بلاگنئون عجيب ڇوڪري هئي June 5, 2025 Zahida Abro هوءَ پنهنجي ڊيوٽي تان واپس اچي ٽاڪ منجهند جو پنهنجي ٻارن کي اهو چئي وئي ته آئون محبتِ سنڌ ريلي ۾ شريڪ ٿي جلد گهر واپس اچان ٿي. سندس ننڍڙي پٽ کي بخار هو، جنهن لاءِ پنهنجي وڏن ٻارن کي سندس خيال ڪرڻ جي تلقين به ڪيائين. سندس مڙس دفتري مامرن سبب ملڪ کان ٻاهر ويل هو. انهن ڏهاڙن ۾ ڪراچي ۾ هنگامو برپا ٿيل هو، جيڪو حڪومتِ وقت سان شامل رهندڙ سياسي ڌر طرفان سنڌ کي ورهائڻ جو سعيو هو. صوبائي حڪومت ڪنهن مصلحت سبب کين ڍر ڏيو ويٺي هئي ته مَن ڪو چڱائي جو رستو نڪري پوي. اهو مامرو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي برداشت کان ٻاهر هو، جنهن جي نتيجي ۾ 22 مئي 2012ع تي ڪراچي ۾ محبتِ سنڌ ريلي ڪڍي ويئي هئي، جنهن ۾ سموري سنڌ جا جوان، بزرگ، عورتون ۽ ٻار شامل ٿي ويا هئا. لياري ڪراچي کان نڪتل اها ريلي جڏهن پان منڊي طرف وڌي ته مسجدن، گهٽين ۽ فليٽن تان نقاب پوش شرپسندن فائرنگ ڪرڻ شروع ڪري ڏني. غزالا بتول صديقي بهادرن جيان انهن کي للڪاريندي، ٻين عورتن کي پوئتي ڪندي اتي بيٺل پوليس وارن کي ڇنڊ پٽي ته اوهين فائرنگ ڪندڙن تي ڇو نٿا ايڪشن وٺو. ان دوران کيس گولي لڳي جيڪا سندس مٿي ۾ آر پار ٿي وئي ۽ هوءَ نٽهڻ اُس ۾ تتل روڊ تي بيهوش ٿي ڪري پئي. هڪ ته ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جي پيهه ۽ افراتفري ٻيو کيس فوري طور طبي امداد نه ملڻ ٽيون وري مٿي مان زياده خون وهڻ سبب هوءَ سنڌ جي محبت ۾ موت جو جام نوش ڪندي شهيد ٿي وئي. سندس ويجهي مائٽ ۽ ننڍپڻ جي دوست فيض صديقي جي بقول ته: ڪي حادثا ۽ ڪي واقعا نئين تاريخ رقم ڪندا آهن. ڀلا کيس ڪهڙي ضرورت هئي ته پي. آئي. اي ۾ سٺي نوڪري ڪندڙ هڪ سکي ستابي زندگي گذاريندڙ، ننڍڙن ٻارن جي ماءُ اونهاري جي نٽهڻ اُس ۽ گرميءَ ۾ پنهنجي گهر کان نڪري هڪ اهڙي سياسي پارٽي جي ريلي ۾ شرڪت ڪري ٿي، جنهن سان هن جو باقاعده تعلق به نه هو. هن جي شرڪت صرف ۽ صرف سنڌ ڌرتي سان محبت ۽ ان خلاف ٿيندڙ سازشن سان ٽڪر کائڻ لاءِ هئي. شهيد غزالا بتول دادو ضلعي جي ڳوٺ پاٽ ۾ 11 مارچ 1969ع تي قطب الدين صديقي جي گهر ۾ پيدا ٿي. ياد رهي ته قطب الدين صديقي سنڌ جي سابق وزير اعليٰ محمد ايوب کهڙو جو پرائيويٽ سيڪريٽري رهي چڪو هو. شهيد غزالا بتول جي پيءُ جي ٻي شادي ڪراچي جي سماجي، سياسي ۽ مزدور اڳواڻ محمد عثمان بلوچ جي ڀيڻ آپا حُسن بانو سان ٿيل هئي، جنهن مان کيس پنج پٽ ۽ هڪ ڌيءَ غزالا بتول پيدا ٿي. غزالا بتول جون ٻئي مائرون پنهنجي ٻارن سميت ڳوٺ پاٽ خواهه ڪلاڪوٽ لياري ڪراچي ۾ گڏ رهنديون هيون. غزالا بتول جو والد پوکي، کيتي، راهي ۽ رَکَ جي لالا نگهري ڳوٺ پاٽ ۾ رهندو هو، ان ڪري سندس ٻارن جي ابتدائي تعليم به ڳوٺ پاٽ ۾ ٿي. غزالا بتول سيڪنڊري تعليم اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچي مان حاصل ڪئي. اونهاري جي وئڪيشن يا عيد جي موڪلن ۾ هوءَ ڳوٺ پاٽ ۾ رهندي هئي. جنرل ضياءُ الحق جي دور حڪومت ۾ سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي وارداتن جي عروج ڳوٺ پاٽ جي باشندن کي به لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪيو. جنهن ڪري غزالا بتول جي گهرڀاتين حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي سندن ذاتي گهر به موجود هو. غزالا بتول حيدرآباد ۾ سنڌ هوميوپيٿڪ ڪاليج مان هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر جي سَنَد حاصل ڪئي. ڪراچي ۾ غزالا بتول جي وڏي ڀاءُ جي سئي سدرن گيس ۾ ملازمت هجڻ ڪري سندس خاندان مستقل طور ڪراچي ۾ سڪونت اختيار ڪئي. هن ڪراچي يونيورسٽي ۾ ماس ڪميونيڪيشن ۽ بين الاقوامي تعلقات ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ پوءِ پي.آئي. اي ۾ ملازمت حاصل ڪئي. جتان هوءَ نوڪريءَ ۾ ترقي ڪندي سينئر ايڊورٽائيزنگ آفيسر مقرر ٿي. سندس شادي ساڳئي اداري ۾ ڪم ڪندڙ آفيسر مظهر زرداري سان ٿي. غزالا بتول ڪراچي ۾ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران پي. ٽي. وي جي ڪجهه سنڌي ڊرامن ۾ به حصو ورتو، جنهن لاءِ کيس سندس انڪل عبدالغفار ميمڻ متعارف ڪرايو، جيڪو پاڻ به پي. ٽي. وي سنڌي ڊرامن جو سينئر اداڪار هو. حيدرآباد ۾ شهيد غزالا بتول 90 جي ڏهاڪي ۾ فسادن دوران جڏهن سنڌي گهراڻن جي لڏپلاڻ ٿي ۽ ڪيترائي خاندان دربدر ٿي وحدت ڪالوني، قاسم آباد، گدو، حسين آباد جي ڪيمپن ۾ پناهه ورتي ته هوءَ سنڌي قومي ساٿ جي ليڊيز اڳواڻ فهميده قريشي سان گڏجي متاثرن جي لاءِ سخت گرميءَ ۾ چندو گڏ ڪندي رهي ۽ انهن جي مدد لاءِ پتوڙيندي رهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته شهيد غزالا بتول صديقي جي ان جوش، جذبي، بهادري، همت ۽ عظمت سنڌ جي نياڻين ۾ وڏو اتساهه پيدا ڪيو. هن شهيد هوش محمد شيدي جي نعري “مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون” کي تازو ڪري ڇڏيو. اڄ سنڌ جي نياڻين سنڌو نواز گهانگهرو، روماسا جامي، فريده ميمڻ، صوفيه راڄپر ۽ ٻين هزارين نارين پنهنجي جوش ۽ ولولي سان ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته وطن سان ڪوڙ، دغا، فريب، زيادتي ۽ حق ڦٻائڻ دشمن کي راس نه ٿي سگهندو.*** Post Views: 31