نئون

ملڪ ۾ ڊيم ٺاهڻ سان انڊس ڊيلٽا خالي ٿي ويندو، ماهر

ماحولياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته ملڪ اندر وڌيڪ ڊيم ٺهڻ جي صورت ۾ انڊس ڊيلٽا خالي ٿي ويندو. ڊيم جي جاءِ تي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ، بچاءُ ۽ ايريگيشن لاءِ بهتر قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هنن اهي ڳالهيون هڪ مقامي اين جي او پاران ڪرايل سيمينار ۾ ڪيون. ايريگيشن جي سيڪريٽري جمال مصطفيٰ سيد چيو ته ملڪ اندر هڪ ڊيم به ٺهيو ته انڊس ڊيلٽا خالي پيل ڊيلٽا بڻجي ويندو، جنهن جا اثر واضح نظر اچي رهيا آهن. پاڻي جي گهٽائي هن سال فصل لاءِ پورو پاڻي نه ملڻ سان ظاهر ٿئي ٿو ته ڊيلٽا لاءِ خراب صورتحال اچڻ واري آهي. ماهرن چيو ته ملڪ اندر پاڻي MAF 50 آهي جنهن مان پنجاب MAF 35 پاڻي کڻي وڃي ٿو ۽ باقي پاڻي ٽن صوبن کي ملي ٿو جنهن سان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته ڊيم مسئلي جو حل نه آهن جڏهن ته پاڻي جي ورڇ کي بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي، جنهن سان اسان ملڪ اندر پاڻي جي گهٽتائي کي منهن ڏيئي سگهنداسين. سيمينار ۾ ڳالهائيندي ماحولياتي ماهر عمر ڪريم چيو ته اسان کي زمين اندر موجود پاڻي کي بهتر انداز ۾ استعمال لاءِ به ڪم ڪرڻ گهرجي.