آمريڪا ته ٽرمپ جي اڳوڻي دور کان ئي ان دٻاءُ ۾ هو ته گڏيل فورسن (نيٽو) جو جيڪڏهن هڪ به فوجي مرندو ته ان جو حساب آمريڪا کي ڏيڻو پوندو، ڇو ته نيٽو فورسون اهڙي ڪابه جنگ نه ٿي وڙهي سگهيون، نه ئي اهڙي جنگ جو حصو بڻجي سگهيون ٿي، جنهن جو قيامت تائين نتيجو ڪڍڻ مشڪل هجي، جنهن جو ڪو انت نه هجي. اها به حقيقت آهي ته نيٽو فورسن جي هجڻ سان رڳو آمريڪا جي سپر پاوريءَ جي آبياري ٿي، ان ڪري ته وچ ايشيائي ملڪن ۾ سي آءِ اي مذهبي گروھ ۽ لساني ٽولا جيڪي اينٽي اسٽيٽ ايليمينٽ جي طور تي ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا، سي پالي ٿي. اهي باغي گروھ پاڻ اهو ثابت ڪن ٿا ته رياست انهن تي ظلم ٿي ڪري. ڪٿي ڪٿي رياست به انهن ايجنسين سان ٻِٽُ بيٺي هوندي آهي ته هٿيار به کپن ۽ آمريڪا به خوش ٿئي، ان ڪري رڳو طالبان (ٽي ٽي پي ۽ افغان ويڙهاڪن) جو مثال وٺجي ته اهي جڏهن ٽي ٽي پي وارا پاڪستان ۾ هجن ٿا ته به انهن جي جنگ پاڪستان سان هجي ٿي ۽ جي اهي پاڪستان جو بارڊر ٽپي افغانستان جي آشيرواد ۾ وڃن ٿا ته به اهي پاڪستاني آرمي ۽ شهرين سان ٿا وڙهن. طالبان پنهنجي هٿ ٺوڪئي انقلاب کان پهرين افغانستان کي ٻاري رکيو هو جو ڪا مسجد ۽ اسڪول نه ڇڏين جتي حملا نه ڪين ۽ هتي ڪي پي ۾ ۽ ملڪ جي وڏن شهرن ۾ ڌماڪا ڪري ثابت ڪين ته اهي اڃان تائين آمريڪي آقا جي عتاب هيٺ آهن.
حيرت اها به آهي ته پاڪستان ۽ خاص ڪري ڪي پي طالبان ۽ مذهبي گروهن جي ٻيجارو ثابت ٿيو آهي، جنهن جيش محمد، ٽي ٽي پي، افغان طالبان، القاعده، آءِ ايس آءِ ايس (خراسان گروھ) وري وچ ايشيائي ملڪن ۾ انصارالله، حوثي (يمني گروھ) حماس يا هتي تحريڪ نفاذ شريعت، لشڪر جهنگوي، لشڪر طيبه وغيره وغيره. ماضي ۾ اهو به ڏٺو ويو ته آمريڪا جي سي آءِ اي پاڻ پنهنجا فوجي ۽ عوام به مارائيندي رهي آهي، پوءِ اها ويٽنام جي جنگ هجي، جاپان جي جنگ هجي، جاپان مٿان بم ڪيرائڻا هجن يا آمريڪي بحري اڏي تي جاپانين جو حملو هجي، پر هاڻي جي صورتحال جي ڳالھه ٻي آهي، هاڻي واري جنگي حڪمت عملي ٻي آهي. 1951، 1967، 1980 ۽ 2001 واريون جنگي حڪمت عمليون ٻيون هيون، ڇو ته انهيءَ دوران هي آمريڪا وارا رڳو اهو طئي ڪري ويٺا هئا ته پاڪستان ۾ فوجي حڪومت قائم ڪري، انهن کي فوجي امداد ڏئي روس تي حملا ڪجن، روس کي ٽوڙجي ته جيئن روس جي رياستن ۾ ڏڦير وجهي سگهجي، پر هاڻوڪي صورتحال ۾ روس سان گڏ چين، پاڪستان، ترڪي، مليشيا ۽ ايران به آهن، پوءِ ايترا شڪار ڪرڻ انهن سي آءِ اي جي لاءِ پهرين جي نسبت ڏکيو عمل آهي، ان ڪري سي آءِ اي وارا هاڻي ڊالرن جي عيوض هتان جا ماڻهو خريد ڪري گھٽ ۾ گھٽ سول وار جهڙا ڏڦير وجهي سگهن ٿا.
ڏسجي ته اسلامي حڪومتون ڪٿي ناهن، گذريل ويهن سالن ۾ يا اڌ صدي اڳ ڇا طالبان پنهنجي حڪومت ٺاهي سگهيا هئا يا اڃان تعمير هيٺ آهي؟ رڳو لڙائي، رڳو جنگ ۽ فساد، اها ڪهڙي جدوجهد آهي، اها ڪهڙي طرز جي اسلامي حڪومت آهي؟ اهو ڪهڙو اسلامي انقلاب آهي، اهو ڪهڙو ڊرامو آهي؟ ڀلا ڏسون ته ايران ۾ اسلامي طرز جي حڪومت ناهي ڇا، اتي انقلاب نه آيو هو ڇا، بس هڪ دفعو اچي ويو، ملڪ اندر ئي سرد جنگ هلي وري بس ٿي وئي، نظام بدلجي ويا، دنيا ايران جو اهو لقاءُ ڏسي وائڙي ۽ حيران ٿي وئي. حڪومتون، طريقا، طرز ۽ ڍنگ هڪ دفعو بدلي ٿي ويا، ماڻهن جي جان ڇٽي، ڪنهن به مداخت نه ڪئي، سڀ راضي ٿي ويا، انقلاب اچي ويو. پوءِ جي طالبان کي سچو ۽ ايمانداراڻو انقلاب آڻڻو هجي ها ته هڪ دفعو آڻين ها ۽ اسلامي حڪومت قائم ڪن ها. ڀلا هنن جي ڀرپاسي ۽ پاڙيسري ملڪن ۾ ڪو يورپي حڪومتون آهن ڇا؟ پر حقيقت ۾ هي اسلامي حڪومت نٿا آڻڻ چاهين، ڇو ته اهي ”پيڊ ورڪرز“ آهن، آمريڪي ايجنڊا کڻي ٿا ڪم ڪن، ڪو به انقلاب ناهي، هنن جي نيت رڳو فساد ڦهلائڻ ۽ دهشتگردي ڪرڻ آهي. يا اهڙو ماحول قائم ڪرڻو آهي جنهن ۾ جهالت قائم رهي سگهي. ڀلا ڏسجي ته ڇا اسان جي ملڪ ۾ ملائيت، اسلام، مذهبي طور طريقا ناهن ڇا؟ يا اسان وٽ ٻيو مذهب آهي، جو هاڻي هي طالبان افغانستان ۾ نئين دين جي شروعات ڪندا. ڀلا هنن 20 سالن تائين ڪهڙي ورڪنگ، هوم پريڪٽس ۽ تبليغ ڪئي جو هاڻي هنن کي بس هڪ اشاري جي دير هئي جو هنن ڊسمبر 2021 جي نيٽو فورسن جا جٿا نڪري ويا ته افغانستان ۾ اسلام قائم ٿي ويو. حقيقت ۾ ڪجھه به ناهي، رڳو ٺڳي، دغابازي، شعبديبازي، رنگين مزاجيءَ جو ڏيکاءُ آهي يا صيهوني حڪومتن جي پيروڪاري آهي، اسلام جي نالي تي واپار آهي ٻيو ڪجھه به ناهي.
هاڻي واري صورتحال ۾ صيهوني ۽ زايونسٽ لابين آمريڪا جي ڪانگريس سميت ