ماديت جي اصولن مطابق فطرت ۽ سماج ۾ موجود هر شيءِ مسلسل تبديلي ۾ رهي ٿي. هر شيءِ هڪ نئين شروعات سان گڏ نروار ٿئي ٿي. تبديلين مان گذري ٿي، پنهنجي زوال ڏانهن وڃي ٿي ۽ نيٺ ڪنهن نئين شيءِ ۾ پوئجي وڃي ٿي. ائين ئي ڪجھ جاگيرداري جي زوال کانپوءِ پيدا ٿيڻ واري سرمائيداراڻي نظام سان پڻ ٿي رهيو آهي، يعني اهو نظام به وقت سان گڏوگڏ پنهنجيون شڪليون بدلائي زوال ڏانهن وڃي رهيو آهي. سرمائيداري جي جيڪا پراڻي شڪل هئي، اڄ جي شڪل کان مختلف آهي، يعني پنهنجي شروعاتي مرحلي ۾ اهو نظام محض واپار ۽ صنعتڪاري کان نفعي تائين محدود هو، پر اڄ اهو بين الاقوامي سامراجي سرمائيداري ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. سرمائيداري جي ترقي ۽ زوال جو تعلق سڌو سنئون “سرمايي” جي ترقي سان آهي، سرمائيداري جو سامراج ۾ ارتقا حقيقت ۾ پيداوار ۽ سرمايي جي ترقي ۽ ارتڪاز جو نتيجو آهي، يعني صنعتي ۽ بينڪاري سرمايي جو پاڻ ۾ گڏجي مالياتي سرمايي ۾ تبديل ٿي وڃڻ ۽ سرمايي جو ارتڪاز مٺ جيترن سرمائيدارن جي هٿ ۾ ٿيڻ. سرمائيداري جو بنياد “سرمايو” آهي، پر جڏهن ان بنياد کي مضبوط بنائڻ جي لاءِ ان ۾ بينڪن جو سرمايو به شامل ٿيو ته محض “سرمايي” جي بجاءِ اهو بنياد “مالياتي سرمايو” سڏيو ۽ بعد ۾ اهوئي بنياد ايترو مضبوط بڻيو ته سرمائيداري جي انتهائي شڪل يعني سامراجيت کي سهارو ڏئي سگهي.
جيستائين اسان انهيءَ مالياتي ناڻي کي چڱيءَ ريت نه سمجهي سگهنداسين، ان جي طريقيڪار کي نه ڄاڻنداسين، اسان انهيءَ کان بچڻ جي حڪمت عملي به مرتب نه ڪري سگهنداسين. انهيءَ کي سمجهڻ بنا اسان جون انقلابي تحريڪون، قومي جدوجهدون ۽ خود مختياري جون تحريڪون بنيادي طور تي ان جون پوئلڳ ٿي وينديون. مالياتي سرمايي کي سمجهڻ کانپوءِ ضروري آهي ته اسان ٻين سماجي ترقي جي ارتقائن جو مختصر جائزو وٺون ته جيئن پڙهندڙن کي سماجي ترقي جا بنياد سمجھ ۾ اچي سگهن ۽ هيءَ تحرير انهن جي لاءِ ڪارگر بڻجي سگهي. شروعاتي اشتراڪيت (Primitive Communism) هڪ غير طبقاتي نظام هو، جنهن ۾ زمين، اوزار ۽ خوراڪ سڀني جي گڏيل ملڪيت هئا، وقت سان گڏ زراعت، اوزار ۽ خوراڪ جي وسيلن ۾ ترقي ٿي، جنهن سان واڌو پيداوار ٿي ۽ اها پيداوار خاص فردن جي قبضي ۾ اچي وئي. ائين طبقاتي فرق جنم ورتو ۽ شروعاتي اشتراڪيت ٽٽي غلاميءَ واري نظام ۾ تبديل ٿي وئي. غلاميءَ واري نظام ۾ زمين، پيداوار ۽ محنت ڪرڻ وارا انسان سڀ غلام ملڪن جي قبضي ۾ هئا، پر زرعي ترقي ۽ غلاميءَ جي نظام جي بحران ان نظام کي ڪمزور بڻائي ڇڏيو، ائين جاگيرداريءَ جنم ورتو. جاگيرداري ۾ هاري زمين تي ڪم ڪندا هئا، پر ان جا مالڪ نه هوندا هئا. وقت سان گڏ واپاري منڊي ۽ معيشت جي ترقي هڪ نئون طبقو پيدا ڪيو، جنهن جاگيرداري واري ڍانچي کي ٽوڙي سرمائيداري قائم ڪئي. ڇاڪاڻ ته سرمائيداري اسان جو مرڪزي موضوع آهي، ان ڪري هاڻي ان کي وضاحت سان پيش ڪرڻ جي جسارت ڪنداسين.
سرمائيداري جي شروعاتي دور ۾ بينڪ ۽ صنعت ٻه الڳ الڳ شعبا هوندا هئا. بينڪون قرض ڏينديون هيون ۽ صنعتون پيداوار ڪنديون هيون، پر جيئن جيئن سرمائيداريءَ ترقي جي پيداواري وسيلن جي ارتقا جي سبب پيداوار ۾ واڌارو ٿيو. جديد صنعتي مشينري ۽ ٽيڪنالاجيءَ وڏي سرمايي جي گهرج ڪئي ۽ اهو سرمايو عوام جي پئسي جو مرڪز يعني بينڪن وٽ موجود هو. بينڪ صنعت جي سرمايي جون ضرورتون پوريون ڪندي ڪندي پاڻ صنعتن سان سلهاڙجي وئي. ان ريت بينڪ ۽ صنعت جي وچ ۾ فرق مٽجي ويو، بينڪن صنعتن ۾ سيڙپڪاري شروع ڪئي ۽ صنعتڪارن سڌو سنئون بينڪن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا. ائين هڪ نئين طاقت اڀري جنهن کي مالياتي سرمايو سڏيو وڃي ٿو. اهو سرمايو بينڪن ۾ موجود عوام جو پئسو صنعتن ۾ لڳائڻ ۽ وڏي صنعتي نفعي سان بينڪن جي طاقت جو وڌڻ آهي. مالياتي سرمايو پهرين پنهنجي ملڪ جي اندر مضبوط ٿيو، هن بينڪن، صنعتن ۽ وسيلن تي مڪمل قبضو ڪري ملڪي معيشت تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪيو. جڏهن ملڪ جي اندر نفعي ڪمائڻ جا رستا وڃائجي ويا ته هن ٻين ملڪن ڏانهن رخ ڪيو. يعني پهرين پنهنجي ملڪ ۾ هڪ هٽي قائم ڪري منڊي ۽ صنعت تي قبضو ڪري ننڍن سرمائيدارن کي ڳڙڪايو ۽ پوءِ ٻاهرين ملڪ سامراج کي پکيڙيائين. مالياتي سرمايو پهرين ملڪي ۽ پوءِ ترقي ڪندڙ ملڪن جي ميڊيا، سياستدانن، عدليه، قانون سازي جي عمل ايستائين ته حڪومتن کي خريد ڪري ورتو ته جيئن هن جي مفادن کي ڪو چئلينج نه ڪري سگهي. ائين سامراج انهيءَ سرمائيداري جي اندر کان پيدا ٿيو ۽ بعد ۾ سموري دنيا تي مڙهجي ويو.
وقت سان گڏوگڏ سرمائيداري جي اها شڪل اڃان به ترقي يافته ٿيندي وئي. هاڻي صرف بينڪ ۽ صنعت ئي نه بلڪه اثاثن کي مئنيج ڪرڻ واريون ڪمپنيون به پيدا ٿي ويون، جيڪي بيڪنگ قانونن کان آزاد ٿيندي عوام جا پئسا وٺي ڪري ان کي عالمي سطح تي سرمائيڪاري ۾ لڳائين ٿيون. جيئن Black Black Rock The Vanguard ۽ State Streetآمريڪي ادارا نه صرف هزارين ڪمپنين جا شيئر هولڊر هوندا آهن، بلڪه اهي پاڻ انهن ڪمپني پاليسين، رياستن، معيشتن تي به اثرانداز ٿين ٿا. اهي ادارا ظاهر ۾ بينڪ ناهن هوندا، بلڪه اصل ۾ بينڪ کان تمام وڌيڪ طاقتور “مالياتي سرمايو” بڻجي چڪا آهن. يعني مالياتي سرمايي جي پراڻي شڪل بينڪ + صنعت + عالمي مالياتي مئنيجرز هاڻي ادارن جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. اڄ جو مالياتي سرمايو دنيا تي قبضو ڄمائڻ جو سڀ کان ڪارگر وسيلو بڻجي چڪو آهي. پهرين سامراجي طاقتون بندوق ۽ فوج جي زور تي قومن کي غلام بڻائينديون هيون. اڄ هو اهو ڪم بينڪن جي قرضن ۽ معيشت جي وسيلي ڪن ٿيون. مالياتي سرمايو محض پيداوار واري هڪ هٽي قائم نٿو ڪري، بلڪه سموري سماج، سياست، ميڊيا ۽ رياست تي به غالب ٿي وڃي ٿو. اهوئي اهڙو مسئلو آهي جنهن کي لينن سامراجيت جي بنيادي نشاني قرار ڏنو هو.
