نائن اليون واقعي جي حقيقت: دهشتگردي يا منصوبو؟
9/11
11 سيپٽمبر 2001 اڱاري جي ڏينهن صبح جو چار آمريڪي مسافر بردار جهازن کي هائجيڪ ڪيو ويو، جنهن مان هڪ جهاز فلائيٽ-11 8:46 تي ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي اتر واري عمارت سان اچي لڳو، ٻيو جهاز 17 منٽن کانپوءِ ٽريڊ سينٽر جي ڏکڻ واري عمارت سان ٽڪرايو ويو، ان کانپوءِ ٽيون جهاز فلائيٽ-77 پينٽاگون جي مغربي عمارت سان 9:37 تي اچي لڳو، ٽين جهاز جو پينٽاگون کي لڳڻ آمريڪي حڪام کي اندازو ٿي ويو ته اسان تي دشمن حملو ڪري رهيو آهي ۽ اسان انڊر اٽيڪ آهيون ۽ جلد ئي حڪم جاري ڪيو ويو ته آمريڪي ايئر اسپيس ۾ جتي به جهاز پرواز ڪري رهيا آهن سڀ زمين تي لينڊ ڪن، پر ان جي باوجود به هڪ جهاز واشنگٽن طرف اچي رهيو هو، ان جهاز ۾ سوار مسافرن کي ٽن حملن بابت ڄاڻ ملي چڪي هئي، انهن کي خدشو هو ته هي جهاز به آمريڪي گاديءَ واري شهر واشنگٽن جي ڪنهن اهم عمارت سان ٽڪرايو ويندو. ڇو ته جهاز وڏي تيز رفتاري سان واشنگٽن ڏانهن وڃي رهيو هو، ان لاءِ مسافرن دهشتگرد هائجيڪرن سان مزاحمت شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ جهاز کي زميني علائقي اسٽوني ڪريڪ ٽائون شپ ۾ ڪريش ڪيو ويو. اهو به خدشو ظاهر ڪيو ويو ته عين ممڪن آهي ته ان جهاز کي ميزائيل هڻي ڪرايو ويو هجي. ڇو ته ٽن حملن بعد آمريڪا ۾ افراتفري مچي وئي هئي ۽ هڪ غير يقيني واري صورتحال پيدا ٿي چڪي هئي. ڇو ته ملڪ جي اهم ملٽري هيڊڪوارٽر پينٽاگون سميت ٻن اهم عمارتن تي حملو ڪيو ويو، ان لاءِ اڳتي ڇا ٿي سگهي ٿو، اهو ڪوبه اندازو نه پيو لڳائي سگهي ۽ جيڪر چوٿون جهاز ڪريش نه ٿئي ها ته ان جو ٽارگيٽ يا ته واشنگٽن ۾ ڪيپٽل عمارت هئي يا صدارتي آفيس ۽ گهر وائيٽ هائوس هو. سمجهڻ کپي ته آمريڪا جهڙو ملڪ جيڪو هڪ سپر پاور هجي ان جي گاديءَ واري شهر سميت اهم شهرن تي حملو جاري هجي ۽ اهم عمارتون جتان رياستون هلايون وينديون هجن انهن تي حملا ڪيا وڃن ته ظاهر آهي ته ڪوبه خطرو کڻڻ رياست کي خطري ۾ وجهڻ هوندو، تنهنڪري جيڪر چوٿين جهاز کي ميزائيل سان ڪريش ڪيو ويو هو ته اهو درست فيصلو هو. ڇو ته جيڪڏهن ان کي ڪريش نه ڪيو وڃي ها ته ان جو نشانو واشنگٽن ۾ موجود اهم عمارت هئي. انهيءَ سڄي واقعي ۾ 25000 ماڻهو زخمي ٿيا ۽ 3000 ماڻهو مري ويا هئا. ان ڪارروائي ۾ 19 دهشتگرد شامل هئا جيڪي هر جهاز ۾ گروپ جي صورت ۾ سوار ٿيا هئا.
