ھڪ ڏينھن سڀ ماتلي جا سرڪاري توڙي خانگي ڊاڪٽر ڀتا خورن ۽ ڏوهارين جي زيادتين جي خلاف پنھنجون ڊيوٽيون ۽ اسپتالون ڇڏي روڊن تي نڪري آيا، احتجاج ڪري پاڻ سان ٿيل زيادتين خلاف آواز اٿاريائون، اسين سمجھون ٿا ته ماتلي جي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ڊاڪٽرن جون شڪايتون سئو سيڪڙو جائز آھن، اسان ڏسون پيا ته ڀتا خوري جي ڪوششن ۾ مصروف ۽ ملوث، ڪجھ نقلي صحافي ۽ ٿورا ڪوڙا سماجي ورڪر مختلف طريقن سان ڊاڪٽرن کي تنگ ڪندا اچن.
ڊاڪٽر صاحبان سڄو ڏينھن پورھيو ڪندڙ آھن، ھو ماڻھن کي پنهنجون خدمتون ڏين ٿا، مريضن جو علاج ڪن پيا، ٻين ماڻھن وانگر ھوٽلن تي نه ٿا ويھن نه ڪا تفريح ڪن ٿا، پوءِ به انھن کي اڻ سهپ رکندڙ نالي ماتر صحافين ايترو تنگ ڪيو آھي جو ھو روڊن تي نڪري آيا آھن، تازو ڪجھ ڏينھن اڳ ماتلي تعلقه اسپتال ۾ ڏھارين ھڪ ڊاڪٽر تي قاتلاڻو حملو ڪري ان جو مٿو ڦاڙيو ۽ ٻانھن ڀڳي، ڪجھ ٻين ڊاڪٽرن جي اسپتالن ۾ گھڙي موويون ڀري انھن کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان طرح ماتلي جي ڊاڪٽرن جي اڪثريت خوف ۾ ورتل آھي، جيڪڏهن ڊاڪٽرن سان انھن جي ڪم دوران ڪا نازيبا حرڪت يا جھيڙو ڪري ٿو ته اھو ڪرائيم آھي، جيڪو ھو ڪري ٿو.
حد ٿي وئي سرڪاري ڊيوٽي دوران به ڊاڪٽرن تي قاتلاڻا حملا ٿين ٿا، ڊاڪٽر ڪي واپاري ته نه آھن جو انھن کان ڪو ڀتو وٺڻ جي ڪوشش ڪندو ته اھي ڊپ ۾ خاموش ٿي ويھي رھندا ۽ پنھنجو ڪو ردِ عمل ظاھر نه ڪندا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد حاصل نه ڪندا، پنھنجي روزگار واري ڪرسي تي ويھي ڪو به ڊاڪٽر ڪنھن سان به زيادتي نٿو ڪري سگھي، اھڙو عمل ان جي ڪاروبار، ساک ۽ ڪردار ۽ اخلاق جي خلاف به آھي، ڊاڪٽر ڪيئن چاھيندو ته ان مان ڪنھن مريض کي نقصان پھچي، اسان ذاتي طور تي به ماتلي جي مڙني ڊاڪٽرن سان گڏ آھيون، جيڪي بدمعاشن جي زيادتين خلاف احتجاج لاءِ ٻاھر نڪتا آھن، قانون به اھو چوي ٿو ته ڊاڪٽر جي ڪم ۾ ڪو به مداخلت نه ٿو ڪري سگھي، ڪنھن به سرڪاري توڙي خانگي اسپتال ۾ گھڙي ڪو به فوٽو گرافي نٿو ڪري سگھي نه ئي ڪنھن اسپتال جي ٻاھران ڪو ماڻھن جو ھجوم گڏ ڪري سگھي ٿو، ماتلي پوليس کي به گھرجي ته ڊاڪٽرن جي جائز شڪايتن کي ٻُڌي ۽ ضروري ڪارروايون ڪري.
اسان جي صحافي حضرات کي خبر ناھي ته ڇو سمجھ ۾ نٿو اچي ته انھن مان اڪثريت جون صحافتي سرگرميون ڪڏھن ڪڏھن قانوني دائرن کان ٻاھر نڪريو وڃن، بغير پروفيشنل ڊگري جي بغير ڪنھن سرڪاري اداري طرفان جاري ٿيل لائسنس جي رپورٽنگ ڪرڻ، بغير رجسٽريشن جي پريس ڪلب کولي انھن کي قانوني ادارا سمجھڻ وارا عمل به ھڪ معنيٰ ۾ جُرم آھن، قانوني پڪڙ آئي ته اھڙا رپورٽر پنھنجو دفاع ڪندي ڏوھ جو پاڻ اعتراف ڪري سزائن کي دعوت ڏيندا، مدرسا، اسڪول، مسافر خانه، ھوٽلون رجسٽر ٿيل هوندا آھن. جڏھن ته سنڌ ۾ 90 سيڪڙو پريس ڪلب رجسٽر ئي نه آھن. نان ميٽرڪ ماڻھو رپورٽنگ وارو ڪم پيا ڪن، سنڌ سرڪار کي گھرجي ته سنڌ جي صحافين بابت اھڙو اسپيشل ايڪٽ پاس ڪري جنھن تحت جيڪو رپورٽنگ ڪرڻ چاھي اھو پھرين ان ڪم لاءِ پاڻ کي انرول ڪرائي ۽ سڀني پريس ڪلبن جي به پراپر رجسٽريشن ٿيڻ کپي.
اسان سمجھون ٿا ته اڻ رجسٽر پريس ڪلبن ۾ ڪئي ڪرمنل داخل ٿي چڪا آھن اھي پاڻ کي خود ساخته صحافي سڏائي، روز سرگرميون ڪري ڪرائيم جھڙا ڪم پيا ڪن. ڊاڪٽر، وڪيل، نرسون، دائيون ۽ ٻيا پنھنجن پنھنجن ڪمن جي پريڪٽس لاءِ رجسٽر ۽ ان رول آھن، حجام به پھرين حجامت سکي ٿو ۽ پوءِ ڪنھن جي ڏاڙھي ڪوڙي ٿو جڏھن ته انتھائي حساس شعبي ۾ ڪم ڪندڙ اڪثريت اڻ پڙھيلن ۽ پنھنجي ڪم کان اڻ واقف ماڻھن جي آھي جيڪا ڪجھ سکڻ کان سواءِ ماڻھن جون ڏاڙھيون ڪوڙڻ جي پويان آھي، اھو سلسلو آخر ڪيستائين جاري رھندو؟