ڪنھن عرب شاعر لکيو آهي ته: “من لا يکرم نفسه لا يکرم” معنيٰ “جيڪو پنهنجي عزت نٿو ڪري ان جي عزت ڪير به نٿو ڪري.” سندس هي بصيرت ڀريل گفتو انساني رويي، نفسيات ۽ سماجي حيثيت جي وڏي حقيقت کي ظاهر ڪري ٿو. حقيقت ۾ جڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي عزت نٿو ڏئي. مطلب ته هو پنهنجي صلاحيتن، قابليتن، شخصيت ۽ جذبات جي قدر نٿو ڪري. اھڙي حالت ۾ ٻيا ماڻهو به کيس سنجيدگيءَ سان نه ڏسندا آهن. معاشرو انهن ماڻهن جي عزت ڪندو آهي جيڪي پاڻ کي عزت ڏيڻ ڄاڻن ٿا. آمريڪي ليکڪ روبرٽ ٽيو جو چوڻ آهي ته “پنهنجي پاڻ سان ايترو پيار ڪيو ۽ اهڙين شين کان پري هليا وڃو، جيڪي هاڻ اوهان جي واڌاري، سکيا يا خوشي لاءِ فائديمند نه رهيون آهن.” زندگيءَ ۾ عزت نفس (self-respect) هڪ اهڙو اهم عنصر آهي جيڪو انسان جي ذهني، جذباتي ۽ سماجي صحت لاءِ بنيادي اهميت رکندو آهي. جڏهن اسان پنهنجي عزت نفس کي اهميت ڏيندا آهيون ته اسان پنهنجي ذات سان محبت ۽ احترام جو رستو اختيار ڪندا آهيون، جيڪو زندگيءَ ۾ سڪون، اعتماد ۽ خوشحالي جو سبب بڻجي ٿو. عزت نفس صرف هڪ نفسياتي حالت ناهي، بلڪه اها انسان جي مجموعي صحت ۽ خوشحالي سان ڳنڍيل آهي. جڏهن اسان پنهنجي پاڻ کي عزت ڏيندا آهيون ته اسان پنهنجي جذبات، خيالن ۽ عملن ۾ توازن پيدا ڪندا آهيون. اهو توازن ٻين سان مثبت ۽ متوازن تعلقات قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. جڏهن اسان پنهنجو پاڻ کي عزت ڏيندا آهيون ته اسان ٻين کان به عزت ۽ احترام جي توقع رکندا آهيون، اهو عمل سماجي تعلقات ۾ بهتري جو سبب بڻجي ٿو.