ادبنئون

ڪهاڻي: سَتِ ڀرائي

ڪهاڻيڪار: احمد نديم قاسمي
جڏهن هوءَ پيدا ٿي تڏهن سندس پڦي ٻاهر آهستي ۽ اچي افسوس سان ڀاءُ عبدالله کي چوڻ لڳي”ڌيءَ پيدا ٿي آهي“ عبدالله واپس ورائي پڇيس ”ڌيءَ؟“ ڀيڻس منهن لاهي وري ٻيهر ننڍي آواز سان چوڻ لڳي ”ها! ڌيءَ“ عبدالله هڪدم ڀيڻ تي پهرين اکيون ڪڍي ڪاوڙ سان نهاريو، پر پوءِ وڏيءَ ڀيڻ هئڻ جو احساس ڪندي کيس چوڻ لڳو، ”جيڪڏهن تون منهنجي وڏي ڀيڻ نه هجين ها ته توکي ٻڌايان ها! ڇا ڌيءَ ڪو عيب آهي جو ايترو ڏک سان ٿي ٻڌائين! هيءَ ته منهنجي بختاور نياڻي آهي. آئون هن کي ستن ڀائرن جي ڀيڻ سمجهان ٿو. ڇا هن جو نالو ”ست ڀرائي“ نه رکون؟ ڀيڻ خوشيءَ ۾ رڙ ڪندي چوڻ لڳي ”واهه منهنجا وير ڇو نه رکون چنڊ جو ٽڪرو آيو آهي گهر ۾! ڇا ته اکيون اٿس ڇا ته سونهن اٿس!!“
در حقيقت هن جي پڦيءَ جيڪو سندس نقشو چٽيو اهو ته هڪڙو هلڪو ڦلڪو خاڪو هو سَت ڀَرائيءَ کي ته رب ٻنهي هٿن سان وڏي پيار سان ٺاهيو، ايئن ئي ڄڻ ڌڻيءَ سڳوري پنهنجي حسن ڪاريءَ جي صناعي تي ڪو الزام نه کڻڻ چاهيو هجي. ايڏي سهڻي، ايڏي ڳوري ڄڻ ميدي ۾ ڳوهيل مٽيءَ جي ٺهيل هجي. ماڻس ۽ پڻس ته مٿس ساهه پيا ڇڏيندا هئا، اڪيلو اولاد جو  هئي ۽ وڏيءَ سِڪَ ۽ دُعائن سان هن ڌرتيءَ تي آئي هئي. پڦي ته ٽن سالن ۾ فوت ٿي وئي، ٻيو ڪو به مٽ مائيٽ ڪونه هو ۽ نه ئي ڪو ست ڀرائيءَ جي ناناڻن مان ڪير ويجهو هو، هڪڙي ڌيءَ مائيٽن جي اک جو تارو هئي. هو انهيءَ کي پاڻ کان پري ڪرڻ جو ته سوچي به ڪو نه ٿي سگهيا. ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان پالي وڏو ڪيائون.
هڪ دفعي هوءَ بيمار ٿي ته ڄڻ عبدالله ۽ نيامت چريا ٿي پيا هاشم حڪيم کي چون، ”اسان وٽ جيڪا ملڪيت آهي هن پل لکائي کڻ، پر ڇوڪري چڱي ڀلي ڪري ڏي“ حڪيم کين سمجهائيندي چوڻ لڳو، ”ايترو به چريا نه ٿيو موت بر حق آهي، پر ست ڀرائيءَ کي ڪجهه ڪونه ٿيندو ڌيءَ کي پنهنجو ڇپر ۽ ڇانءُ نه سمجهو هاڻي شادي ڪرايوس. شادي به هڪ قسم جو موت/جدائي آهي، توهان کي صبر اچي ويندو“. عبدالله جو وس نٿي پڳو ته حڪيم کي ڪچو کائي وڃي يا مٿو ڦاڙي ڇڏيس، پر فقط نياڻيءَ جي علاج خاطر چپ ٿي ويو. نيامت ته روئي روئي حڪيم جي پيرن تي ڪري پئي آخرڪار گهڻن ڏينهن جي علاج سان بخار جو زور ٽٽو ۽ ڇوڪري نوبني ٿي وئي، بلڪه ايتري ته صحتمند ٿي وئي جو ڄڻ ڳلن مان خون ٿي ٻاهر آيس. مٿس اهڙي جواني آئي جيڪو هڪ دفعو ڏانهس ڏسندو هو ته دنگ رهجي ويندو هو.
ست ڀرائيءَ جي اٿ ويهه ۾ پڻ جوانيءَ جي مستي اچڻ لڳي. ٻهارو ڪڍندي جهونگاريندي هئي، پاڙي ۾ به شهاب خاتون سان سنگت اهڙي مضبوط ڪري ڇڏيائين جو اڌ اڌ ڏينهن سندس ئي گهر ويٺي هوندي هئي. هڪ ڏينهن ته حد ڪري ڇڏيائين صبح جي ويئي ته شام جو واپس آئي، ماڻس کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي عبدالله کي چيائين ”نياڻين کي پيار ڏبو، پر پنهنجي عزت هٿ ۾ ڪونه ڏبي“. عبدالله کي به ڳالهه صحيح لڳي جيئن ئي سج لٿي ٽاڻي ست ڀرائي گهر ۾ داخل ٿي ماڻس مٿس ڏاڪا ٻڌي چڙهي وئي.
”هيءُ ڪو ٽاڻو آهي جوان جماڻ ڌين جي گهر اچڻ جو؟“
”ڀِت ڀر واري گهر ۾ ئي ته هيس“، ست ڀرائي وضاحت ڏيندي لاڏ سان چيو، پر ماڻس به سڱن تي کنيس، پيءُ ڏي ڏٺائين هن به جوڻس جو ساٿ ڏيندي کڻي منهن ورائي ٻئي پاسي ڪيو. هن کڻي روئڻ شروع ڪيو. نيامت وڌيڪ دڙڪا ڏيندي چوڻ لڳي ته ”پاڙي ۾ وڃڻ جي به ڪا ريت هوندي آهي، تنهنجا ٽهڪ هتي پيا ٻڌجن ڪلاڪن جا ڪلاڪ وات ڦاڙي پرائي گهر پيئي ٽهڪ ڏينئين ۽ ڀلي چادر مٿي تان لهي وڃي، ڇاتيءَ تان چُني لهي وڃي، آئون ڇت تان سڄو تماشو ڏسي ويٺي آهيان. ڀلي پئي رو، اڄ توکي ڪير ڪونه سرچائيندو“ جن هٿن سان توکي مکڻ کارايو اٿم انهن سان توکي گهٽو ڏيئي پورو به ڪري سگهان ٿي…“
عبدالله اٿي زال کي آهستگيءَ سان چيو، ”هڪ ئي وقت ۾ ايترو نه چوينس جو باغي ٿي پوي“ ست ڀرائي مستقل روئندي رهي عبدالله به کيس سمجهايو، پر هن جي ساڳي ڳالهه ته ”شابي منهنجي ساهيڙي آهي“ ماڻس ٻن ڏينهن کانپوءِ وري ساڳيو سُر کنيو ته ”شابيءَ جي گهر ٻن مهينن کان پڦڙ آيل آهي. جوان جماڻ تون اُتي ويندين، توتي ڳالهيون ٺهنديون“ وقتي طور ته موقعي جي نزاڪت ڏسي ڀرائي چپ ٿي وئي.
هڪ ڏينهن شابي ڀت تان چڙهي نيامت کي سوال ڪيو ته ”اسان جو ٻوڙ سڙي ويو آهي گهر ۾ آچار هجي ته ڏجو“  نيامت جي به پاڙي لاءِ دِل وڏي هئي، هڪدم جهجهو سارو آچار ڪڍي ڪرسي رکي کيس ڀت تان ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر سندس هٿ شابيءَ تائين ڪونه پهتو ست ڀرائيءَ چيس ”آئون ڏيئي اچان“ سمجهيائين خير آهي سو کيس موڪل ڏنائين وري به ساڳي ڳالهه ٿي ست ڀرائي آچار ڏيڻ منجهند جو وئي شام جو واپس موٽي.
نيامت اهي سڀ ڳالهيون ڏسي ڪيترين رشتي ڪرائڻ وارين تي ڪم رکي ڇڏيو هو، هاڻي ته گهر ۾ اچ وڃ لڳي پئي هئي، وري به ويهاري ڌيءَ کي سمجهايائين ته ”عورتون توکي ڏسڻ اينديون گهر جهلي ويهه“ به ڇوڪري روئي روئي بيهوش ٿي وئي، ماءُ سمجهيو شادي ٿيڻ سان جدائيءَ ڪاڻ ٿي روئي مطلب ڳالهه آئي وئي ٿي وئي.
هڪ هنڌ جي سڱاوندي قبول ڪندي، ٻنهي زال مڙس بورچيخاني ۾ ئي ويهي تاريخ مقرر ڪري مٿين چنڊ تي سندس شاديءَ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، پوءِ ته ڳائڻ وڄائڻ واريون مايون روز اچڻ لڳيون، عبدالله پڻ حيثيت وارو هو ته ڌيءَ به هڪڙي ئي، کيس خوب ڪوڏ ڪرڻا هئا. فقط اَرهي هئي ته ست ڀرائي جا هر وقت ميرن ڪپڙن ۾ هتي هُتي پئي هلندي هئي جي ٿوري دير شابي ايندي هئي ته سندس منهن تي مرُڪ ايندي هئي نه ته ماٺ، هاڻي ته ماڻس شابيءَ جي اچڻ تي اعتراض ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو جو شاديءَ جا ڏينهن ٻڌي هن پنهنجي حساب سان ته ڪم پڪو ڪري ڇڏيو هو.
ان ڏينهن شام جو گهر ۾ ڳائڻ واريون عورتون آيون، ڪافي رونق لڳل هئي، شابي پنهنجون ٻيون به ٻه سهيليون وٺي آئي، رات جو سڀ دير سان واندا ٿيا صبح جو عبدالله ننڊ مان اُٿي ڏٺو ته ست ڀرائيءَ جو بسترو خالي هو زال کان پڇيائين، هُن شابيءَ جي گهران پڇا ڪئي ته اُتي به ڪونه هئي. عبدالله کيس گهر جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳولهيندي سَڏ ڪندي پلنگ هيٺ ڏسڻ لڳو، جوڻس چيس، ”ڌيءَ ٿو ڳولهين يا سُئي ٿو ڳولهين“
”پر آخر وئي ڪيڏانهن؟“ عبدالله روئڻهارڪي آواز ۾ چوڻ لڳو شام تائين ٻئي زال مڙس پاڻي پي پي ساڻا ٿي پيا، نه ڪي گهر ۾ رڌو نه پڪو کين ڪو به هوش ڪونه هو.
ڪيترن ڏينهن تائين ڪا به خبر ڪانه پئي، آخر هڪ ڏينهن عبدالله جي نالي تي هڪ خط آيو، جيڪو حڪيم هاشم کين پڙهي ٻڌايو. جنهن جي مضمون مطابق ست ڀرائيءَ  لکيو هو ته ”هن شابيءَ جي پڦڙ سان پنهنجي پسند سان نڪاح ڪيو آهي، کيس معاف ڪيو وڃي، اولاد کان غلطيون ٿينديون آهن، باقي جي اجازت ڏيندا ته ملڻ اچي وينديس“
نيامت رڙيون ڪندي چيو، ”ڪُتي رَن، حرامزادي، هاڻي سَرا ۾ سچي ٿي ٿيئي شرم نٿو اچيس اهو سڀ لکرائيندي ٻڏي وڃي مري ڪهڙو اوڙي پاڙي ۾ عزت رکائي اٿس“.
رات جو هو ٻئي ست ڀرائيءَ جو ڏاجو ڪڍي ڪپڙا، جتيون ۽ ٻيو سامان ڏسي روئيندا رهيا. ماڻس سڄا الزام شابيءَ سان سنگت تي هنيا. ڏينهن گذرندا ويا. نيامت هڪ رات جو پڇڻ لڳي، ”ٻڌ! هيستائين ست ڀرائيءَ جا ڪيترا خط آيا آهن.
”چار“
”پوءِ هڪ خط پاڻ پڻ لکون؟“
”ڪهڙو خط؟ ڇا لکون؟
”ته اسان توکي بخش ڪيو!“
”چري ته ڪونه ٿي آهين ڌيءَ جو اگهاڙو ٿيڻ به ڀلا ڪير بخشي سگهي ٿو. جي پاڻ بخشينداسين به ته دنيا ڪونه معاف ڪندي، سمهي رهه“
هڪ ڏينهن انهن کي هڪ نئون خط مليو، جنهن جو مضمون هو ته ”اوهان کي ٻڌي خوشي ٿيندي ته توهين نانا ٿي ويا آهيو، اوهان کي جام مبارڪون هجن، پيرن هٿ“ اوهان جي ڌيءَ
ان ڏينهن نيامت سڄو ڏينهن جنڊ پيسِيو ته عبدالله پوري هفتي جي تماڪ حقي ۾ ڀري هڪ ئي ڏينهن ۾ ڇڪي ويو، کين سمجهه ۾ نه اچي ته ڇا ڪريون؟
عبدالله ٻئي ڏينهن شهر ويو ته ڪافي سامان وٺي آيو. نيامت کان لڪائي، کٽ جي پويان رکيائين هن به کولي جو ڏٺو ته ننڍي ٻار جي واسڪوٽ، رانديڪا، جتي، ٽوپي ۽ پهراڻ ڏسي اکيون آليون ٿي ويس. کِلي چوڻ لڳي، ”ڀلي وٺي آئين“ ڏيئي نٿا سگهون وٺي ته دِل وندرائي ته سگهون ٿا. آخر ڏُهٽو جو ڄائو آهي“ پوءِ ٻئي کِلي کِلي  کيرا ٿي پيا.
صبح جو نيامت ڪيتريون پيتيون کولي ست ڀرائيءَ جي ڏاجي جا ڪمخواب ۽ بروڪيڊ جا ڪپڙا، ريشمي کيس، ڪمبل، چوڙيون ۽ ٻيا زيور ڪڍي ٻه پيتيون ڀريون. ٿوريءَ دير ۾ ٻئي ٽانگو ڪري ان ڳوٺ لاءِ روانا ٿيا جتان کين ست ڀرائيءَ جا خط آيا هئا.
***