بلاگنئون

ملڪ ۾ مذموم ڪارروائين خلاف پاڪ فوج جو اهم ڪردار

پاڪستان هڪ ائٽمي رياست آهي، جنهن جا سڀ کان اهم ٿنڀ قانون ساز اسيمبليون، انتظاميه ۽ عدليه آهن، پر فوج ۽ ميڊيا به هاڻي پنهنجي حيثيت ۾ رياست جي ٿنڀي طور پاڻ کي مڃرائي ورتو آهي. جيڪڏهن انهن مان هڪ به ستون کي ڪمزور ڪيو ويو ته رياست مفلوج ٿي ويندي. آئين موجب رياست جو ڪوبه شهري فوج جي توهين نٿو ڪري سگهي. ان حوالي سان پاڪستان جي دفاعي ادارن به ملڪ جي سلامتي لاءِ هر محاذ تي پهرين ڏينهن کان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. 1965ع جي جنگ هجي يا 1971ع ۾ دشمن کي منهن ڏيڻو هجي، ڪارگل جا برف پوش جبل هجن يا نائن اليون کانپوءِ جو ڏکيو مرحلو هجي، پاڪ فوج هميشه وطن جي دفاع لاءِ نه رڳو جان جو نذرانو ڏنو آهي، پر هر محاذ تي دشمن جي روڪٿام لاءِ ڀرپور قدم کنيا آهن. مطلب ته اسان جي فوج ملڪ ۾ ٻرندڙ باهه کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽي آهي، بلڪه سرحدن تي مضبوط بيٺي آهي. پاڪ فوج اسان جو فخر آهي ۽ انهن جي توهين ڪندڙ مذمت جا مستحق آهن. اها هڪ ناقابل ترديد حقيقت آهي ته ڪنهن به ملڪ جي فوج عوام جي حمايت کان سواءِ نه ڪنهن دشمن ملڪ سان جنگ کٽي سگهي ٿي ۽ نه ئي پنهنجي ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪري ملڪ ۾ امن امان قائم ڪري سگهي ٿي.

پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه سالن کان ملڪ جي رياستي ادارن خاص ڪري پاڪ فوج کي سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اها ڳالهه ناقابل برداشت ٿيندي پئي وڃي. ڪي- بورڊ ويڙهاڪن طرفان پاڪ فوج جو نالو وٺڻ تمام گهڻي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. اهڙن ماڻهن جي سوچ تي افسوس ٿئي ٿو، ڀارت گذريل چئن ڏهاڪن کان پاڪستان جي فوجن خلاف پروپيگنڊا کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي، جيڪو ڪنهن به خطرناڪ هٿيار کان گهٽ ناهي. ڀارت ڄاڻي ٿو ته پاڪستان جو دفاع تمام مضبوط آهي ۽ پاڪستاني فوجن کي جنگ ذريعي مات نٿو ڪري سگهجي، ان ڪري هن پاڪستاني فوج خلاف زهريلي پروپيگنڊا مهم شروع ڪئي آهي۔ خاص طور تي فتنا الخوارج جي انداز ۾ تحريڪون اڄ به مختلف شڪلين ۾ موجود آهن، جيڪي اسلام ۽ پاڪستان جي فوجن خلاف بدنامي جو سبب بڻجن ٿيون. اهي تحريڪون نه رڳو مذهبي انتها پسندي کي فروغ ڏين ٿيون پر ملڪ جي سلامتي لاءِ به خطرو بڻجي سگهن ٿيون. بلاشڪ فتنا الخوارج خلاف پاڪ فوج جو ڪردار تاريخي ۽ اهم آهي. ڇو ته اسان ھڪ اھڙي فوج جي پٺيان بيٺا آھيون جيڪا دنيا جي ھڪ طاقتور فوج جي حيثيت سان سڃاتي وڃي ٿي ۽ اسان کي پنهنجي پاڪ ڌرتي ۽ پاڪ فوج تي فخر آهي. سلام آهي انهن مائرن کي جن اھڙا دودا جوان ڄڻيا اسان جو فرض آهي ته پاڪ ڌرتي جي حفاظت لاءِ انهن دودن پٽن کي جان جا نظرانه ڏيڻ تي کين سرخرو سلام پيش ڪريون.

