ٽنڊوالهيار ضلعي جي اھم تعلقي چمبڙ ۾ قائم يونين ڪائونسل داد خان جروار جي ھڪ وسندي ۾ جوڳي جئيرام جي ڪاوشن، انساني خدمت ۽ علم جي روشني جي حاصلات وارن نيڪ جذبن سان ڳوٺ جي تعليم يافتا نياڻي پارس مھراڻي جي تعاون سان قائم ڪيل جنت پرائمري اسڪول ڳوٺ جئيرام جوڳي پنهنجي مدد پاڻ تحت غريب مسڪين ٻارڙن کي علم جي روشنيءَ سان سنوارڻ ۽ سينگھارڻ لاءِ جاکوڙ ڪندا اچن. ڀلي ساڻن ڪو سرنديءَ وارو يا تعليم کاتو ضلعو ٽنڊوالهيار مناسب تعاون نه ڪري، پر هن اسڪول جي انتظاميا جي خدمت ڀرين جوش ۽ جذبن سان اسڪول ماشاءَ الله پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي طرف وڌندي (ڇوڪرن/ڇوڪرين کي) تعليم فراھم ڪندي ڏسجي ٿو. ھن ڏس ۾ جنت پرائمري اسڪول جي ماسترياڻي پاران اسڪول جي سرڪاري سطح تي ڪوڊ جي منظوري، عمارت، استادن جو عملو، فرنيچر ۽ ڪتابن وعيره لاءِ ڀڄ ڊوڙ واريون ڪوششون ڏسي کين جس ڏني وڃي ٿي. ھن ساٿ ۾ اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر سليم الله اوڍو صاحب جو تعاون ۽ سندن توجهه سبب اسڪول جي ضرورتن لاءِ بهتري ٿي. ھن صاحب، اسڪول ڏيڻ واسطي تاريخ 24.5.2024 تي ليٽر جاري ڪيو ھو، ان مطابق اڳڀرائي ٿيندي ته آسانيون ٿينديون. پوءِ اوچتو اوڍو صاحب جي بدلي ٿيڻ بعد موجوده ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊوالهيار محترم نور مصطفيٰ لغاري مقرر ٿيا آھن تنهن به جوڳين جي اسڪول انتظاميا سان ملاقاتن بعد تسلي بخش مدد ڪرڻ ۽ ڪوششون وٺڻ تي جوڳين جي وسنديءَ سميت علم دوست ساڃاھ وندن کي خوشي ٿي آھي.