11/9 پنهنجي نوعيت جو هڪ تمام وڏو واقعو آهي. مطلب هڪ اهڙو ملڪ جيڪو سپر پاور هجي جنهن جي ٽيڪنالاجي ۽ ساز و سامان جي ڪا مثال ئي نه هجي ۽ جنگي اعتبار سان ان وٽ اڻ کٽ جديد هٿيار هجن ان تي اهڙي قسم جو حملو ڪيو وڃي ته پوءِ ظاهر آهي ته دنيا جو ٻيو ڪهڙو ملڪ اهڙن حملن کان بچي سگهندو ۽ ان جو اهو مطلب به نڪري پيو ته جيڪڏهن آمريڪا محفوظ ناهي ته پوءِ ڪير محفوظ رهي سگهي ٿو؟
ڪجھ واقعا اهڙا ٿيندا آهن جيڪي تاريخ جو رخ ئي بدلائي ڇڏيندا آهن. آمريڪا تي هن حملي به ڪجھ ايئن ئي ڪيو، 11/9 جي هن واقعي آمريڪي ماڻهن جي ذهنن ۽ معاشري تي وڏو اثر ڇڏيو، جيڪو هميشه قائم رهندو. ايتري تائين جو آمريڪي ماڻهن جي سوچ ۽ نظريي ۾ هن واقعي بعد وڏي تبديل آئي. هن واقعي جتي آمريڪا جي معاشري سياست، پاليسي ۽ ترجيح کي تبديل ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي هن واقعي سبب سڄي دنيا جي سياست ۽ خارجا پاليسي پڻ تبديل ٿي وئي. دنيا ۾ تمام گهٽ اهڙا واقعا ٿيندا آهن، جيڪي تهذيبن تي اثر وجهن، پر 11/9 جي واقعي تهذيبن تي اثر ڇڏيو. يقينن ڪوبه شعور رکندڙ انسان هن واقعي کي پسند نه ڪندو ۽ نه ئي ان جي حمايت ڪندو، پر 19 ماڻهن جي ان حملي دنيا جي هر مسلمان کي شڪ واري دائري ۾ داخل ڪري ڇڏيو. ان کان علاوه حملي کانپوءِ آمريڪا سميت دنيا جي تمام وڏن شهرن ۽ انهن جي آبادي تي نظر رکڻ جو نظام جوڙيو ويو، جنهن جي مدد سان انٽيليجنس ادارن وٽ تقريبن هر سفر ڪندڙ شخص جو ڊيٽا اچي ويو، اڄ جهاز ۾ سفر ڪندڙ هر شخص جو ڊيٽا سسٽم ۾ موجود هوندو آهي. ان کان علاوه آمريڪا ۾ قانون ۾ تبديلي ڪري اتان جي شهرين جي خاص نگراني ڪئي جنهن ۾ انهن جون فون ڪالز، اي ميلز ۽ سماجي سرگرمين ۽ انهن جي نقل و حرڪت تي خاص نگراني رکي وئي، جنهن تي ڪجھ ماڻهن اعتراض به ڪيو ته اهو سڀ ڪجھ انسان جي بنيادي حقن جي خلاف آهي، پر انهن کي سمجهايو ويو ته اسان جو مقصد ذاتي زندگي کي متاثر ڪرڻ ناهي، پر جتي رياست سميت انساني زندگي کي خطرو هوندو ۽ مشڪوڪ چرپر هوندي ته پوءِ ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ اهو ضروري به آهي.
