بلاگنئون

پنهنجي مدد پاڻ تحت هلندڙ جئيرام جوڳي اسڪول چمبڙ کي سرڪاري درجو ملڻ ضروري آهي

ٽنڊوالهيار ضلعي جي اھم تعلقي چمبڙ ۾ قائم يونين ڪائونسل داد خان جروار جي ھڪ وسندي ۾ جوڳي جئيرام جي ڪاوشن، انساني خدمت ۽ علم جي روشني جي حاصلات وارن نيڪ جذبن سان ڳوٺ جي تعليم يافتا نياڻي پارس مھراڻي جي تعاون سان قائم ڪيل جنت پرائمري اسڪول ڳوٺ جئيرام جوڳي پنهنجي مدد پاڻ تحت غريب مسڪين ٻارڙن کي علم جي روشنيءَ سان سنوارڻ ۽ سينگھارڻ لاءِ جاکوڙ ڪندا اچن. ڀلي ساڻن ڪو سرنديءَ وارو يا تعليم کاتو ضلعو ٽنڊوالهيار مناسب تعاون نه ڪري، پر هن اسڪول جي انتظاميا جي خدمت ڀرين جوش ۽ جذبن سان اسڪول ماشاءَ الله پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي طرف وڌندي (ڇوڪرن/ڇوڪرين کي) تعليم فراھم ڪندي ڏسجي ٿو. ھن ڏس ۾ جنت پرائمري اسڪول جي ماسترياڻي پاران اسڪول جي سرڪاري سطح تي ڪوڊ جي منظوري، عمارت، استادن جو عملو، فرنيچر ۽ ڪتابن وعيره لاءِ ڀڄ ڊوڙ واريون ڪوششون ڏسي کين جس ڏني وڃي ٿي. ھن ساٿ ۾ اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر سليم الله اوڍو صاحب جو تعاون ۽ سندن توجهه سبب اسڪول جي ضرورتن لاءِ بهتري ٿي. ھن صاحب، اسڪول ڏيڻ واسطي تاريخ 24.5.2024 تي ليٽر جاري ڪيو ھو، ان مطابق اڳڀرائي ٿيندي ته آسانيون ٿينديون. پوءِ اوچتو اوڍو صاحب جي بدلي ٿيڻ بعد موجوده ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊوالهيار محترم نور مصطفيٰ لغاري مقرر ٿيا آھن تنهن به جوڳين جي اسڪول انتظاميا سان ملاقاتن بعد تسلي بخش مدد ڪرڻ ۽ ڪوششون وٺڻ تي جوڳين جي وسنديءَ سميت علم دوست ساڃاھ وندن کي خوشي ٿي آھي.

بزرگ جوڳي جئيرام جيڪو مرلي وڄائڻ ۾ سنڌ سطح تي مشھور آھي تنهن دنيا ۾ گھمندي ڦرندي “علم جي حيثيت توڙي اھميت کي پرکي ورتو” ان لاءِ ھن جي دل و دماغ ۾ پنهنجي ڳوٺ جي ٻارڙن کي نانگن، مرلي، نانگن جي زهر ۽ پنڻ واري ماحول کان پري رکڻ خاطر تعليم جي سھڻي دلڪش زيور سان سينگھارڻ لاءِ پڪو ارادو کڻي جهوپڙي ۾ پنهنجي مدد پاڻ جي اصولن تحت اسڪول قائم ڪيو. ھن پختي ارادي ۾ کيس ٽيچر پارس جهڙي پارس نياڻي به ملي وئي جنهن کي خود شوق ھو ته ڳوٺ جي ٻارڙن کي علم جي روشنيءَ سان بهره مند ڪري قومي خدمت ڪئي وڃي. ھاڻ هي اسڪول آھستي آھستي پنهنجي علمي روشني سان مشھور ٿيڻ لڳو آھي، پر ان لاءِ اڃان ڪي ڪشالا ۽ منزلون پار ڪرڻيون اٿن.، جنھن لاءِ جئيرام جوڳي ۽ ٽيچر پارس مھراڻي وٽ ڪي گذارشون ۽ گهرجن جون درخواستون ڏسجن ٿيون جنهن لاءِ ڊپٽي ڪمشنر صاحب کانسواءِ ڪو ٻيو ھمدرد ۽ رھنما نٿو سجهي، جيڪو جوڳين جي جهوپڙي سميت پسگردائي جي ڪچن گهرن جي رھواسين جي ٻارڙن لاءِ علم جي روشني جا بندوبست ڪندي ھن خانگي اسڪول جي منظوري ڪرائيندي تعليم کاتي ٽنڊوالھيار ضلعي جي انتظامن ھيٺ شامل ڪرائي ڪاميابيون ڏياري سگهي.

ھن نيڪ مقصد ۽ اعليٰ خدمتن لاءِ ڊي سي سميت ايم پي اي صاحبان کي وڌ کان وڌ مدد جي اپيل ڪجي ٿي. ياد رھي ته ھن اسڪول بابت ايم اين اي ذوالفقار بچاڻي آڏو به عرض ڪيل آھن. ھي جوڳين جو اسڪول ان جي ذھن نشين ڪرايل آھي جيڪو به مدد ڪرڻ چاھي ته اڃان به آسانيون پيدا ٿي سگهن ٿيون. بهرحال لغاري صاحب جي خصوصي ڌيان ۽ دلچسپي تي کيس شاباسون پيش ڪجن ٿيون، انھيءَ اميدن سان ته “جنت پرائمري اسڪول” جون نيٺ جائز گهرجون پوريون ڪيون وينديون.