بلاگنئون

ماحولياتي گدلاڻ سان لاڳاپيل جسماني ۽ نفسياتي بيماريون

ماحول انسان جي شخصيت، مزاج، زندگي گذارڻ جي معيار، جسماني ۽ نفسياتي صحت تي اثر انداز ٿئي ٿو. ماحول جا ٻه قسم آھن. قدرتي ماحول ۽ ھٿرادو يا انسانن جو ٺاھيل ماحول. قدرت پنھنجي مخلوق کي بھترين ماحول سان نوازيو جن ۾ جبل، جهرڻا، ساوڪ وڻ ٽڻ ٻوٽا قدرت جا حسين شاھڪار آھن. انھي حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگھجي ته انسان ازل کان پاڻ پنھنجو دشمن رھيو آھي، انسان قدرتي نعمتن جو قدر نه ڪيو ۽ هو هميشه قدرتي ماحول کي نقصان پھچائيندو رھيو آھي. وڻن کي ڪٽي جهنگ ختم ڪري، مختلف ايٽمي تجربا ڪري، قدرتي ماحول کي بيحد نقصان رسايو آهي. دنيا کي ڪلائميٽ چئينج، ۽ گلوبل وارمنگ جھڙن لفظن سان روشناس ڪرايو. جن جي نتيجي ۾ مند تي مينھن نه وسڻ ڪري ڏڪار ۽ ٻوڏ جا خطراہ وڌي ويا آھن. ماحولياتي گدلاڻ پوري دنيا کي درپيش صحت سان لاڳاپيل اھم مسئلن مان ھڪ آھي. ماحولياتي گدلاڻ جيڪا ماحول جي بگاڙ جي نتيجي ۾ پيدا ٿئي ٿي تنھن جو ڪارڻ انسان پاڻ آھي. انساني سرگرميون جن ۾ گاڏين جي گھڻي استعمال جي نتيجي ۾ماحول ۾ وڌندڙ زھريليون گئسون، ٻيلن کي ختم ڪرڻ، آبادي جو حد کان گھڻو وڌڻ، ڪارخانن (انڊسٽريلائزيشن) ۾ واڌ، شهري علائقن جي واڌ، انسانن طرفان ماحولياتي گدلاڻ ۾ اضافي جو سبب آھن. ماحولياتي گدلاڻ صحت لاءِ نقصانڪار ھوائي گدلاڻ ساهہ جون بيماريون جن ۾ ڦڦڙن جو ڪينسر، دم، ساهہ جي نالي جو انفيڪشن، دل جون بيماريون، چمڙي جون بيماريون شامل آھن. ماحول انسانن جي نفسياتي تندرستي تي مثبت ۽ منفي اثر وجھي ٿو. نفسياتي ماھرن جي ڪيل تحقيق مطابق اسان جي دماغ ۾ امائگڊالا ۽ ھپوڪئمپس اھڙا حصا آھن، جن جو تعلق جذبات ۽ احساسن کي ڪنٽرول ڪرڻ سان آھي . ماحولياتي بگاڙ يا ماحولياتي گدلاڻ خاص طور ھوائي گدلاڻ جي ڪري انھن جي نيورانز ۾ بگاڙ پيدا ٿئي ٿو. نتيجي طور انسان ڊپريشن (اداسي) اينگزائٽي (بيچيني،گھٻراھٽ) ۽ نفسياتي دٻاءُ جو شڪار ٿئي ٿو. جديد سائنسي تحقيق ثابت ڪيو آھي ته ڊگھي عرصي تائين ھوائي گدلاڻ انسانن کي ڊپريشن، اينگزائٽي ۽ شيزوفرينيا جھڙن موذي مرضن ۾ مبتلا ڪري ٿي. قدرتي آفتون پڻ ماحولياتي بگاڙ جو سبب ٿين ٿيون جن ۾ٻوڏ، خشڪي، طوفان ۽ وڌندڙ گرمي پد شامل آھن. پاڪستان ماحولياتي گدلاڻ ۾دنيا جي سرفھرست ملڪن ۾ شامل آھي. ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾ پاڪستان جو شمار ماحولياتي ۽ ھوائي گدلاڻ ۾۽ اربنائيزيشن ۾ مٿانھين نمبر ۾ ڪيو وڃي ٿو. سڀ کان وڌيڪ ماحولياتي گدلاڻ وارن ملڪن ۾ پاڪستان جو ڳاڻيٽو پنجين نمبر تي ڪيو وڃي ٿو. ھوائي گدلاڻ سبب وقت کان پهرين ٿيندڙ موتن ۾ 153 ملڪن ۾ 11 ملين موت پاڪستان ۾ ٿيا. ھي انگ دنيا ۾ ٿيندڙ ھوائي گدلاڻ ڪارڻ ٿيندڙ وقت کان پهرين موتن جو سڀ کان وڏو انگ آهي. پاڪستان شھري ماحولياتي گدلاڻ ۾ سڄي دنيا ۾ اڳتي آھي. 50 فيصد پاڪستان جو عوام موسمياتي بحران جو شڪار آھي.گذريل ڏھ سال پاڪستان ۾ قدرتي آفتن جا سال رھيا جن ۾سوڪهڙ، مينھن جي گهٽتائي، گرمي پد جو وڌڻ، ٻوڏون شامل آھن. پاڪستان ۾ حد کان وڌيڪ ماحولياتي گدلاڻ ھجڻ جا ڪيترائي سبب آھن، جن ۾ گاڏين جو وڌيل انگ، تقريبن ويھه لک گاڏين جي گذريل ڏھن سالن ۾ واڌ، چويھه ڪلاڪ رستن تي زھريلي ۽ گهٽ معيار جي تيل تي ھلندڙ گاڏين جو دونھون، پلاسٽڪ سان ٺھيل شاپرز جو عام استعمال، فيڪٽرين ۽ ملن ۾ جتي حياتاتي ٻارڻ استعمال ڪن ٿيون،گھڻي مقدار ۾ ماحول ۾ ھوائي گدلاڻ ڇڏين ٿيون. پاڪستان جا چار وڏا شھر لاھور، فيصل آباد، ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ پاڪستان جي ٻين شھرن کان وڌيڪ فضائي گدلاڻ آھي. خاص طور تي لاھور شھر جنھن جي آبادي 12 ملين آھي، دنيا جو سڀ کان وڌيڪ ماحولياتي طور گدلو شھر آھي. لاھور ۾ ھوا جو معيار بدترين آھي. لاھور جنھن کي ڪنھن دور ۾ باغن جو شھر جو چيو ويندو ھو ھاڻي گندگي ۽ غلاظت جي شھر جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. سياري جي مند ۾ ڌنڌ جو وڌڻ به راولپنڊي اسلام آباد ۽ لاھور جي شھرين لاءِ ھڪ تمام وڏو سنگين مسئلو ھوندو آھي. پاڪستاني عوام خاص طور تي بزرگ ۽ ٻارن لاءِ ماحولياتي گدلاڻ صحت لاءِ نقصانڪار آھي. پاڪستان جي حڪومت کي ھن مسئلي کي ترجيحي بنياد تي حل ڪرڻ گھرجي. وڻ ڪاري مھم ھلائي، صفائي سٿرا ئي شھرين ۽ حڪومت جي بنيادي ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ، گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن ۾ پوندڙ تيل (پيٽرول) جي معياري استعمال تي زور، پلاسٽڪ جي شاپرز تي پابندي ھڻڻ جھڙن ڪارائتن اپائن وٺڻ سان ماحولياتي گدلاڻ جھڙي اھم مونجھاري کي حل ڪري سگھجي ٿو.
***