بلاگنئون

حماس ۽ اسرائيل جي هٿيارن جو جائزو (حصو ٻيو)

هي ٽينڪ ايندڙ سال يعني 2025 تائين مرڪوا ايم ڪي فور ٽينڪ کي مڪمل طور تي ريپليس ڪري ڇڏيندو. اسرائيل جي مرڪوا ۽ حماس جي آر پي جي سيون کان علاوه به ٻنهي ڌرين هن جنگ ۾ ڪيترن قسمن جا ٻيا هٿيار استعمال ڪري رهيا آهن. جيئن ته اسرائيلي سپاهين وٽ ٽي اهم آرٽلري هٿيار به آهن، يعني پري کان دشمن تي فائر ڪرڻ وارا زميني هٿيار. انهن ۾ پهريون هٿيار “آئرن اسٽنگ مارٽر” يعني گولا آهي. عام طور تي مارٽر گولن ۾ ڪوبه گائيڊنس سسٽم نه هوندو، جو انهن کي نشاني تائين وٺي ويندو هجي، پر آئرن اسٽنگ جا مارٽرز “ليزر جي پي ايس سسٽم” سان ليس آهن. هن سسٽم ۾ ٽارگيٽ جو سڄو ڊيٽا فائر کان اڳ ئي لوڊ ٿيل هوندو آهي. هن ڪري هي مارٽر پنهنجن ٽارگيٽس تي وڏي ايڪيورسي سان ڪِرندا آهن. گهٽ ۾ گهٽ 10 ڪلو ميٽر رينج وارا هي مارٽر گولا 20 سينٽي ميٽر موٽي ڪنڪريٽ جي تہه کي به ڦاڙي سگهن ٿا. اسرائيل انهن مارٽرن کي حماس جي راڪيٽ لانچ سائيٽن جي خلاف ڀرپور نموني سان استعمال ڪيو آهي. اها مڃتا آهي ته انهن مارٽرن جي ڪري حماس جي اسرائيل تي راڪيٽ حملا تمام گهٽ ٿي ويا آهن، پر آئرن اسٽنگ ۾ اسرائيلي سپاهين لاءِ به هڪ خطرو آهي. اهو هي ته انهن مارٽرن جي ايڪيورسي تي ڀروسو ڪندي ڪو ڪمانڊر انهن کي اهڙي جڳهه تي فائر ڪري سگهي ٿو جنهن جي ويجهو اسرائيلي سپاهي موجود هجن. اهو ڪمانڊر ته شايد هي سمجهي ته هي مارٽر پوري ايڪيورسي سان دشمن تي ئي ڪِرندو پر هي غلطي سان پنهنجن سپاهين کي به نشانو بڻائي سگهي ٿو. هن جي هڪ وجهه هي ٿي سگهي ٿي ته جنگ ۾ هر وقت صورتحال بدلجي رهي هوندي آهي. ضروري نه آهي ته ڪمانڊر وٽ پنهنجي فوج جي سئو سيڪڙو درست معلومات موجود هجي. اهڙي ۾ اندازي جي ذري به غلطي تباهه ڪن ثابت ٿي سگهي ٿي. اسرائيل جو ٻيو اهم آرٽلري هٿيار “ايڪيولار” گائيڊڊ راڪيٽس آهن. هي راڪيٽس 20 ڪلو گرام بارود سان 40 ڪلو ميٽر جي رينج ۾ هر ٽارگيٽ کي تباهه ڪري سگهن ٿا ۽ توهان ته ڄاڻو ٿا ته غزه جي ته ڪل ڊيگهه 41 ڪلو ميٽر ۽ ويڪر 8 کان 12 ڪلو ميٽر آهي. يعني انهن راڪيٽس کي غزه ۾ ڪنهن به پوائنٽ تي موڪليو وڃي ته تقريبن سڄو غزه ئي انهن جي رينج ۾ هوندو. اسرائيل جو ٽيون اهم آرٽلري هٿيار آمريڪي ساخت جو ايم ون. او. نائن “هوئيٽزر” آهي. هي موبائيل توپون آهن ۽ آساني سان ڪنهن به جڳهه وڃي سگهن ٿيون. انهن کي جنگ جي شروع ۾ ئي غزه جي ويجهو نصب ڪيو ويو هو. هي توپون مرڪوا ٽينڪس کان به وڌيڪ تباهه ڪن آهن. مرڪوا ٽينڪ ۾ 120 ملي ميٽر جي توپ لڳل آهي جڏهن ته ايم ون زي ٽو نائن جي توپ 155 ملي ميٽر جي ليبر جي آهي. انهن توپن جي رينج تقريبن اٺاويهن کان چوويهن ڪلو ميٽرن تائين آهي ۽ هي چاليهه کان پنجاهه ڪلو گرام وزني گولا فائر ڪري سگهن ٿيون. اسرائيلي اخبارن جي مطابق يهودي توپ خانو نومبر 23 جي آخر تائين غزه ۽ لبنان ۾ هڪ لک گولا فائر ڪري چڪو هو. انهن ۾ وڏي تعداد ايم ون زي ٽو نائن توپن مان ئي فائر ڪيا ويا هئا. اسرائيل جي مقابلي ۾ حماس وٽ آرٽلري هٿيارن ۾ هوئيٽزرز جهڙيون توپون ته نه آهن پر شروعات ۾ مارٽر ۽ راڪيٽس وڏي تعداد ۾ موجود هئا، شايد اڃان به هجن. حماس وٽ 80 ۽ 120 ملي ميٽر جا مارٽر گولا آهن. انهن کي حماس جا فائٽرز سرنگهن کان به فائر ڪري سگهن ٿا، پر انهن مارٽرن جو نقصان هي آهي ته انهن ۾ اسرائيلي آئرن اسٽنگ مارٽر وانگر جي پي ايس سسٽم نه آهي. يعني انهن جي ايڪيورسي اسرائيلي مارٽرن کان تمام گهٽ آهي، هي ڊم بم آهن. مارٽرن کان علاوه حماس وٽ گهٽ ۾ گهٽ 11 مختلف قسم جا راڪيٽ موجود آهن. انهن جي رينج 10 ڪلو ميٽرن کان وٺي 250 ڪلو ميٽرن تائين آهي. انهن ۾ قسام، فرج، خيبر ۽ آياش راڪيٽس به شامل آهن. قسام سڀني کان گهٽ رينج جو راڪيٽ آهي جيڪو ڏهه ڪلو ميٽرن تائين مار ڪندو آهي. ايم ٿري زي ٽو ٽو خيبر راڪيٽ ٻه سئو ڪلو ميٽرن تائين وڃي سگهي ٿو. جڏهن ته آياش راڪيٽ 250 ڪلو ميٽرن تائين ويندو آهي، پر انهن راڪيٽن جو به اهو ئي نقصان آهي ته هي گائيڊيڊ نه آهن. هي بس هڪ طئي ٿيل رستي تي وڃي سگهن ٿا، بلڪل درست نشاني تي وٺي وڃڻ جي گائيڊيڊ ٽيڪنالوجي انهن ۾ نه آهي. ان کان علاوه اسرائيل جو آئرن ڊوم سسٽم به انهن کي آساني سان ڳولهي ۽ رستي روڪ ڪري وٺندو آهي. انهن راڪيٽن سان اسرائيل کي نقصان پهچائڻ جو صرف هڪ ئي طريقو آهي ته انهن کي هڪ ئي وقت ۾ تمام وڏي تعداد ۾ فائر ڪيو وڃي. انھيءَ طريقي سان ڪجهه راڪيٽ آئرن ڊوم جي لوپ هولز کان گذري نشاني ڏانهن هٽ ڪري سگهندا آهن. ستين آڪٽوبر جي حملي ۾ به حماس ٽي کان پنج هزار راڪيٽ مسلسل فائر ڪيا هئا. ان ئي ڪري آئرن ڊوم انهن راڪيٽن کي مڪمل طور تي روڪڻ ۾ ناڪام رهيو هو. ڪجهه راڪيٽ آبادي ۾ ڪريا هئا ۽ انهن سان اسرائيل کي ٺيڪ ٺاڪ نقصان به پهتو هو. انهن گائيڊيڊ راڪيٽن کان علاوه حماس وٽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ گائيڊيڊ اينٽي ايئر ڪرافٽ ميزائيل “ايس اي سيون” آهي. هي ميزائيل ڪلهي تي رکي فائر ڪيو ويندو آهي ۽ گهٽ بلندي تي پرواز ڪندڙ هيليڪاپٽرن ۽ ڊرونن لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو. ان سان گڏ روسي ساخت جو ڪورنيٽ اينٽي ٽينڪ ميزائيل به حماس وٽ عام ڏسڻ ۾ ايندا آهن. دوستو، هي سڀ هٿيار جن جو ذڪر ڪيو ويو آهي هي انهن ڪجهه هٿيارن مان آهن جن جو هن جنگ ۾ بيجا استعمال ٿي رهيو آهي. انهن سڀني هٿيارن کان علاوه به ٻنهي طرفن کان ڪيترن ئي قسمن جون بندوقون، راڪيٽ، ميزائيل ۽ ڊرون استعمال ٿي رهيا آهن. اسرائيل غزه ۾ پابندي لڳل فاسفورس ۽ ڪلسٽر بم استعمال ڪري چڪو آهي. آمريڪا طرفان فراهم ڪيل تباهه ڪندڙ ٻه ھزار پائونڊ وزني بم ٻه، ٽي هزار کان وڌيڪ جي تعداد ۾ ڪيرائي چڪو آهي. چون ٿا ته آمريڪي صدر جوبائيڊن، اسرائيل هن جنگ ۾ وڏي تعداد ۾ ڊم بم استعمال ڪري چڪو آهي، يعني اهڙا بم جن جو ڪو نشانو نه آهي. بس آبادي طرف ٽارگيٽ ڪري ڪيرايا وڃن ٿا، پوءِ جنهن کي به نشانو بڻائين. جيئن ته حماس جا راڪيٽ به اڪثر اهڙي قسم جا هوندا آهن، پر اهي گهٽ طاقت جا آهن. حيران ڪندڙ ڳالھ اھا آھي ته غزه جنهن کي اسرائيل چئني پاسي کان گهيري رکيو آهي، اتي حماس وٽ اهڙا هٿيار ڪٿان آيا. هن سوال تي جيترو اوهان حيران آهيو، ان کان وڌيڪ حيران توهان هن جواب تي ٿيندا ته هي هٿيار حماس اسرائيل جي مدد سان ئي ٺاهيا آهن. هاڻي اھو ڪيئن ٿيو؟ اھي ايئن ته اسرائيل جڏهن غزه جو گھيرو ڪري ان کي دنيا کان ڪٽي ڇڏيو هو ته حماس لاءِ ٻاهران هٿيار اسمگل ڪري آڻڻ تقريبن ناممڪن ٿي ويو. اهي پنهنجين سرنگهن جي ذريعي ٻاهر کان ڪجهه هٿيار جيئن راڪيٽ لانچر، بندوقون وغيره ته آڻي سگهن پيا، پر وڏي پئماني تي بارود آڻڻ تمام گهڻو مشڪل هو ته هاڻي حماس هٿيارن لاءِ هڪ ٻيو ذريعو ڳولهي ورتو ۽ اهو هو ان جو بدترين دشمن اسرائيل. اصل ۾ اسرائيل غزه تي جيڪي بم ۽ ميزائيل ڪيرائيندو هو، انهن مان تقريبن پندرهن سيڪڙو امڪاني طور تي ڦاٽي نه سگهيا. حماس جا ڪمانڊر ڇا ڪندا آھن ته انهن ئي اسرائيلي بمن ۽ ميزائيلن مان بارود ڪڍي انهن مان پنهنجا ننڍا راڪيٽ تيار ڪري وٺندا آھن. حماس پنهنجا رضاڪار يونٽ به ٺاهيا آھن، جيڪي عام شهرين ۽ پوليس سان گڏجي هر حملي کانپوءِ هي اسلحا گڏ ڪندا آھن. اھڙيءَ طرح هزارن جي تعداد ۾ اسرائيلي بم ۽ ميزائيل غزه جي ھٿيارن جي فيڪٽرين ۽ ورڪشاپن ۾ منتقل ٿي ويا. انهن جو هڪ هڪ حصو حماس ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ ٻيهر استعمال ڪيو. هزارن جي تعداد ۾ ننڍا راڪيٽ ٺاهيا، بم ۽ گولا تيار ڪيا. هڪ محتاط اندازي مطابق 750 پائونڊ جي هڪ اسرائيلي بم ۾ ايترو بارود هوندو آهي جو ان سان حماس انجنيئر سوين ميزائيل يا راڪيٽ ٺاهي وٺندا آهن ۽ اسرائيل ته توهان ڄاڻو ٿا ته ٻه ٻه هزار پائونڊ وزني بم به غزه ۾ بيجا استعمال ڪندو رهيو آهي ته هي آهي اهو طريقو جنهن سان حماس اسرائيلي اسلحا بارود ئي اسرائيل جي خلاف استعمال ڪري مزاحمت جاري رکي آهي. اسرائيلي ماهرن ستين آڪٽوبر تي فائر ڪيل ڪجهه راڪيٽن جو جائزو وٺي هن حقيقت کي قبول به ڪيو هو. انهن جو چوڻ هو ته انهن راڪيٽن ۾ جيڪو بارود استعمال ٿيو آهي اهو هڪ اڳئين جنگ ۾ فائر ڪيل اسرائيلي ميزائيلن مان ئي ورتو ويو هو. ان کانسواءِ ڊسمبر 2023 ۾ غزه ۾ هڪ ڌماڪي ۾ ڏهه اسرائيلي سپاهي مارجي ويا هئا. هن حملي ۾ جيڪو بارود استعمال ٿيو هو اهو به اڳوڻي اسرائيلي ميزائيلن جو بارود هو. هڪ ٻي ڳالهه به هن سلسلي ۾ اهم آهي. ستين آڪٽوبر 2023 تي هڪ اسرائيلي ملٽري بيس جي ٻاهر مارجي ويل حماس گن مين مان هڪ هٿ گرنيڊ مليو. ان تي اسرائيلي ٻولي عبراني ۾ واضح طور تي ڪجهه لکيل هو. هي هڪ جديد بُلٽ پروف هٿ گرنيڊ هو جنهن کي يقينن ڪنهن اسرائيلي بيس مان ئي حماس فائٽرن ڪڍي، غزه اسمگل ڪيو هو. ان کان علاوه ست آڪٽوبر جي حملي ۾ اسرائيلي مارجي ويلن ۽ گرفتار اسرائيلي سان گڏ هڪ ٽين ڳالهه جو ذڪر توهان ٻڌو هوندو. اها شيءِ آهي اسرائيلي ھٿيار. ها ستين آڪٽوبر جي حملي ۾ حماس فائٽرن ڪافي تعداد ۾ اسرائيلي رائيفلون ۽ ٻيا ھٿيار به پاڻ سان کڻي ويا هئا. ماهرن مطابق اسرائيل هن وقت به غزه تي جيڪو بي پناھ اسلحو ڪيرائي رهيو آهي ان مان ڪيترائي بم ۽ ميزائيل ڦاٽي نه سگهيا. هي ھٿيار ايندڙ وقتن ۾ حماس يا ڪنهن به فلسطيني آزادي جي مسلح تحريڪ جي هٿ اچي سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن هي جنگ وڌيڪ سالن تائين هلي ته اهي ھٿيار اسرائيل جي خلاف به استعمال ٿي سگهن ٿا. اسرائيل ۽ حماس جي جنگ ساڍن ڇهن مهينن کان جاري آهي. فلسطين ۽ يوڪرين جي جنگ پوري دنيا کي سياسي ۽ معاشي جهٽڪا ڏيئي رهي آهي. آمريڪي صدارتي اليڪشن تائين هن کي تڪرار جي پاسي کان ڏٺو وڃي ٿو. هي ٻئي جنگيون ڪيئن بين الاقوامي گريٽ گيم کي هميشه لاءِ تبديل ڪري رهنديون؟
***