اڄ جي دنيا جو جديد ڊجيٽل نظام جنهن ۾ سمارٽ فون، سوشل ميڊيا جديد بينڪاري نظام، فنگر پرنٽ لاڪ، فيس لاڪ ۽ ان قسم جي ٽيڪنالاجي به دنيا ۾ ان لاءِ عام ڪئي وئي آهي ته جنهن ۾ دنيا جي آبادي تي نگراني رکي وڃي ۽ اهو بهتر به آهي دنيا جون وڏيون سوشل ميڊيا ڪمپنيون ماڻهو جي سمارٽ فون کان ئي اهو اندازو لڳائينديون آهن ته ماڻهو ڪهڙي نظريي جو آهي ۽ ان جا شوق ڪهڙا آهن. اڄ جي دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ طاقتور اهو ملڪ آهي جنهن وٽ وڌيڪ ڊيٽا آهي ۽ آمريڪا دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ ماڻهن جو ڊيٽا رکندڙ ملڪ آهي، اهو سڄو نظام 11/9 جهڙن واقعن کانپوءِ ٺاهيو ويو آهي، جنهن ۾ دنيا کي اهڙن حملن کان بچايو وڃي ۽ ايئن ٿيو به آهي، اهڙي جديد نگراني واري نظام جي مدد سان ئي دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي. بهرحال! 11/9 کانپوءِ جي صورتحال ۽ ڪجھ سوال جيڪي هن ريت هئا:
- 11/9 حملي ڪرڻ جا بنيادي مقصد ڪهڙا هئا؟
- افغانستان ۾ قائم طالبان حڪومت جو 11/9 ۾ ڇا ڪردار هو؟
- ڇا واقعي بن لادن ۽ ان جي تنظيم 11/9 ۾ ملوث هئي؟
- ڇا آمريڪا کي ان حملي جو پهرين علم ٿي چڪو هو؟
- ڇا هي حملو هڪ منصوبو هو جيڪو پاڻ آمريڪا ٺاهيو؟
اهو سوال ته 11/9 جهڙي حملي ڪرڻ جو ڪهڙو مقصد هو ان جو سادو جواب اهو آهي ته دشمن آمريڪا کي ڪمزور ڪرڻ پيو گهري ۽ ان تي اهو ظاهر ڪرڻ پيو گهري ته اسان تنهنجي مٿان حملو ڪري سگهون ٿا. سوال اهو آهي ته آمريڪا جو دشمن ڪير آهي ۽ ڇو آهي؟ ياد رهي ته 11/9 کان پهرين به مختلف ملڪن ۾ دهشتگردي جا حملا ٿيندا رهيا آهن. 1993ع ۾ به ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي ڪار پارڪنگ ۾ هڪ ڪار ۾ بم رکي حملو ڪيو ويو. انهيءَ حملي ۾ به اهي ماڻهو شامل هئا جيڪي بعد ۾ 11/9 ۾ ملوث هئا. ان کانپوءِ 1998ع ۾ ڪينيا ۾ قائم آمريڪي ايمبيسي تي حملو ڪيو ويو. ان حملي ۾ به بن لادن جي تنظيم القائده ملوث هئي ۽ 11/9 کانپوءِ به گهڻا دهشتگردي جا واقعا ٿيا، جيڪي اسلامي انتها پسندي واري سوچ رکندڙ تنظيمن ڪيا. مذهبي انتها پسندي دنيا جي تاريخ ۾ هر دور ۾ رهي آهي. رومن سلطنت ۾ به مذهبي انتها پسندي رهي آهي ۽ انهيءَ دور ۾ به مذهب کي نافذ ڪرڻ لاءِ هٿيار جو استعمال ڪيو ويندو هو، پر بعد ۾ وقت تبديل ٿيو ۽ مغربي ملڪن پنهنجي ذهنن ۽ نظرين ۾ تبديلي آندي، وڏا وڏا فلسفي پيدا ٿيا، جن انسان جي سوچ کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪم ڪيو ۽ انسانن جي حقن جي ڳالھ ڪئي ۽ مذهب کي ذاتي مسئلو ڪري بيان ڪيو. انسان هر شيءِ وڏي نقصان کانپوءِ سکيو آهي. ٻي جنگ عظيم کانپوءِ انساني تهذيب اها ڪوشش ڪئي آهي ته جبر ۽ تشدد اختيار ڪرڻ کان پري رهجي.
