عبدالرحمان پيرزادي جي بلاگن جي مجموعي، “ھڪ سج ٻه پاڇا” ۾ عام صحت جا موضوع به آھن ته غربت جو موضوع به آھي، سياست جو موضوع آھي ته ساھ مٺ ۾ ڪندڙ تازي چند ڏينھن واري پاڪ ڀارت جنگ تي ٽيڪا ٽپڻي به آھي، بحث ۾ پاڻي ۽ سنڌو درياءَ جو موضوع به آھي ته ٺيڪي تي ڏنل عوامي ملڪيتي ادارن جو ذڪر ۽ انھن عوامي ملڪيتي ادارن کي ٺيڪي تي ڏيڻ واري عمل تي تنقيد به آھي.
ھن ڪتاب ۾ ھڪ اھم موضوع عام صحت متعلق آھي. صحت متعلق بلاگن ۾ انڌا اونڌا ويڄ، ھڻ کڻ، ڪلاس جو ٽائيم، عجب وارتائون، اسان نرڄا، سھڪي جي آگاھي، ڳڀ وتيءَ جي سار سنڀال، ھڪ سج ٻه پاڇا، واڪا ۽ وس، اچو ته ڳالھايون، ھڪڙي ڳالھه، ڪاري ڪامڻ جو پيدائشي ٽڪو، لوڻ ۽ اسان، رت جو دٻاءُ، شامل آھن. پنھنجي لکڻين ۾ اڳ به ليکڪ سرڪاري اسپتالن ۽ عوام جي ملڪيتي ادارن کي ٺيڪي تي ڏيڻ تي بار بار اعتراض ڪندو پئي رھيو آھي، جيڪو ھتي به آھي، پر بلاگ،“انڌا اونڌا ويڄ” ۾نئين ڳالھه اھا آھي ته انھن ادارن کي ٺيڪي ۾ وٺندڙ ڪمپنين وٽ انتظامي عھدن تي پاڪستان سول سروسز جا ڪامورا ئي ڊيپوٽيشن تي مقرر ڪيل آھن جيڪي پبلڪ ھيلٿ جي “پ” کان به واقف نه آهن. سرڪاري عوام جا ملڪيتي ادارا ٺيڪيدار ڪمپنين کي ڏيڻ جو ذڪر بلاگ “ھڻ کڻ” ۾ به آھي. ملڪ جا سياحتي مرڪز ۽ زمينون تين وال ٿيڻ کي پڻ ڪارپوريٽ فارنگ زمين ڦٻائڻ واري قضيئي سان جوڙيندي سياست کان ٽھڻ کي ليکڪ سٺو سنئوڻ نٿو سمجھي. “ڪلاس جو ٽائيم” ۽ “عجب وارتائون” ۾ ڪجھه عجيب عجيب ڳالھيون ۽ ذاتي تجربا آھن. “اسان نرڄا” ۾ ماھواري سان لاڳاپيل موضوع بحث ھيٺ آھي جنھن جو ذڪر ليکڪ بار بار ڪندو پئي رھيو آھي. انھيءَ بلاگ ۾ تصويرن، چارٽن ۾ نياپو سنڌي ٻولي ۾ ھجڻ ئي انھيءَ جي اھميت جو ڪارڻ آھي. ائين بلاگ، “سھڪيءَ جي روڳ” ۾ به تصويرن ۽ چارٽن جي ذريعي ڳالھه ٻولھه ۾ نواڻ آھي. ليکڪ درست ڳالهه ڪري ٿو ته سھڪو جنھن کي پاڻ وٽ دم جو عارضو سڏجي ٿو ان جو علاج هڪ انھيلر آھي جيڪو وري اسان جي تعلقي ۽ ضلعي سطح جي اسپتالن ۾ اڻ لڀ جڏھن ته ٽيچنگ اسپتالن ۾ پڻ گهٽ دستياب آھي. ڳڀ وتي ۽ ان جي مامري سان لاڳاپيل مسئلا گذريل ڪيئي بلاگن ۾ تفصيل سان بيان ڪيل آھن، جنھن جو ذڪر ھن ڪتاب ۾ به شامل آھي. انھيءَ بلاگ جي اھميت جهڙيِ ڳالھه وري به پاڻ ڳالھائيندڙ تصويرون ۽ سنڌي لکائي چارٽ ئي لڳن ٿا جن کي جيڪڏھن ڳڀ وتي جي علاج ۽ سار سنڀال لاءِ ٺھيل انتطار گاهه، سندس معالج، ڊاڪٽر، ليڊي ھيلٿ وزيٽر ۽ مڊوائف جي آفيس ۾ لڳائجي ته گهربل نتيجو ملي سگهي ٿو. بلاگ “ھڪ سج ٻه پاسا” ۾ ليکڪ ٻڌائي ٿو تهIntegrated Management of Neonatal and Childhood Illness (آءِ ايم اين سي آءِ) جو اھو ڪلينيڪل ڪورس جيڪو شروع ٿيڻ وقت يارھن ڏينھن ۾ پڙھيو ويندو ھو، تنھن کي ھاڻي ٻن ٽن ڏينھن ۾ اڪلايو وڃي ٿو. بلاگ “اچو ته ڳالھايون” ٻارھن صفحن تي مشتمل معلوماتي ۽ مستند ريفرنس وارو مضمون آھي، جنھن ۾ صحت سڀني لاءِ سميت جٽادار ترقي جي تفصيلي ڳالھه ٻولھه ٿيل آھي. بلاگ “ھڪڙي ڳالھه” مطابق ويم جي سورن سميت ويم ٿيڻ جو نارمل دورانيو ارڙھن ڪلاڪ آھي. انھيءَ دورانيه کي چارٽ ذريعي چئن مرحلن ۾ بيان ڪيل آھي. ھتي ليکڪ اھا ڳالهه ٻڌائڻ ضروري سمجھي ٿو ته ويم لاءِ ھرو ڀرو ڪنھن زناني بيماري جي ماھر ڊاڪٽر وٽ وڃڻ ضروري ناھي. بلاگ “ڪاري ڪامڻ جو پيدائشي ٽڪو” ۾ ٻار ڄمڻ سان ڪاري ڪامڻ کان بچاءُ جي ٽڪي جي اھميت بيان ٿيل آھي. بلاگ “لوڻ ۽ اسان” ۾ سنڌي ۾ چِٽِيل چارٽن ۾ اھو سمجھايل آھي ته پنھنجي استعمال ۾ ڀاڄي ماني ۾ استعمال ٿيندڙ لوڻ ناھي، بلڪه ستر سيڪڙو لوڻ کٽمٺڙن، بسڪوٽن، سمبوسن، پڪوڙن ۽ ساشي بند چپس جهڙين بازاري شين ۾ پڻ موجود آھي. جنھن جو گهڻو مقدار رت جي دٻاءُ وڌڻ سميت مختلف بيمارين جي وڌڻ جو ڪارڻ پڻ آھي. ڪتاب ۾ ھڪ بلاگ رت جي دٻاءُ متعلق آھي، جنھن ۾ پڻ سنڌي انگريزي ۾ لکيل چارٽن ۾ رت جي دٻاءُ جو مرض، ان جون علامتون، ان جا سبب سميت انھيءَ مرض مان ڇوٽڪاري جو دڳ پڻ سمجھايل آھي. ڪتاب ۾ بلاگن جي نالي ۾ ڪجھه چوڻي نما چڀندڙ تبصرا به آھن، جن ۾ ٿورا لفظ گهري ۽ وسيع مفھوم جي وارتا بيان ڪن ٿا.
بلاگ “ڀُڻڪ” ۾ سياست ۾ غير سياسي قيادت جي ڳالھه تي سوال اٿاريل آھي. جڏھن ته “ھئو مئو ٽري” ۾ ملڪ جي سياسي منظر بدلجڻ بدلائڻ ۾ تيلي لڳائڻ ۽ ڀنڀور کي باھ لڳائڻ واري ڏانھن اشارو آھي، جنھن جو مطلب ته سياست اڄ به بيٺڪيت واري عھد جي چڪر ۾ ئي ڦاٿل آھي. بلاگ “سودو” ۾ اصولن تان ھٿ نه کڻڻ جي ڳالهه آھي. جڏھن ته “ھٿ پير” ۾ ھڪ خوفناڪ سودي جو ذڪر آھي. بلاگ “پتِي” ۾ ڀاڙيتو مڊل ڪلاس جي مفاد پرست ڪردار جي ڳالھه آھي. جڏھن ته “ھدف” ۾ سياست جي نالي ۾ اشتھاري مھم جو ذڪر آھي. بلاگ “واڌايون” ۾ ڪجھه ڏينھن جي جنگ کي ھٿيارن جي اشتھار بازي سڏيل آھي. جڏھن ته “جِھل” ۾ عمل کانسواءِ علم کي جھالت سڏيل آھي ائين “ڀورائي” ۾ تاس ۽ طاس وچ ۾ طنز ۾ فرق بيان ٿيل آھي. بلاگ “واڌايون” ۾ سنڌو سپت ۾ ڀارت پاران پاڻي ڇڏڻ تي واڌايون آھن.
ڪتاب ھڪ سج ٻه پاڇا ۾ ڪجهه متفرق بلاگ به آھن، جن مان بلاگ “سياست جو ڇيد” ۾ دنيا ۾ سمورن جهيڙن کي مايا ۽ ويلي جي گرهه جو جهيڙو سڏيو ويو آھي. جڏھن ته “مولھيو” ۾ مولھيئي جي شڪل صورت، وصف ۽ ان جو گرمي کان بچاءُ لاءِ ڪارج بيان ٿيل آھي ائين “اک پٽ” ۾ روشني پبليڪيشن پاران شايع ٿيل سنڌ پنجاب مان وھندڙ سنڌو سپت جي انوکي نقشي ۽ نقشبندي تي طنز ٿيل آھي. بلاگ “گُهر” ۾ سنڌ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ سميت ڪچي واري زمين کي مقامي ماڻھو حوالي ڪرڻ جي ڳالهه آھي. جڏھن ته “مفت مشورو” ۾ ٻارن کي ليٽرين جي استعمال سيکارڻ سميت عقل جي کوٽ ۾ آيوڊين جي کوٽ جي استعمال جي ڳالھه آھي، ائين بلاگ “ماءُ جي مرڪ” ۾ ماءُ جي مرڪ جي ٻار جي جيون ۾ اھميت جو ذڪر آھي.
بلاگ “پاپولزم” ۾ پاپولزم جي وصف اڀرڻ جا ڪارڻ ۽ اثر بيان ڪيل آھن. اھا پاپولزم جنھن جو ديو ايشيا کان يورپ لاطيني آمريڪا کان اتر آمريڪا تائين آدم بو آدم بو ڪندو سياست تي حاوي آھي ۽ عوام جا بنيادي مسئلا انھيءَ طوفان بدتميزي ۾ گم ٿي ويا آھن. بلاگ “منڌل مت” ۾ سنڌو سڀيتا کي ھڪ تھذيب بجاءِ گهڻين تھذيبن جو مجموعو سڏيل آھي.
“ويچارو مرد” ۾ پدر شاھي جي پوئلڳن تي تنقيد آھي. انھيءَ مضمون نالي بلاگ ۾ ليکڪ ھڪ بدوءَ عورت جيڪا پبلڪ ھيلٿ اسپيشلسٽ آھي جون ساروڻيون ساريون آھن.
عبدالرحمان پيرزادي جي بلاگن جي ھن ڪتاب ھڪ سج ٻه پاڇا ۾، ٽوٽڪا، چھنڊڙيون، رھڙون، رھنڊون ۽ چٿرون به آھن. اھو عبدالرحمان جو پنھنجو اسلوب به آھي ته سندس پراڻو مشغلو به آھي جنھن ۾ چھنڊڙِي، رھڙ، رھنڊ، چٿر ۾ ھو تُز تُز ڳالھه ڪندي مزو به وٺندو آھي. بلاگن جي ويس ۾ چڀندڙ چوڻيون به آھن ته تنقيد، ٽوڪن، مڪالن ۾ مشورن جا انبار به آھن. ڪافي مامرن ۾ سندس تنقيد صائب ۽ وقتائتي به ھجي ٿي جيئن ھو “ڀُڻڪ” ۾ چوي ٿو ته “غير سياسي قيادتون، غير سياسي ھيرو، خبر ناھي بيٺڪيتين جي آبتن جا پونئير ۽ جديد بيٺڪيتين جا آبتي ھن سماج کي ڪيترو لوڙائيندا.” سنڌو درياءَ تي ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٻٻرلوءِ ڌرڻي جو ڊراپ سين انھيءَ ڳالهھ جو ئي پرتوو ھو ته ڪيئن سياسي ڌرين جي ڪمزوري سبب مامرا وڪيلن ڏانھن ھليا ويا ۽ جڏھن اھي پوتي ڇنڊي اٿيا ته پرائي بس ۾ سوار سياسي ڌرين کي کنگهيو به نه ويو. ليکڪ جي بيٺڪي آبتين واري ڳالھه به سئو سيڪڙو پيپلزپارٽي، نوازليگ سميت ھتان جي روايتي قومپرست سياست تي ھڪ جھڙي لاڳو ٿئي ٿي، جن کي صرف واري جو انتظار آھي جنھن ۾ عوام کي ڪجھه پلئي ناھي پوڻو. سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف تحريڪ سنڌ ۾ ھڪ نئون روح ڦوڪيو، خوف ختم ڪيو، نوان دڳ نڪتا نوان سبق مليا ليڪن انھيءَ جدوجھد جي فوري بينيفشري پيپلزپارٽي بڻجي وئي جنھن انھيءَ احتجاج جي آڙ ۾ پنھنجي سوديبازي واري پوزيشن بھتر ڪئي. ھاڻي ته انھيءَ جدوجھد ۽ احتجاج ۾ آڏو آڏو سياسي ڌرين سميت ڌرڻي جا ڌڻي وڪيل به پاڻ ۾ جُهٽ آھن ته ساڻن ھٿ ٿي ويو آھي ۽ انھيءَ تحريڪ ۾ سرڪار جا ماڻھو پلانٽ ٿيل ھئا.
سنڌ جي سياست جو ڇيد ڪندي “ڪچو ڌاڳو”، “پتي”، “ھدف” ۾ ملڪ ۾ جاري سياست ڪئنالن ٺھڻ خلاف احتجاج ۽ جدوجھد تي آڱر به کڻي ٿو ته سياست تي تنقيد به ڪري ٿو، سياسي ڌرين جي معاملا فھمي نه ھجڻ تي ٽوڪ ۽ چٿر به ڪري ٿو. سن ۱۹۷۳ع جي آئين ھيٺ سنڌ سميت ھن ملڪ جي شھرين کي آئين ۽ قانون مطابق تقرير، تحرير ۽ احتجاج جي آزادي آھي. جيڪڏھن حقن جي لتاڙ ٿئي، قانون ۽ آئين جي ڀڃڪڙي ٿئي ته ان تي احتجاج به ٿيندا ڌرڻا به لڳندا. ائين سنڌوءَ درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ جو ڪم به آئيني ادارن کان ماورا ڪيو ويو جيڪو پوءِ ظاھر به ٿيو. جڳ مشھور ڏاھي نوم چومسڪيءَ جو چوڻ آھي ته دانشور کي اسٽيٽس ڪو خلاف عوام سان گڏ بيھڻ گهرجي. اھڙي مرحلي تي پنھنجا حق وٺڻ لاءِ احتجاج ڪندڙن کي ھڪ لائين ۾ بيھاري سڌي اڻ سڌي طرح بيٺڪيتن جا آبتي سڏڻ سمجهه کان ٻاھر آھي.
ھن ڪتاب ۾ چند لفظن تي مشتمل ھڪ سٽ “جِھِل” به آھي جنھن ۾ لکيل آھي ته: “علم مان عمل ڪڍجي ته باقي جهالت بچندي.”
ھڪڙي چوڻي ڪارل مارڪس سان به منسوب آھي ته: “فلسفين سماج جي صرف تشريح ڪئي آھي، جڏھن ته اصل ڳالھه سماج کي بدلائڻ جي آھي.” بلاگر عبدالرحمان پيرزادي جي ڳالھه کي انھيءَ پيرائي ۾ ئي وٺجي ته پوءِ مفھوم اھو نڪرندو ته ھتي به ڳالھيون ڪرڻ وارا، نصيحت ۽ تنقيد ڪرڻ وارا ته کوڙ آھن، پر پنھنجي ڳالھه تي عمل ڪرڻ وارا ڪونھن. تبديلي ۽ نئين فڪر جي ڳالھه مارڪس به ڪئي ۽ ھن انٽرنيشنل ورڪنگ مين ايسوسيئيشن قائم ڪري محنت ڪش طبقي جي مقدر جي تبديلي لاءِ جدوجھد به ڪئي، لينن به علم کي عمل سان جوڙي بالشويڪ پارٽي جي تعمير ڪري دنيا جي تاريخ جو عھد ساز انقلاب برپا ڪيو ۽ مائوزي تُنگ به جيڪو چيو ان تي عمل ڪري ڏيکاريو. اسان جي سماج ۽ سياست جو اھو الميو ۽ مونجھارو آھي ته جنھن وٽ علم آھي، انھيءَ وٽ عمل ڪونھي ۽ جيڪو عمل ۾ آھي اھو جاھل پيو سڏجي.
ھن ڪتاب جي ھڪ بلاگ “ڳڀ وتي جي سارسنڀال” ۾ من کي ڇھندڙ ڪجهه سٽون آھن ته:
“اميدن ڀرئي آئيندي جو پنڌ ڳڀ وتيءَ جي سارسنڀال”
ھڪ ڊزن کان به گهٽ لفظن تي مشتمل اھا سٽ ڳڀ وتي ۽ مسقبل جي ماءُ جو ماڻ به ڀاسجي ٿي ته ھن ڌرتي جي مسقبل جو مان به محسوس ٿئي ٿي. اميدن ڀرئي آئيندي جو پنڌ، ڳالھه ۽ عمل جي سنگم ذريعي ممڪن آھي. عِلم جي عَلم ھيٺ سياست ھوندي ته نتيجا به مختلف ھوندا. صف بندي ڪرائڻي پوندي آھي، محنت ڪش طبقي کي نظرئي جي علم سان ھٿيار بند ڪرڻو پوندو آھي، جيڪو ڪم صرف تنظيم ڪري سگهي ٿي. اميدن ڀرئي آئيندي جي پنڌ جو حاصل مطلب اھو آھي ته نه صرف ڳڀ وتيءَ جي سارسنڀال ڪجي، پر ھتان جي سياست ۽ ھن سماج کي ماڻھپو موٽائي عمل کي علم جي ڇٽي جي ڇانو ھيٺ ڏئي آئيندي جو پنڌ اميد ڀريو ڪري سگهجي ٿو.