سنڌ جي تاريخ لکين سورھين وڏن وڏن عالمن سياستدانن انصاف پسند امن پرست انساني حقوق لاءِ پاڻ پتوڙيندڙن ۽ ھميشه ڪرپٽ سياستدانن ۽ بدعنوان آفيسرن کي دنيا جي سامھون وائکو ڪرڻ وارن سان ڀري پئي آهي. سنڌ ۾ چند ۽ اھم اھڙيون ھستيون آھن، جيڪي ڌرتيءَ جي سڃاڻپ بڻيل رھيون آھن. اھڙين عظيم ۽ با وقار ھستين ۾ شھيد سنڌ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صاحب به شمار ٿئي ٿو. شھيد سنڌ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جھڙي عظيم رتبي واري بالاتر شخصيت ڪا جھڙي تھڙي شخصيت ناھي جنھن کي مان پنھنجي لفظن ۾ سمائي سگھان. پاڻ تمام ڀلوڙ عالم دين ديني مدرس ۽ مظلوم عوام جو ساٿ ڏيڻ وارو وڏو عظيم رتبي وارو سياستدان ھو. مظلومن جي لاءِ اميد ۽ دشمنن جي لاءِ خوف دين ۽ ڌرتي جا دشمن سندس نالي کان ڏڪي ويندا ھئا. پاڻ سنڌ جي مختلف مسئلن جي لاءِ قومپرست پارٽين سان گڏجي تمام گهڻو سنڌ جي لاءِ عوام لاءِ خدمتون سرانجام ڏنائين جيڪي سنڌ جي تاريخ ۾ ڪڏھن به ڳجھيون ڪانه رھنديون. سندس زندگي ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راھ آھي.
پيدائش، تعليم ۽ بقايه زندگي:
سندس ولادت 7 مئي 1959ع خميس جي ڏينهن لاڙڪاڻي ويجھو ھڪ ڳوٺ ۾ ٿي. والد صاحب حضرت مولانا علي محمد حقاني سندن نالو خالد احمد رکيو. شروعاتي تعليم پنھنجي ئي عاقل ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين، پرائمري تعليم سان گڏوگڏ قرآن پاڪ جي تعليم به ڳوٺ مان حاصل ڪئي. پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ گورنمينٽ پائليٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتائين. معمول مطابق روزاني سڄو ڏينهن دنياوي تعليم مان فارغ ٿي شام جو پنھنجي ئي والد محترم کان ديني تعليم حاصل ڪندو رھيو. پاڻ تمام گھڻي ڌيان ۽ محنت سان ديني دنياوي ٻئي تعليمون حاصل به ڪيائين ۽ ان سان گڏ پنھنجي والد محترم جي سرپرستيءَ ۾ ولوله جوش ۽ جذبي واري تقرير سکي. ننڍپڻ ۾ مفڪر اسلام حضرت مولانا مفتي محمود بي انداز بھترين تقرير ٻڌي ڪري سندن نالو خالد `احمد` ھٽائي خالد محمود رکيو ۽ سندن دعا ڏني ته الله پاڪ توکي محمود بڻائيندو (يعني ھرھڪ تنھنجي ساراھ تعريف ڪندو) تڏھن کان شھيد سنڌ تي نالو خالد محمود بڻجي ويو ۽ حقيقت ۾ سڄي دنيا سندس حال حيات ۾ تعريف ڪئي سندن شھادت کانپوءِ به پوري دنيا تعريف واکاڻ ڪئي اڃان ڪري ٿي ۽ انشاءَالله اڳتي به ڪندي رھندي جو ھن مرد مجاھد مرد قلندر ڪفر کي للڪاريو ۽ ظالمن جابرن لٽيرن سردارن نوابن جي آڏو حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪندو رھيو. درس نظامي جي مڪمل تعليم پنھنجي والد محترم ۽ ٻين نامور عالمن کان حاصل ڪري باقاعده بھترين قابليت سان وفاق المدارس جا امتحان ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي. ديني تعليم سان گڏ دنياوي تعليم حاصل ڪرڻ تي به ڌيان رکي ڪري چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان ايم بي بي ايس (MBBS) جو امتحان پاس ڪيو. پاڻ مصر جي ڪنھن وڏي اداري ۾ ڪليتہ الشريعه ۾ تقابل اديان ڪورس ڪيو. جتي سڄي يونيورسٽيءَ ۾ پنھنجي محنت ۽ لڳن سان پھرين پوزيشن حاصل ڪئي، جتان کيس ڊگري ڏني وئي. بعد ۾ پنھنجي ملڪ واپس اچڻ کانپوءِ اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي زير اهتمام دعوت اڪيڊمي اسلام آباد مان تربيت ائمہ ڪورس ڪيو. اتي به پاڻ سڄي يونيورسٽيءَ ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪئي. يونيورسٽيءَ پاران انعام ۾ عمري جي ٽڪيٽ ڏني پاڻ تڏھن عمرو ڪيو. وري بعد ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو. پاڻ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ داخلا ورتائين ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ اسلامڪ اسٽڊيز ۾ ماسٽرز ڊگري ڪئي. بعد ۾ کيس سرڪاري نوڪريءَ جو شوق پيدا ٿيو ۽ نيٺ جناح اسپتال ڪراچي ۾ نوڪريءَ جو آرڊر مليو. جنھن تي پاڻ ڏاڍو خوش ٿيا، پر سندن والد محترم حضرت مولانا علي محمد حقاني نوڪري ڪرڻ جي اجازت نه ڏني. پاڻ سنڌ جي نوجوانن جو ھڪ ئي سگھارو آواز ھو سندن خيال ھو ته تعليم ئي سنڌ جي نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي ڪنجي آهي. سندس ڪوشش سان سنڌ ۾ صحت جون سهولتون بھتر ٿيون. ڊاڪٽر صاحب سماجي انصاف لاءِ آواز اٿاريندڙ ظلم ۽ جبر جي خلاف وڙھندڙ ھو ھن سماج جي پسمانده ۽ مظلوم طبقن جي حقن جو دفاع بھترين نموني سان ڪيو. انساني حقن جو سخت حامي ھو ۽ سنڌ ۾ اقليتي برادرين عورتن ۽ ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪندو رھيو. شھيد سنڌ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صاحب سنڌ ۾ ھم آھنگي ۽ رواداريءَ کي فروغ ڏنو مختلف مذھبي برادرين جي وچ ۾ گڏجي رھڻ جي ثقافت کي فروغ ڏنو پاڻ سنڌ جي ثقافتي ورثي کي بچائڻ لاءِ تمام گھڻي محنت ۽ ڪم ڪيو.
شهيد سنڌ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جون سنڌ لاءِ ڪيل خدمتون سندس صوبي ۽ عوام سان محبت جو روشن مثال آهن. سندس ورثو ايندڙ نسلن کي متاثر ڪندو رهي ٿو ۽ تعليم، صحت، سماجي انصاف، انساني حقن، مذهبي هم آهنگي ۽ ثقافتي تحفظ لاءِ سندس ڪيل خدمتون سنڌ لاءِ اميد جي ڪرن بڻيل آهن. شھيد سنڌ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو رح جي زندگي جو فلسفو انسانيت علم ۽ انصاف لاءِ سندس لازوال جذبي جو ثبوت ھو. سندس عقيده ھميشه نسلن کي متاثر ڪندا رھندا. پاڻ ايمان ۽ روحانيت جي طاقت تي مڪمل يقين ڀروسو رکندا ھئا. شھيد سنڌ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صاحب جي زندگي جو فلسفو بامقصد زندگي گذارڻ لاءِ ڪارگر ھدايت پيش ڪري ٿو. سندس جي ورثي ماڻھن کي علم انصاف رحم ۽ بي لوث خدمت کي قبول ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪرڻ جاري رکي ٿي. شھيد سنڌ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صاحب رح جي زندگيءَ مان اسان کي ڪيترائي سبق ملن ٿا. پاڻ پنھنجي عقيدن ۽ قدرن سان وابستگي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جي باوجود به قائم رھي. پاڻ بي خوفيءَ سان ناانصافي خلاف آواز اٿاريو ٻين کي به ائين ڪرڻ جي ترغيب ڏني ۽ سندس علم سکڻ ۽ ورھائڻ جو شوق ايندڙ نسلن کي متاثر ڪندو رھندو. سماج جي بھتري لاءِ سندس اڻٿڪ محنت دنيا لاءِ روشني آھي ۽ سندس زندگي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ ثابت قدمي جي طاقت جو مثال آھي. سندس سالميت رحم ۽ عاجزي قيادت ۽ ذاتي ڪردار لاءِ ھڪ اعليٰ معيار مقرر ڪيو. سندس اثر ماڻھن کي ھڪ بھتر دنيا لاءِ جدوجھد جي ترغيب ڏئي ٿو. ۽ زندگي جرئت علم ۽ بي لوث خدمت جي صلاحيت جي ھڪ طاقتور ياد ڏياري ٿي. ڊاڪٽر خالد محمود سومرو رح ۽ بشير خان قريشي ٻئي سنڌ جون اهم شخصيتون هيون. جن کي سنڌ جي عوام لاءِ ڪيل خدمتن جي عيوض شھيد ڪيو ويو. ٻئي اڳواڻ سنڌ ۽ ان جي عوام جي حقن لاءِ پنهنجي بهادري، بي غرضيءَ ۽ لڳن جي ڪري مشهور هئا. انهن جي شهادت سنڌ جي عوام تي هڪ نه ختم ٿيندڙ اثر ڇڏيو آهي ۽ انهن کي هيرو ڪري ياد ڪيو ويندو آهي جن پنهنجي صوبي جي حقن ۽ وقار لاءِ پنھنجي سڄي زندگي جدوجهد ڪئي. پاڻ ھميشه ماڻھن ۽ برادرين کي ھدايت جي صلاح ڏني. نوجوانن کي پنھنجي عقيدي ۽ ثقافتي ورثي کي اپنائڻ جي ترغيب ڏني. ھميشه اسلام جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ دعوت جي ڪوششن ۾ مشغول ھوندا ھئا. ڊاڪٽر صاحب رح جون ديني خدمتون سندس شفقت ڏاھپ ۽ امن انصاف ۽ ھم آھنگي کي فروغ ڏيڻ جي عزم سان نمايان آهن. پاڻ ھڪ معزز ۽ محبوب اڳواڻ ھئا. جن پنھنجي ڪميونٽي تي دائمي اثر ڇڏيو. خطابت جو ميدان ھجي يا سياسي ميدان ھجي يا علمي ميدان ھجي پاڻ حق سچ واضح ڪري بيان ڪندا ھئا. سامھون ڪھڙي به وڏي طاقتور شخصيت سردار ھجي يا ڪو ڀوتار پر ڊاڪٽر صاحب رح پنھنجو موقف ھميشه چٽو پيش ڪندا هئا. سندس موقف مظلوم طبقي جي حقن لاءِ ھو. ظالم سان بغاوت ھر مظلوم جي حمايت ھميشه ڪندا رھيا. زندگي جو ھر لمحو بھادري سان گذاريو. سندس دل ۾ خوف صرف خدا جو ھو. باقي دنيا جي ڪابه طاقت سندس خوف ڏياري نه سگھي. مختلف حملن ٿيڻ جي باوجود ھميشه ثابت قدم رھيا. پنھنجي مشن تي قائم رھيا. اھي حملا به سندس موقف کي ختم نه ڪري سگھيا پاڻ ھميشه پنھنجي ھم مشن ساٿين کي ڪارڪنن کي ٻين مظلوم عوام کي بھادري ۽ دليري جو سبق ڏيندا رھيا. ھر سنڌيءَ جي دل تي راڄ ڪندڙ شھيد سنڌ رح حيثيت تي بادشاھيءَ واري ھئي، پر ھميشه فقيريءَ واري زندگي گذاري ھميشه لاءِ امر ٿي ويا. سنڌ ۾ فرقيواراڻه فسادن کي ٽوڙڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.
جماعت جمعيت علماءِ اسلام جي پليٽ فارم تان اليڪشن وڙهڻ کانپوءِ 2006ع کان 2012ع تائين سينيٽ ۾ سنڌ جي حقن لاءِ وڙهندو رهيو. پاڻ سنڌ جي ورھاڱي جي خلاف ھو. جاگيرداري نظام جي خاتمي جو حامي هو. اسلام جي بالادستي لاءِ ھميشه وڙھندو رھيو. سندس والد محترم حضرت مولانا علي محمد حقاني رح لاڙڪاڻي ۾ ھڪ وڏو مدرسو قائم ڪيو. ان مدرسي جي به پاڻ ھميشه سرپرستي ڪندا آيا جنھن مان کوڙ سارا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون علماءِ اڪرام ۽ حفاظ عظام جو مڪمل ڪورس ڪري فارغ التحصيل ٿيا. جيڪي بعد ۾ نه صرف سنڌ ۾ بلڪه ان کان ٻاھر به دين جو پيغام پھچائي رھيا آھن. سندس شھادت کانپوءِ فرزندن مشن کي جاري رکندي مدرسي کي اعليٰ طريقي سان سنڀالي رھيا آھن ۽ ماشاءَالله ڪم ڪري ڏيکاريو آھي. جنھن جي جڳ ساراھ ڪري ٿو. سينيٽ جي ميمبر جي حيثيت سان 2006ع کان 2012ع تائين ڪافي تحريڪون پيش ڪيون جنھن ۾ تعليم ۽ صحت جي بجيٽ کي وڌيڪ ڪرڻ سنڌي ٻوليءَ سميت ٻين علائقائي ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ ڪالا باغ ڊيم نه ٺاهڻ جو ٺھراءُ جيڪي شرعي دلائل سينيٽ ۾ پيش ڪيا جنھن ۾ وقت جي نامور عالمن متفق ٿي فتوائون ڏنيون اردو ٻوليءَ کي گفتگو جي ٻولي ۽ خط و ڪتابت جي ٻولي قرار ڏيڻ عربي ٻولي لازمي ۽ انگريزي کي اختياري مضمون رکڻ جمعي جي موڪل بحال ڪرڻ شراب ۽ شراب جي اڏن تي پابندي قدرتي وسيلن تي صوبي جا حق مڃائڻ پي آءِ اي، ريلوي، اسٽيل مل مان ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻ سندس ديني خدمتون تمام گھڻيون سرانجام ڏنائين. پاڻ جمعيت علماءِ اسلام صوبي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري به رھيا جيڪا ھاڻي ذميواري سندس فرزند قائد سنڌ علامه راشد محمود سومرو صاحب تي آھي، جيڪو شھيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صاحب رح وانگر جمعيت علماءِ اسلام ۽ سنڌي قوم لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندي نظر اچي ٿو. سندس ڪيل ڪمن کي سنڌي ماڻھو ساراھ ڀري نگاهن سان ڏسن ٿا. شھيد سنڌ جماعت سان زندگيءَ جي آخري ساھ تائين وفا ڪئي پنھنجي جماعت سان پنھنجو عشق شھادت جي ڀاڪر ۾ ڀرجڻ تائين نڀايو شھيد سنڌ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صاحب رح سينيٽ جي اجلاسن ۾ سنڌ جي حقن بابت ڀرپور ڳالھايو ۽ سنڌ جي حقيقي نمائندگي جو حق ادا ڪيو. جمعيت علماءِ اسلام ۽ سنڌ جي فلاح ۽ بهبود لاءِ جيڪي قدم کنيا اھي تاريخ جو حصو بڻيل آهن جيڪا ڪڏھن به ڳجھي ڪانه رھندي شھيد سنڌ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صاحب رح کي مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ مليا 50 کان وڌيڪ سرڪاري ۽ غير سرڪاري اعزازن سرٽيفڪيٽن ۽ ڊگرين سان نوازيو ويو. پاڻ پنھنجي سڄي زندگي سنڌ جي لاءِ ملڪ جي لاءِ دين ۽ اسلام جي لاءِ جدوجهد ۾ گذاري عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ بي لوث خدمتون سرانجام ڏنائين. سندس ڪيل مظلوم عوام لاءِ خدمتن جي عيوض 29 نومبر 2014ع تي ظالمن صبح جو فجر نماز جي سنت ادا ڪندي سجدي ۾ گولين جو نشانو بڻائي شھيد ڪري ڇڏيو، پاڻ ھميشه لاءِ امر ٿي ويا. ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صاحب رح جي شھادت کانپوءِ سندس فرزندن سندس جي ورثي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو. والد محترم جي شھادت جھڙي سانحي جي باوجود به ھو پنھنجي والد جي نظريي تي ثابت قدم رھيا. سندس فرزند قائد سنڌ علامه راشد محمود سومرو صاحب جيڪو جماعت جو عھدو سنڀالي سنڌ ۽ ان جي عوام جي حقن لاءِ آواز اٿاريندو رھيو آھي. ناانصافي ۽ ظلم جي خلاف احتجاج ۽ ريليون منظم ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آهي.
علامه ناصر محمود سومرو صاحب جيڪو جامعه اسلاميه اشاعت القرآن مدرسه جا مھتمم اعليٰ آھن. ان کان علاوه به کوڙ ساريون ذميواريون سرانجام ڏئي رهيا آهن. سندس ٻين فرزندن به والد محترم جي مشن کي جاري رکيو آھي. انھن جي ڪوششن کي سنڌ جي عوام تسليم ڪري ساراهيو آهي. ڊاڪٽر خالد محمود سومرو رح جي فرزندن پنھنجي بابي جي مشن کي پوري لڳن ۽ جذبي سان جاري رکندي پاڻ کي سندس ورثي جا لائق جانشين ثابت ڪيو آهي. جڏھن کان شھيد سنڌ رح جي فرزندن مشن کي سنڀاليو آهي جڏھن به سنڌ ڌرتيءَ لاءِ يا سنڌ ڌرتيءَ جي ماروئڙن جي خدمت لاءِ ڪو ڪارنامون سرانجام ڏين ٿا جنهن جي بدولت سنڌ جا ماروئڙا جيئن ۾ جايون ڏين ٿا. دودي سومري وانگر دلير جرئتمند قومپرست مذھبي جماعت جي اڳواڻ ۽ رھبر سنڌ شھيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صاحب رح جي شھادت کانپوءِ ھر سال سندس ياد ملھائڻ لاءِ پروگرام ٿيندو آهي. ڊاڪٽر صاحب رح کي سنڌ جو ڪوبه غيرتمند سنڌي اڄ تائين وساري ناھي سگھيو. ڊاڪٽر صاحب رح جي عظمت کي سلام جنھن سنڌ جو ڪيس ايمانداري سان وڙھيو. پاڻ ڌرتيءَ لاءِ کوڙ ساريون قربانيون ڏنيون شھيد سنڌ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صاحب رح جي شھادت کي سرخ سلام.