بلاگنئون

شاعريءَ جي آسمان “آڪاش انصاريءَ” جو وڇوڙو ۽ هڪ ياد!

اهو شاعر، جنهن جي تخليقن ۾ خيالن جي آزادي، سماجي انقلاب ۽ انساني محبت جو پيغام هو، اسان کي اڪيلو ڪري ويو. سندس شاعري رڳو لفظن جو ميلو نه، پر هڪ مزاحمتي جنگ هئي، جيڪا انڌيرن خلاف روشني جي اميد بڻجي هر هڪ دل ۾ حوصلو ڀريندي هئي. جڏهن هن جو وجود اسان کان جدا ٿي ويو، تڏهن آسمان به ڄڻ روئي رهيو ھو. هر واءُ سان سندس لفظن جو گونجڻ محسوس ٿي رهيو آهي ۽ دل هر پل سندس ياد ۾ گهري ٿي وڃي ٿي. سندس شاعري اسان جي روح ۾ نقش ٿي وئي آهي:

ڪنهن ڪنهن قرب ناتي آڪاش کي اجاڙيو،

ناراض ٿيندو ھرڪو نالا کڻان مان ڪھڙا.

۽ شايد اهوئي سبب آهي جو اسان سندس وڃڻ کي قبول ڪرڻ کان قاصر آهيون. اھڙي شاعر جي وڇوڙي تي هر اک نم، هر دل غمگين آهي، پر سندس خيال، سندس آواز ۽ سندس حوصلي جا نغمه سدائين زنده رهندا. هو اسان کان جدا ضرور ٿي ويو آهي، پر سندس مزاحمتي شعور سدائين جيئرو رهندو، جيڪو پنهنجي لفظن سان هر ظلم ۽ ناانصافي خلاف دلير ٿي بيهندو هو. موت هڪ اهڙو معمو آهي، جنهن کي هر وجود تي افشان ٿيڻو آهي، پر پوءِ به اسان جي دل ان کي قبول ڪرڻ کان انڪاري رهي ٿي. جڏهن هڪ مزاحمتي شاعر، جيڪو پنهنجي لفظن ۾ دنيا جي تلخين ۽ ناپائيداريءَ کي بيان ڪندو رهيو، اھو ھڪ لکت ۾ ملاقات جو چئي ڪري هميشه لاءِ وڇڙي وڃي، تڏهن اها وڇوڙي جي تڪليف رڳو هڪ فرد جو وڃڻ نه، پر ڪيترن ئي خوابن ۽ اميدن جو دفن ٿيڻ لڳي ٿي. ملاقات هڪ اميد جو استعارو آهي، جنهن ۾ ڊڪندڙ وقت کي ڪجهه پلن لاءِ روڪڻ جي ڪوشش ٿيندي آهي، پر جڏهن ڪو شخص واعدي سان گڏ موت جي ٻانهُن ۾ هليو وڃي ته اهو هڪ اڻپورو باب ڇڏي وڃي ٿو. اهو واعدو، جيڪو هاڻي ڪنهن سانگيءَ جي دل ۾ چُڀندڙ تلوار بڻجي وڃي ٿو، وقت سان گڏ وڌيڪ گهايل ٿيندو رهي ٿو. رهجي ويل ملاقاتون هڪ الميو بڻجي وينديون آهن، جن ۾ محبت ۽ جدائي جو عجيب سنگم هوندو آهي.

موت جي فلسفيءَ ۾ هر وڇوڙو آخري نه هوندو، پر هڪ سفر جو آخري موڙ هوندو آهي، پر انهن مزاحمتي روحن جي لاءِ، جيڪي پنهنجي خيالن، خوابن ۽ لفظن سان دنيا کي بدلائڻ چاهيندا آھن، انھن لاءِ موت هڪ عارضي وقفو آهي. سندن لفظ، سندن مزاحمت ۽ سندن وجود جو جوهر زندگي جي ڌارا ۾ زنده رهندو آهي. رهجي ويل ملاقاتون شايد جسماني نه ٿيون ٿين، پر جڏهن اسان هر ان آواز کي ياد ڪندا آهيون، جيڪو ظلم خلاف اٿيو، هر ان خواب کي ڏسندا آهيون، جيڪو آزاديءَ لاءِ ڏٺو ويو ۽ هر ان اميد کي جيوت بڻائيندا آهيون، جيڪو محبت لاءِ اُڀريو… تڏهن اها ملاقات شعوري سطح تي جاري رهندي آهي. مزاحمتي شاعر آڪاش انصاريءَ جو جسم فنا ٿي ويو، پر سندس روح پنهنجي لفظن ۾ زنده آهي. شايد هيءَ دنيا ان ملاقات لاءِ نئين جهان ۾ تيار ٿي رهي آهي، جتي جدائي، ظلم ۽ ناانصافيءَ جا سڀ پاڇا ختم ٿي ويندا.

تبديليءَ جي اُن اميد سان، اسان کيس هميشه پنهنجي دل ۾ زنده رکون ٿا. سائين آڪاش انصاري ھڪ دفعو پروفيسر سجاد سومرو جي پوسٽ تي ڪو بحث ٿيو ھو، اڄ کان چار سال اڳ 2021-06-23 تي آڪاش انصاري صاحب اتي مون ناچيز لاءِ ھي ادنيٰ جھڙا جملا لکيا ھئا، جيڪي مون لاءِ ڪنھن اعزاز کان گھٽ ناھن، مون ان ڪمينٽ جو اسڪرين شاٽ ان وقت ئي سنڀالي رکيو، ڇو ته مان ننڍڙو قلمڪار آھيان، اھڙن زنده دل انسانن جي منھنجي قلمي پورهئي تي راءِ مون لاءِ اتساھيندڙ عمل آھي. وڇوڙي جو ٻڌي ڪٻٽ ۾ پوريل پنا ڪڍيم. ھي پڙھي اکيون آليون ٿي ويون (مدھوش مير تون ھن عمر ۾ ادب جي آسمان تي اڏامين ٿو، توھان ايندڙ وقت ۾ ادب جي دنيا جو وڏو نالو بڻجندئو، بس ڪمي آھي ته اوھان جذبن کي شراب جي ڍڪ ۾ پي نه ڇڏيو، اوھان لکندا رھو نوجوان آھيو اسان کي خوشي ٿيندي آھي، توھان جھڙا نوجوان سٺو لکن ٿا ۽ سٺو پڙھن ٿا، مدھوش مير ايندڙ وقت ۾ ادب جو اسٽالن بڻبو حياتي ۾ ھڪ ڍڪ جي ملاقات ضرور ڪبي: آڪاش انصاري).

سائين آڪاش انصاري پنھنجي ڪمينٽ جي آخر ۾ لکيو تہ حياتي ۾ ھڪ ڍڪ تي ملاقات ضرور ڪبي، اھو ڍڪ ھن وقت ٿوھر جيئان منھنجي ڪاڪڙي کان ھيٺ نٿو لھي، اڄ پھرين پيگ جي پھرين سرڪ کانپوءِ جام جي بوتل بند ڪري پيگ کي گھر ۾ پوکيل پپيتي جي ٻوٽي واري ڪونڊيءَ ۾ ھاري ڇڏيو. مان سمجھان به ٿو ته موت جو فلسفو اھو آھي ته زندگي جي هر موڙ تي ڪيئي روشن چراغ پنهنجا سفر پورو ڪري اوجهل ٿي ويندا آهن، پر ڪي وجود اهڙا هوندا آهن، جن جي وڃڻ سان فقط سناٽو نه پر هڪ ڪيفيت جو ختم ٿي وڃڻ محسوس ٿيندو آھي. اڄ دل جي ڪنهن ڪنڊ مان هڪ مزاحمتي شاعر جي وڇوڙي جو ڏک اٿيو آهي، جنهن جي لفظن ۾ مظلوميت جو درد ۽ حق جي ڳولا جو جذبو هر دل کي ڄڻ جنجھوڙي ٿو پيو.