليس ڪا ڪهنا هي ڪي بنده انڪائونٽر مين مارا گيا هي!
وري ورجايان ٿو ته اُھا ڪال پي ٽي سي ايل نمبر تان نه، زونگ جي موبائيل نمبر تان آئي! پوليس داخل ايف آءِ آر ۾ مَھمير کي نامعلوم ڄاڻايو آھي. ٻئي طرف ڪال ڪندڙ ھمراھ کي سَڀ خبر ھُئي ته ھِي ڪير آھي ۽ ڪنھن جو ڀاءُ آھي! بَھرحال! وارث فوري طور ايڌي ھوم سُھراب ڳوٺ پُھتا ته ڪال ڪندڙ شخص به موجود ھو ۽ اُن سرد خاني ۾ وٺي وڃي لاش ڏيکاريو ۽ ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو! توفيق احمد ۽ ضمير احمد موجب ھُنن اُن ظُلم خلاف سَخت احتجاج ڪيو، پر فوري طور ڪو به کڙ تيل نه نِڪتو. ھُو لاش کڻائي ڳوٺ آيا، جِتي مَھمير جي والدہ امان شريفان جي حالت نازڪ ٿِي چُڪي ھُئي. مَھمير جي گھر واريءَ کي بيھوشيءَ جا دورا پئجي رَھيا ھُئا ۽ ھُن جو اڪيلو مَعصوم پُٽ عباس حيدر پَنھنجي پيءُ لاءِ روئي رَھيو ھو! مَھمير جي وارثن ٻُڌايو ته ٽِن ڏينھن جي تڏي کانپوءِ ھُو ڪراچي روانا ٿيا ۽ گُلشنِ اقبال پوليس اسٽيشن پُھتا ته کين سَڄو ڏينھن رُلايو ويو. شام جو جاچ آفيسر پرويز احمد آيو ۽ مَڇرجي چَوڻ لڳو ته اُھو ھمراھ ڏوھاري ھو. توھان ٿاڻي تي ڇو آيا آھيو…؟؟ ۽ پوءِ ھِڪ ايف آءِ آر جي ڪاپي پَڪڙائي مھمير جي ڀائرن جي ھٿ ۾ ڏني وئي، جنھن ۾ لکيل ھو ته ڪُجھ ڏوھارين ھِڪ گھر مان ڌاڙو ھڻڻ جي ڪوشش ڪئي. اطلاع مِلڻ تي پوليس پُھتي، مُقابلو ٿِي پيو، ھِڪ نامعلوم ڏوھاري مارجي ويو، ھِڪ جوابدار جميل احمد گرفتار ٿيو ۽ باقي جوابدار فرار ٿِي ويا!
حيرت جي ڳالھ ھِيءَ به آھي ته مارجي ويل مَھمير سان گڏ جيڪو گرفتار ٿيل شخص ڏيکاريو ويو آھي، اُن جو چوڻ آھي ته ھُو مارجي ويل شخص کي بلڪل به نٿو سُڃاڻي! ھِي سَڄو قصو ٻُڌي مُنھنجي اکين ۾ پاڻي اچي ويو، ھِي ڪيڏو نه وڏو ظُلم آھي. مَھمير جي وارثن جو حتمي طور چَوڻ آھي ته پوليس مَھمير کان گھٽ ۾ گھٽ 10 کان 15 لک رپيا روڪ ڦُر ڪيا آھن ۽ پوءِ مُعاملي کي ٻيو رَنگ ڏيڻ لاءِ مَھمير کي گوليون ھڻي شَھيد ڪيو ويو! ڄاڻ وٺڻ تي خبر پئي ته مَھمير کي 9MM پسٽل ۽ SMG جون گوليون لڳل هيون، پوليس پوسٽ مارٽم رپورٽ به لِڪائي ڇَڏي آھي! مَھمير جي وارثن موجب ھُو پھرين نومبر تي سنڌ بار جي چُونڊن کانپوءِ ڪراچي وڃي حق ۽ انصاف لاءِ عدالت سان رُجوع ڪندا! پاڻ ھِن موقعي تي ظالم، قاتل، جلاد ۽ ڪانئر حُڪمرانن کان ڪھڙو مُطالبو ڪريون. وري به چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۽ چيف جسٽس سُپريم ڪورٽ کي ھِن مُعاملي جو سَختيءَ سان نوٽيس وٺڻ ۽ شَھيد جي خُون سان انصاف ڪرڻ جي گُھر ڪريون ٿا!