نئون

عمران اسماعيل اڄ سنڌ جي گورنر جو عهدو سنڀاليندو

وزيراعظم عمران خان پاران نامزد ڪيل سنڌ جو نئون گورنر عمران اسماعيل اڄ پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ، عمران اسماعيل کان ان جي عهدي جو حلف کڻائيندو. عمران اسماعيل سنڌ جو 33 هون گورنر هوندو. ترجمان گورنر هائوس مطابق حلف برداري جي تقريب گورنر هائوس ۾ شام جو 6 وڳي ٿيندي. تقريب ۾ وزيراعليٰ مراد علي شاهه سنڌ ڪابينا جا رڪن، تحريڪ انصاف جا ڪراچي سان واسطو رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر ۽ سينيٽر ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي جا صوبائي اسيمبلي رڪن مدعو ٿيل آهن. حلف برداري جي تقريب کانپوءِ سڀاڻي نئون چونڊيل گورنر قائداعظم جي مزار جو دورو ڪندو.