ڪنھن عرب شاعر لکيو آهي ته: “من لا يکرم نفسه لا يکرم” معنيٰ “جيڪو پنهنجي عزت نٿو ڪري ان جي عزت ڪير به نٿو ڪري.” سندس هي بصيرت ڀريل گفتو انساني رويي، نفسيات ۽ سماجي حيثيت جي وڏي حقيقت کي ظاهر ڪري ٿو. حقيقت ۾ جڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي عزت نٿو ڏئي. مطلب ته هو پنهنجي صلاحيتن، قابليتن، شخصيت ۽ جذبات جي قدر نٿو ڪري. اھڙي حالت ۾ ٻيا ماڻهو به کيس سنجيدگيءَ سان نه ڏسندا آهن. معاشرو انهن ماڻهن جي عزت ڪندو آهي جيڪي پاڻ کي عزت ڏيڻ ڄاڻن ٿا. آمريڪي ليکڪ روبرٽ ٽيو جو چوڻ آهي ته “پنهنجي پاڻ سان ايترو پيار ڪيو ۽ اهڙين شين کان پري هليا وڃو، جيڪي هاڻ اوهان جي واڌاري، سکيا يا خوشي لاءِ فائديمند نه رهيون آهن.” زندگيءَ ۾ عزت نفس (self-respect) هڪ اهڙو اهم عنصر آهي جيڪو انسان جي ذهني، جذباتي ۽ سماجي صحت لاءِ بنيادي اهميت رکندو آهي. جڏهن اسان پنهنجي عزت نفس کي اهميت ڏيندا آهيون ته اسان پنهنجي ذات سان محبت ۽ احترام جو رستو اختيار ڪندا آهيون، جيڪو زندگيءَ ۾ سڪون، اعتماد ۽ خوشحالي جو سبب بڻجي ٿو. عزت نفس صرف هڪ نفسياتي حالت ناهي، بلڪه اها انسان جي مجموعي صحت ۽ خوشحالي سان ڳنڍيل آهي. جڏهن اسان پنهنجي پاڻ کي عزت ڏيندا آهيون ته اسان پنهنجي جذبات، خيالن ۽ عملن ۾ توازن پيدا ڪندا آهيون. اهو توازن ٻين سان مثبت ۽ متوازن تعلقات قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. جڏهن اسان پنهنجو پاڻ کي عزت ڏيندا آهيون ته اسان ٻين کان به عزت ۽ احترام جي توقع رکندا آهيون، اهو عمل سماجي تعلقات ۾ بهتري جو سبب بڻجي ٿو.
اسان ڄاڻون ٿا ته زندگي هڪ ڊگهو سفر آهي، جتي خوشيون ۽ غم، اميد ۽ مايوسي، سڀ مرحلا ايندا آهن. هي سفر ڪڏهن هموار رستن تان گذرندو آهي ته ڪڏهن ڏکين موڙن تان، اهڙين حالتن ۾ انسان گهڻو ڪري ٿڪجي پوي ٿو، ٽٽي پوي ٿو، پر حقيقت اها آهي ته هر انسان جو سڀ کان وڏو سهارو ان جي پنهنجي ذات آهي. اهو سچ آهي ته ٻين کان مليل حوصلو عارضي هوندو آهي، پر مستقل بنيادن تي توهان کي پاڻ ۾ ئي پنهنجي طاقت بڻجڻ گهرجي. توهان جون تڪليفون، توهان جون خوشيون، توهان جا احساس، اهي سڀ توهان جا پنهنجا آهن، ڪو ٻيو انهن کي مڪمل طور سمجهي نٿو سگهي ۽ نه ئي هميشه توهان سان رهي سگهي ٿو. زندگي ڪڏهن به هڪ ئي رستي تي ناهي هلندي. رستا بدلجن ٿا، حالتون بدلجن ٿيون ۽ اسان کي هر موڙ تي پاڻ کي سنڀالڻ سکڻ گهرجي. ان ڪري سڀ کان پهرين پنهنجو پاڻ کي سمجهو، پاڻ کي سنواريو ۽ پنهنجي دل جو بهترين دوست پاڻ کي ئي بڻايو. پنهنجا همدرد پاڻ بڻجو. ٻين کي خوش ۽ عزت ڏيڻ بهتر آهي، پر پهرين اها خوشي ۽ عزت پهريان ماڻهو کي پنهنجي لاءِ سکڻ گهرجي. ياد رکو، ماڻهو ايندا آهن ۽ ويندا آهن. ڪجھه وقت لاءِ گڏ رهندا آهن، ڪجهه وقت لاءِ سهارو ڏيندا آهن، پر زندگي ڀر جو ساٿ صرف توهان جو پنهنجو آهي. پنهنجي ڏکن ۽ خوشين کي پنهنجي اندر ۾ محفوظ رکو ۽ پنهنجي پاڻ لاءِ مضبوط بڻجو. زندگي ۾ جنهن به مقام تي آهيو، اتان کان اڳتي وڌو. پاڻ کي قبول ڪريو، پاڻ کي سنڀاليو، پهريان پاڻ لاءِ جيئڻ سکو، پنهنجي تقدير جو پڻ فيصلو ڪريو، ها! ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن، جيڪي قدرت جي هٿ ۾ آهن جهڙوڪ: عزت، ذلت، رزق، زندگي موت وغيره، پر ڪائنات جي خالق جيتري توهان کي ڪرڻ طاقت ڏني آهي، اوترو ضرور ڪيو يعني توهان پنهنجي حصي جو ڪم ڪريو باقي قدرت ٿي ڇڏي ڏيو. باقي ماڻهن کي خوش رکڻ لاءِ پاڻ کي هيٺ ڪيرائڻ کان پاسو ڪريو. سنڌي ۾ چوڻي آهي ته “اهڙو سون ئي گهوريو، جيڪو ڪن ڇني” اسان ٻين کي خوش رکڻ لاءِ زندگي ۾ اهڙا ڪم به ڪري ويندا آهيون جنهن سان اسان جي عزت مجروح ٿي ويندي آهي ۽ اسان کي خبر ئي نه پوندي آهي. اسان ٻين جي خوشين خاطر استعمال ٿي ويندا آهيون ۽ پنهنجي عزت نفس کي وساري ڇڏيندا آهيون. اسلام ۾ به عزت نفس کي اهميت ڏني وئي آهي. حضرت علي عليه السلام جو قول آهي ته “پنهنجي غلطين جو تقدير تي الزام نه وجهو، ڇو ته تقدير به همت جي محتاج هوندي آهي.” حقيقت ۾ همت خود اعتمادي جي علامت آهي، جيڪو پنهنجو پاڻ سان عزت وارو سلوڪ ڪندو آهي، هو پاڻ تي ڀروسو ڪندو آهي. اهڙو ماڻهو ٻين تي ته سٺو اثر ڇڏي ٿو ان ڪري معاشري ۾ عزت حاصل ڪرڻ لاءِ پهرين پاڻ کي عزت ڏيڻ ضروري آهي. زندگيءَ ۾ جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته ماڻهو اوهان جي عزت ڪن ته ان لاءِ ضروري آهي ته توهان پاڻ کان شروعات ڪريو. پاڻ کي عزت ڏيو، پنهنجين حدن کي ڄاڻو، پنهنجين ڪاميابين تي فخر ڪريو ۽ پنهنجي خامين تي ڪم ڪريو. ڇو ته جيڪو ماڻهو پاڻ کي عزت نٿو ڏئي، دنيا به ان کي عزت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي هوندي.