ڇو ته جيڪر انسان ايئن مذهبي نظرين تي وڙهندو ئي رهندو ته دنيا ۾ رهڻ ممڪن نه رهندو. صنعتي انقلاب کانپوءِ عام ماڻهو انهيءَ شيءِ کي محسوس ڪيو آهي ته بهتر زندگي ماڻهو تڏهن گذاري سگهي ٿو جڏهن رواداري واري فلسفي تي عمل ڪري. بھرحال! هاڻوڪي صدي ۾ اسلامي انتها پسندي جو نظريو سامهون آيو جنهن ۾ جديد دنيا ۽ صنعتي دور جي مخالفت ۽ مغربي ملڪن خلاف نفرت جا جذبا شامل آهن، اهي تنظيمون جيڪي اسلامي انتها پسندي نظريي تي ٻڌل آهن، انهن جي خيال ۾ دنيا جا ٻيا ماڻهو، ملڪ ۽ مذهب اسلام کي ختم ڪرڻ گهرن ٿا، اسلام ۽ مسلمانن خلاف سازش ڪن ٿا، تنهن لاءِ جيڪو مسلمان ناهي ان جي خلاف جهاد ڪرڻ سندن مٿان فرض آهي ۽ سڄي دنيا تي دين کي نافذ ڪرڻ سندن ڪم آهي. مذهبي انتها پسند ماڻهو اڄ جي دنيا جي معيشت، تعليم، ٽيڪنالاجي، عورتن جي تعليم ۽ جديد شين جي مخالفت ڪري ٿو. اهي معاشري ۽ سڄي دنيا کي پنهنجي خيال سان ڏسن ٿا ۽ دنيا ۾ جبر جي نظام کي قائم ڪرڻ گهرن ٿا، جيڪو ظاهر آهي ته ممڪن ناهي. ڇو ته گهڻو وقت گذري ويو آهي ۽ تهذيبون هڪٻئي سان ملي ويون آهن، ماڻهن گهڻي ترقي ڪئي آهي. سعودي عرب مان وهابي نظريو نڪتو جيڪو پڻ مذهبي اتنهاپسندي تي ٻڌل هو. القائده جهڙيون تنظيمون ان جي نظريي تحت ڪم ڪن ٿيون. بن لادن 1988ع ۾ افغان سوويت جنگ دوران القائده ٺاهي جيڪا بعد ۾ آمريڪا ۽ مغربي ملڪن خلاف پاليسي تي ڪم ڪرڻ لڳي. بن لادن گهڻا ئي ماڻهو تيار ڪري افغانستان موڪليا. ان کان پهرين به اسرائيل فلسطين جي مسئلي تي انتها پسند ليڊر پنهنجن ماڻهن اندر مذهبي انتها پسندي ۽ مغرب دشمني جو نظريو پکيڙيندا رهيا، پر ان ۾ وڏي تيزي تڏهن آئي جڏهن روس افغانستان تي حملو ڪيو.
