مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ايف آءِ اي ۾ پيش

پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي جي تفتيشي ٽيم آڏو پيش ٿي ويا آهن. اڳوڻي صدر ۽ سندس ڀيڻ کي ٽي دفعا ايف آءِ اي پاران طلب ڪيو ويو هو پر ٻئي ڄڻا پيش نه ٿيا هئا. جنهن کانپوءِ هنن کي چوٿون دفعو طلب ڪندي نوٽيس ڏنو ويو ته هو ٻئي ڄڻا 27 آگسٽ تي ايف آءِ اي جي اسلام آباد هيڊڪوارٽر ۾ پيش ٿين. جنهن بعد ٻئي ڄڻا اڄ ايف آءِ اي ۾ پيش ٿي ويا آهن هن پيشي ۾ ساڻن اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ راجا پرويز اشرف به موجود آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *