پاڻي جو ذيان ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ روبوٽ تيار
پاڻي هر جاندار جي جياپي لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي، پر اسان هر روز پاڻي کي اجايو ضايع به ڪندا رهندا آهيون. هاڻي ان جي ذيان کان بچڻ لاءِ هڪ سادو روبوٽ تيار ڪيو ويو آهي. اهو روبوٽ ميسا چوسيٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي چيني شاگرد يوو (Yuwu) تيار ڪيو آهي جيڪو پاڻي جي پائيپن ۾ هلندو رهندو ۽ پاڻي جي پائيپن ۾ موجود سوراخن جي باري ۾ معلومات گڏ ڪري ان جي خبر ڏيندو. روبوٽ جو نالو لائيٽ هائوس رکيو ويو آهي. هڪ اندازي مطابق پاڻي جي ڪل مقدار جو 20 سيڪڙو هر روز ضايع ٿي ويندو آهي. هي روبوٽ پائيپن ۾ اندر سوراخن کي معلوم ڪري ان جو 3D نقشو ٺاهي واٽر ليڪيج جي جاءِ جي شناخت ڪري ان جي مرمت لاءِ ان معلومات کي ماهرن تائين پهچائيندو آهي. هن وقت تائين اهو روبوٽ آمريڪا، برطانيه ۽ دبئي عرب ۾ آزمايو ويو آهي ۽ ان جا نتيجا ڪامياب ويا آهن.