افغانستان تي سوويت حملو آمريڪا ۽ مغربي ملڪن لاءِ خطري جي گهنٽي هئي. انهن کي خوف طاري ٿي ويو ته ڪميونزم جيڪڏهن افغانستان ۾ پنهنجا پير مضبوط ڪري ويو ته پوءِ ان کي آمريڪا ۽ مغربي معاشري ۾ اچڻ کان روڪڻ مشڪل ٿي پوندو. تنهن لاءِ آمريڪا ۽ مغربي ملڪن هر انهيءَ تنظيم، رياست ۽ فوج جي مدد ڪئي، جيڪي سوويت جي خلاف وڙهن پيا ۽ پوءِ انهن مان ئي مجاهدين تيار ٿي نڪتا. افغان سوويت جنگ ۾ مجاهدين ۽ انتها پسند تنظيمن کي ايترا ته ڊالر ۽ هٿيار مليا جنهن جو حساب لڳائڻ ناممڪن آهي. انهن کي هٿيارن سان گڏوگڏ ٽرينگ به ڏني وئي ۽ مجاهدين ايترا طاقتور ٿي ويا جو نيٺ انهن روس کي شڪست ڏني. روس ته هليو ويو، پر انتها پسندن وٽ هاڻي ايترو پئسو ۽ هٿيار گڏ ٿي ويا جو انهن خود آمريڪا ۽ مغربي ملڪن خلاف جهاد جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ايئن هڪ نه ختم ٿيندڙ جنگ جي شروعات ٿي، آمريڪا جن ماڻهن کي روس خلاف جنگ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، هاڻي اهي ايترا ته طاقتور ٿي ويا جو انهن جي ئي پنهنجي ڳچي ۾ پئجي ويا ۽ بعد ۾ انهن مان هڪ گروپ طالبان پنهنجي حڪومت افغانستان ۾ قائم ڪري ڇڏي. طاقتور انتها پسند هاڻي دنيا کي اکيون ڏيکارڻ لڳا ۽ بن لادن سميت ٻين انتها پسند ليڊرن آمريڪا کي ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون ۽ پوءِ حملا شروع ٿي ويا. بعد ۾ بن لادن آمريڪا خلاف کليل جنگ جو اعلان ڪيو، جيڪو هن مختلف انٽرويوئن جي ذريعي ظاهر به ڪيو. 1998ع ۾ آمريڪي انٽيليجنس ايجنسي ان وقت جي صدر بش کي رپورٽ ڏني ته القائده آمريڪا تي وڏي حملي ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي ۽ نيٺ انهن 11 سيپٽمبر 2001ع تي آمريڪا تي هڪ خوفناڪ حملو ڪيو، جنهن ۾ آمريڪا جي گادي واري شهر سميت ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي حملا ڪيا ويا ۽ آمريڪا جي ملٽري هيڊ ڪوارٽر پينٽاگون تي به حملو ڪيو ويو. ان کانپوءِ جلد ئي آمريڪا کي خبر پئجي وئي ته اهو حملو القائده ڪيو آهي ۽ آمريڪا ان معلومات جي بنياد تي اڳتي لاءِ قدم کڻڻ شروع ڪيا. هڪ الزام هميشه هنيو ويندو آهي ته هنن حملن جي پويان خود آمريڪا جو هٿ هو ۽ اهو سڀ آمريڪا جو ئي منصوبو هو. ڇو ته ان کي افغانستان تي حملو ڪرڻو هو ۽ آمريڪا کي اسلام کي بدنام ڪرڻو هو. منهنجي خيال ۾ اهو الزام محض هڪ افسانو آهي. ڇو ته ڪوبه ملڪ پنهنجن شهرن تي ۽ پنهنجي فوج تي ايئن حملا ڪرائي اهو ممڪن ئي ناهي. 11/9 جي ڪري آمريڪا کي وڏو نقصان ٿيو آهي، ان جنگ ۾ اربين ڊالر خرچ ڪيا ويا آهن جيڪڏهن هي سڀ ڪجھ آمريڪا جو ئي هڪ منصوبو هجي ها ته پوءِ هو 20 سالن تائين جنگ ڇو وڙهي ها؟ اهو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي ته ڪوبه ملڪ ايئن ڪندو، اهي سڀ محض ڳالهيون ۽ خام خيالي آهي. آمريڪا 11/9 کانپوءِ پنهنجي سيڪيورٽي ۽ فوجي آپريشنن ۾ کربين ڊالر خرچ ڪيا آهن، جيڪڏهن هي سڀ ڪجھ هڪ منصوبو هو ته پوءِ سيڪيورٽي تي کربين ڊالر خرچ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ ٻيو جهاز جو سفر ڪندڙ مسافرن کي علم آهي ته 2001 کان پهرين نگراني جي ڇا صورتحال هوندي هئي ۽ هاڻي ڇا آهي، جيڪر 11/9 منصوبو هجي ها ته پوءِ اها تبديلي ڇو اچي ها؟ دنيا ۾ هر وڏي واقعي کانپوءِ ڪجھ سازشي نظريا جنم وٺندا آهن. 11/9 کانپوءِ به ايئن ئي ٿيو آهي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته 11/9 آمريڪا تي هڪ حملو هو.
آمريڪا ۾ به هن حملي تي گهڻو ڪجھ ڳالھايو ويندو آهي ۽ تنقيد ڪئي ويندي آهي ته حڪومت ۽ انٽيليجنس ادارن کي حملن جي ڄاڻ به هئي، پوءِ ڇو روڪي نه سگهيا؟ ان ۾ ته واقعي ڪو شڪ ناهي ته ان وقت جي حڪومت ۽ ادارن جي غفلت جي ڪري ايڏو وڏي واقعو ٿي ويو. بھرحال! ان واقعي کانپوءِ آمريڪا جي ادارن ۾ وڏيون تبديلون ۽ مقرريون ڪيون ويون ۽ گهڻن ماڻهن تي تفتيش ڪئي وئي. ياد رکڻ کپي ته اهو ڪو معمولي منصوبو نه هو بلڪه هڪ تمام وڏو منصوبو جوڙيو ويو ۽ هن حملي جا سهولت ڪار دنيا جي مختلف ملڪن ۾ موجود هئا.
2002ع ۾ هڪ ڪميشن ٺاهي وئي جنهن 11/9 حملي جي حوالي سان تفصيلي مواد گڏ ڪيو ۽ حملن تي تفصيلي رپورٽ ٺاهي ڏني. بعد ۾ ان ڪميشن کي دي 11/9 ڪميشن رپورٽ چيو ويو، جيڪا هاڻي نيٽ تي به موجود آهي.
11/9 ۾ شامل تمام اهم ماڻهن کي پڪڙيو ويو يا ماريو ويو آهي، جنهن کي پڪڙيو ويو ان جيل ۾ اعتراف به ڪيو. خالد شيخ جيڪو اڄ به آمريڪي جيل ۾ آهي جنهن کي 2003ع ۾ پاڪستان جي آءِ ايس آءِ ۽ سي آءِ اي جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو. خالد شيخ آمريڪا تي حملن جو اهم ڪردار آهي، هن جيل ۾ گهڻو ڪجھ قبول ڪيو، جنهن سان آمريڪي حڪام کي گهڻي ڄاڻ حاصل ٿي. ان کان علاوه 11/9 ۾ ملوث هر دهشتگرد کي سزا ڏني وئي آهي.
مذهبي انتها پسند تنظيمون ماڻهن کي غلط تصور پيش ڪري انهن جو برين واش ڪنديون آهن. جڏهن ته دنيا جو ڪوبه ملڪ انسان کي پنهنجي مذهب کان پري نٿو ڪري. اقوام متحده جي انساني حقن جي چارٽر ۾ صاف لکيل آهي ته هر انسان کي ان جي مذهبي اعتبار سان زندگي گذارڻ جو حق حاصل آهي. دهشتگردي جي واقعن جي باوجود به مسلمان آمريڪا سميت سڄي دنيا ۾ مذهبي تبليغ لاءِ ويندا آهن ۽ آمريڪا سميت سڄا ملڪ انهن کي ويزا به ڏيندا آهن، ان لاءِ اها ڳالھ ذهن ۾ رکڻ کپي ته ڪا به رياست ڪابه طاقت ڪنهن به انسان کي ان جي مذهب کان نٿي روڪي ۽ نه ڪو ڪنهن جي مذهب خلاف ڪا سازش ڪري رهيو آهي. ڇو ته مذهب هڪ نظريو آهي جيڪو انسانن جي ذهنن ۾ ايمان پيدا ٿو ڪري، ان کي سازش ڪري ختم نٿو ڪري سگهجي. ڇو ته نظرين کي ختم ڪرڻ نا ممڪن هوندو آهي، ان لاءِ انسانن ۽ هن ڌرتي لاءِ بهتر اهو ئي آهي ته رواداري، محبت ۽ امن سان زندگي گذاري وڃي جيئن وري ڪڏهن ٻيا 11/9 جهڙا واقعا نه ٿين.
***