پاڪستان ۾ مختلف وقتن تي، فوج مذهبي انتهاپسندي ۽ فرقيواريت جي خلاف اهم قدم کنيا آهن، خاص طور تي جڏهن خوارج جي طرز جون تحريڪون سامهون آيون آهن. پاڪ فوج دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف ڪيترائي آپريشن ڪيا آهن، خاص طور تي خوارج جهڙن گروپن خلاف آپريشن به شامل آهي. انهن آپريشنن جو مقصد ملڪ ۾ امن امان جي بحالي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ آهي. فوج انهن گروپن جي ڄار کي ٽوڙڻ ۽ مختلف علائقن ۾ آپريشن ذريعي انهن جي مالي مدد کي روڪڻ لاءِ به ڪم ڪيو آهي.

پاڪستان فوج نه رڳو فوجي آپريشن ڪيا آهن، پر سماجي استحڪام لاءِ به ڪم ڪيو آهي. هن متاثر علائقن ۾ ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ته جيئن عوام جي زندگين کي بهتر بڻائي سگهجي ۽ انتهاپسندي جي خلاف عوامي حمايت حاصل ڪئي وڃي. ملڪ ۾ امن امان جي بحالي ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۾ فتنا خوارج خلاف پاڪ فوج جو ڪردار اهميت جوڳو رهيو آهي. سندن ڪوششن سان نه رڳو فوجي سطح تي، پر سماجي سطح تي به مثبت اثر پيا آهن، جنهن سان ملڪ ۾ استحڪام جو ماحول پيدا ٿيو آهي. پاڪستاني فوج انهن تحريڪن خلاف ڪيترائي آپريشن ڪيا آهن، جن جو مقصد انهن جي ڄار کي ٽوڙڻ ۽ انهن جي سرگرمين کي محدود ڪرڻ هو. اهي آپريشن خاص طور تي بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه جي انهن علائقن ۾ ڪيا ويا آهن، جتي خارجي طرز جا گروهه سرگرم آهن. فوج انٽيليجنس جي اڳواڻي ۾ آپريشنن ذريعي انهن گروهن جي فنڊنگ ۽ ڀرتي جي ذريعن کي نشانو بڻايو آهي. ان کان علاوه فوج عوام کي انتهاپسندي جي خطرن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ عوامي آگاهي مهم پڻ هلائي رهي آهي.

پاڪ فوج متاثر علائقن ۾ ترقياتي منصوبا شروع ڪري ڇڏيا آهن جن جو مقصد عوام جي زندگي بهتر بڻائڻ ۽ انهن جا مسئلا حل ڪرڻ آهي. اهي قدم عوامي حمايت حاصل ڪرڻ ۽ انتهاپسندي جي خلاف مضبوط سماجي بنياد فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪري رهيا آهن. پاڪ فوج جي ڪوششن ملڪ ۾ امن امان جي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. انهن جي ڪارروائين سان نه رڳو دهشتگردي جي خاتمي ۾ مدد ملي آهي، پر انهن ملڪ جي سلامتي کي به يقيني بڻايو آهي. موجوده صورتحال ۾ فتنا خوارج جي شر خلاف پاڪ فوج جو ڪردار انتهائي اهم آهي. ملڪ ۾ امن امان جي بحالي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي ۾ سندن فوجي، سماجي ۽ معلوماتي ڪوششون اهم آهن. اهي قدم نه رڳو پاڪستان جي سلامتي لاءِ ضروري آهن، پر اسلامي قدرن جي تحفظ لاءِ به اهم آهن.