چين ترقي ڪندڙ ملڪن کي انفرااسٽرڪچر ۽ قرض ڏئي ٿو، آمريڪي بينڪ IMF,World Bank جي وسيلي سرمائيڪاري ڪري ٿو. اهي مالياتي ادارا غريب ۽ ترقي ڪندڙ ملڪن کي ڳرا قرض ڏين ٿا ۽ انهن تي اهڙيون وياجي شرطون مڙهين ٿا ته اهي ملڪ سدائين انهن جي رحم ۽ ڪرم تي رهن. قرض وٺڻ وارن ملڪن جي معيشت، بجيٽ ۽ پاليسيون انهن ادارن جي اشارن تي هلڻ لڳن ٿيون ۽ بجيٽ جو وڏو حصو صرف قرضن جو وياج ادا ڪرڻ ۾ لڳي وڃي ٿو. نجي ڪمپنين جو سرمايو زمين، وسيلا، معدنيات ۽ انساني محبت کي خريد ڪري ڇڏي ٿو. اهي ڪمپنيون انهن علائقن ۾ سرمايو هڻين ٿيون، جتي مزدور سستا هجن، رياست ڪمزور هجي ۽ قانون سرمائيدار جي حق ۾ هجي، مزدورن کي گهٽ اجرت، ڊگهي وقت ۽ غير انساني حالتن ۾ ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو ته جيئن عالمي ڪمپنيون وڌ کان وڌ نفعو ڪمائي سگهن. جڏهن ڪو ملڪ قرض جا شرط مڃڻ کان انڪار ڪري ٿو يا سرمائيڪاري جي لاءِ رستا بند ڪري ڇڏي ٿو ته ان جي ڪرنسي ڪيرائي وڃي ٿي، سرمايو ڪڍيو وڃي ٿو، مارڪيٽ ڪيرائڻ جون سازشون ڪيون وڃن ٿيون، معيشت کي هٿيار بڻائي مالياتي سرمايو سڄي دنيا تي قابض ٿي چڪو آهي ۽ اها سامراجيت جي نئين شڪل آهي. ان صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪا قومي يا عوامي تحريڪ ظلم ۽ بي انصافي جي خلاف جدوجهد ڪري ٿي، پر سرمائيداراڻي نظام کي چئلينج نٿي ڪري ته اها ڪڏهن به پنهنجو مقصد پورو نٿي ڪري سگهي. جيڪڏهن انهن تحريڪن سوشلسٽ طريقو اختيار نه ڪيو ته اها لازمي طور تي مالياتي سرمايي جي غلامي ۾ واپس هلي ويندي. سامراجي نظام هينئر هڪ عالمي نظام جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. دنيا ۾ جيڪي به مظلوم قومون يا طبقا ڪنهن به شڪل ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار آهن، اهي حقيقت ۾ انهيءَ عالمي مالياتي سامراج جي استحصالي نظام جا شڪار آهن. ان ڪري هينئر وقت جي گهرج آهي ته دنيا سڄي ۾ رهندڙ سمورا مظلوم عوام جيڪي قومي استحصال جو شڪار آهن، جيڪي محنت ڪش طبقي سان تعلق رکن ٿا، جيڪي شاگرد تحريڪن، هاري تحريڪن، مزدور يونينن، مهانگائي ۽ بيروزگاري جي خلاف اٿڻ وارين عوامي تحريڪن ۾ سرگرم آهن، انهن کي هڪ صف ۾ آڻي عالمي سطح تي پرولتاريه جي قيادت ۾ اتحاد قائم ڪيو وڃي ته جيئن ان عالمي مالياتي استحصالي نظام کي شڪست ڏئي سگهجي. هي وقت آهي ته قومپرستي جي تنگ سرحدن کي ٽوڙيندي پنهنجي جدوجهد قائم ڪري بين الاقواميت ڏانهن وک وڌائجي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ وڏي ڳورپٺ کي صرف عالمي انقلابي ٻڌي جي وسيلي ئي روڪي سگهجي ٿو. اسان کي سڄي دنيا جي محڪومن، محنت ڪشن، هارين، شاگردن ۽ انقلابين سان گڏ ٻڌي ڪرڻي پوندي ته جيئن مالياتي سرمايي جهڙي عالمي دشمن جي خلاف عالمي سطح تي ويڙھ ڪري سگهجي. اهوئي سوشلسٽ رستو اسان کي انهيءَ غلامي کان ڪڍي سگهي ٿو، نه ته سرمائيداري هر آزادي کي هر انقلاب کي ۽ هر جدوجهد کي ڳڙڪائيندي ويندي.