نئون

آءِ ايم ايف پاران بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافي جو مطالبو

آءِ ايم ايف پاران موڪليل وفد پنهنجي دوري دوران ملڪي معاشي حالت کي سڌارڻ لاءِ بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ اضافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ان کان علاوه وفد چيو آهي ته هن وقت ملڪ ۾ ٻاهرين سيڙپ ڪاري آڻڻ جي به وڏي ضرورت آهي، جنهن سان ملڪ جي معاشي صورتحال بهتر ڪرڻ ۽ ان کي برقرار رکڻ ۾ مدد ملندي. واضح رهي ته هيرلڊ فنگر جي اڳواڻي ۾ آءِ ايم ايف جو وفد 27 سيپٽمبر کان 4 آڪٽوبر تائين پاڪستان جي دوري تي آيو هو جنهن  وفد ملڪي معاشي صورتحال کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪجهه صلاحون ڏنيون هيون. دوري جي افتتاح تي هيرلڊ فنگر جو چوڻ هو ته ملڪ کي هن وقت سخت معاشي صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جنهن ۾ مالي خسارو ، ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ گهٽتائي ۽ ٻاهرين سيڙپ ڪاري ۾ گهٽتائي شامل آهي. وفد مطابق انهن حالتن جو سبب ايڪسچينج ريٽ جو وڌيل هجڻ، غير معاري مالياتي پاليسي ۽ اڪوموڊيٽِوِ مانيٽري پاليسي آهن. اهڙي صوتحال مان نڪرڻ لاءِ وفد پاران مطالبو ڪيو ويو ته ملڪ اندر بجلي ۽ گيس جي قيمتن کي وڌايو وڃي جيئن ملڪي معاشي صورتحال بهتر ٿي سگهي. ان کان علاوه وڌيڪ ڪجهه قدم جن ۾ اسٽيٽ بينڪ جي خود مختياري وڌائڻ، مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي امداد کي روڪڻ ۽ انهن خلاف وڌيڪ ڪارروايون ڪرڻ ۽ ڪاروباري سرگمين ۾ بهتري آڻڻ شامل آهي.