خيبر پختونخواھ جي اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي وڏي وزير طور تبديلي ناگزير هئي ۽ اهو واضح هو ته سندس ۽ پي ٽي آءِ جي باني جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ۽ سياسي معاملن تي ٽڪراءُ هو، تنهنڪري پي ٽي آءِ جي باني کيس هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سهيل آفريدي کي وڏي وزير طور نامزد ڪيو ويو، نه رڳو ٻيون سياسي پارٽيون، پر پي ٽي آءِ جا ماڻهو به هن فيصلي تي حيران ٿي ويا ته اچانڪ اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿي ويو. علي امين گنڊاپور پاڻ کي مضبوط ۽ پي ٽي آئي جو خاص جيالو سڏرائيندو هو. اهو وڏ وزارت ڇڏڻ لاءِ فوري طور ڪيئن راضي ٿيو اهو ڪو خواب يا ڊرامو ٿو لڳي. پي ٽي آئي توڙي جو مرڪزي سطح تي اختلافن جو شڪار آهي، جنهن جو واضح ثبوت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ تبديلي آڻڻ آهي جنهن ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ محمود خان اچڪزئي کي اپوزيشن ليڊر ۽ علامه راجا ناصر عباس جعفريءَ کي سينيٽ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ بڻايو ويو. اهڙي صورتحال ۾ پارٽيءَ جا فيصلا ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي. ڇو ته پارٽي جو باني جيل جي سلاخن پٺيان آهي ۽ نمائندن کان ڪارڪنن جي سنڀالڻ جو ڪم ورتو ٿو وڃي، پر ڪارڪن باني کان سواءِ ڪنهن جو چوڻ وٺڻ لاءِ تيار ناهن. هاڻي سهيل آفريدي کي وزير اعليٰ بڻائي، پي ٽي آءِ جي باني ثابت ڪيو ته هو جنهن کي چاهي هٽائي سگهي ٿو ۽ جنهن کي چاهي وزير اعليٰ بڻائي سگهي ٿو. پي ٽي آءِ جي قيادت ۽ پارليامينٽرين ۾ ايتري همت ناهي ته هو پنهنجي مرضي سان ڪجهه به ڪري سگهن. علي امين گنڊاپور، جيڪو عليمه خان سان اختلافن دوران چوندو هو ته جنهن ۾ همت آهي، اهو سندس خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ آڻي، پر جيئن ئي نئون وزير اعليٰ نامزد ڪيو ويو ته وٽس تعميل ڪرڻ کانسواءِ ڪوبه آپشن نه هو. علي امين گنڊاپور جي تبديلي جا ٽي سبب سامهون آيا پهريون، پي ٽي آءِ جي باني جي مسلسل حڪم جي باوجود، وڏو وزير پنهنجي صوبي ۾ ٽي ٽي پي ڪالعدم گروهه خلاف جاري آپريشن کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿيو ۽ ان جي کليل مخالفت به نه ڪري سگهيو. پي ٽي آءِ جي باني موجب، هو پارٽي کان وڌيڪ اسٽيبلشمينٽ ڏانهن مائل هو، وڏي وزير ۽ صوبائي قيادت جي حيثيت سان، هو پي ٽي آءِ جي باني جي حمايت ۾ ڪابه وڏي احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جي قابل نه هو، جيڪا وفاقي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ کي دٻاءُ ۾ وجهي سگهي ها. ساڳئي طرح، علي امين گنڊاپور ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ هم آهنگي ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ جي باني کي ڪو وڏو رليف نه ڏئي سگهي. ٽيون هڪ طرف، علي امين گنڊاپور کي صوبائي سطح تي پارٽيءَ ۾ سندس قبوليت ۽ ڪردار لاءِ سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پئي ويو ته ٻئي طرف، پي ٽي آءِ جي باني جي ڀيڻ عليمه خان تي لڳايل سنگين الزامن پڻ علي امين گنڊاپور کي پارٽي ۾ ۽ پي ٽي آءِ جي باني جي سامهون ڏٺو ٿيڻو پيو. هڪ دليل اهو ڏنو پيو وڃي ته پي ٽي آءِ جو باني پنهنجي پارٽي ۾ مزاحمت جي سياست جي بنياد تي اڳتي وڌڻ چاهي ٿو ۽ خيبر پختونخواهه صوبو عملي طور تي هن مزاحمتي تحريڪ جو مرڪز آهي. اهي نئين حڪومت ٺاهي وفاقي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ تي وڏو دٻاءُ پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، پر علي امين گنڊاپور بانيءَ جي ان مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. پي ٽي آءِ جي باني خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائين کي روڪڻ ٿي چاهيو. ان کان علاوه هو چاهي ٿو ته خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير افغانستان وڃي ۽ طالبان سان سڌو سنئون معاملا حل ڪري، پر اهو نه ٿي سگهيو. ان دوران اهو واضح ٿي چڪو آهي ته وفاقي حڪومت، خاص طور تي اسٽيبلشمينٽ ٽي ٽي پي ۽ افغان طالبان، دهشتگردي جي مسئلي تي ڪابه رعايت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ۽ نه ئي اهڙين ڳالهين جي حق ۾ آهي، جنهن ۾ دهشتگردن کي ڪا رعايت ڏئي سگهجي ۽ انهن جي اندروني ۽ ٻاهرين سهولتڪارن، هينڊلرن ۽ فنانسرن سان سختيءَ سان ڊيل ڪيو ويندو. نئين وڏي وزير سهيل آفريدي پنهنجي پهرين تقرير ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن جي مخالفت ڪئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جنگيون يا طاقت جو استعمال مسئلن جو حل نه سمجهيو ويندو آهي، پر اهو به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته افغانستان جي زمين مسلسل پاڪستان خلاف دهشتگرديءِ لاءِ استعمال ٿيندي رهي آهي. افغانستان جي طالبان حڪومت دهشتگردن کي سهولت فراهم ڪري رهي آهي، پاڪستان جي تحفظات جي باوجود، اسان کي افغان حڪومت کان گهربل مدد نه ملي رهي آهي. بلڪه اهو ڏٺو پيو وڃي ته افغان قيادت هندستان جي گود ۾ اچي وئي آهي ۽ پاڪستان خلاف جارحيت شروع ڪري ڇڏي آهي. اهڙي صورتحال ۾، ڳالهيون ڪيئن شروع ٿينديون ۽ ان جو ضامن ڪير هوندو. افغانستان جي طالبان قيادت ناقابل اعتبار ٿي چڪي آهي. ٻين ملڪن جو ثالثي عمل پڻ ڪمزور نظر اچي ٿو. طالبان پاڪستان جي خدشن بابت سنجيدگي ڏيکارڻ لاءِ تيار نه آهن. جيڪڏهن ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد گروهن جي سرپرستي جاري رهي ته پوءِ ڳالهين بابت ڳالهائڻ بيوقوفي لڳي ٿي. اهڙي صورتحال ۾، پاڪستان جي سرحدن جي اتحاد، سالميت ۽ تحفظ اولين ترجيح بڻجي ويندو آهي. وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون، قومي، صوبائي، سياسي ۽ مذهبي سياسي پارٽين جي قيادت اهڙو موقف نٿي وٺي سگهي جيڪو پاڪستان جي سرحدن جي سلامتي، اتحاد، تقدس ۽ تحفظ جي خلاف هجي. سڀني کي دهشتگردن ۽ دهشتگردي کي ختم ڪرڻ جي ايجنڊا تي متفق ٿيڻو پوندو. خيبر پختونخواهه، بلوچستان ۽ ٻين صوبن ۾ دهشتگرديءَ جي حوالي سان سياسي ورڇ ۽ تڪرار جي ڪابه گنجائش ناهي. اسان پنهنجي ملڪ تي ڪنهن به گروهه يا ٻئي ملڪ جي مفادن کي ترجيح نٿا ڏئي سگهون. اهڙي صورتحال ۾، جيڪڏهن هڪ يا ٻه پارٽيون يا حڪمران پارٽي ۽ هڪ صوبي جو وڏو وزير دهشتگردي ۽ ٻين سياسي معاملن تي وفاق سان ٽڪراءَ جي پاليسي ڏانهن وڌي ٿو ته پوءِ اها سٺي حڪمت عملي نه هوندي. تنهنڪري خيبر پختونخواهه جي نئين وڏي وزير کي ڪنهن به اهڙي قدم کان پاسو ڪرڻ گهرجي جيڪو مزاحمت جي نالي تي ڪنهن به وڏي نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿو. اهو هڪ وڏو تڪرار پيدا ڪري سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اسان اندروني طور تي هڪ وڏي تڪرار جي سياست جو حصو بڻجي وڃون ٿا ته اهو نه رڳو ملڪي صورتحال کي خراب ڪندو، پر دهشتگرديءَ خلاف جاري جنگ کي به متاثر ڪندو ۽ دهشتگرد اسان جي اندروني ورهاست مان فائدو حاصل ڪندا ۽ پاڪستان جي فيڊريشن جي پاليسي سان ٽڪراءُ ڪندا آهن. تنهنڪري اسان کي هن اندروني تڪرار کان بچڻ جي حڪمت عملي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته دهشتگردي سان لاڳاپيل مسئلا اڳ ئي اسان کي سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي حوالي سان ڪمزور ڪري رهيا آهن ۽ ڪمزوري جو هي عمل مجموعي طور تي رياست کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ ان کي صوبائي مسئلو نه سمجهيو وڃي. تنهنڪري سڀني پارٽين کي گڏجي هڪ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ دهشتگردي يا ان جي سهولتڪارن خلاف ڪوبه سمجهوتو نه ڪرڻ گهرجي. حڪومت جيڪو به ڪري اهو جمهوري، آئيني ۽ قانوني ڍانچي جي اندر هجڻ گهرجي. ٻئي طرف جيڪڏهن پي ٽي آءِ کي مزاحمت جو رستو اختيار ڪرڻو آهي ته پوءِ اهو به جمهوري سياسي، آئيني ۽ قانوني ڍانچي کان ٻاهر نه هجڻ گهرجي. صرف اهڙي رويي سان هڪ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪري سگهجي جيڪا ملڪ ۽ قوم لاءِ پائيدار هوندي.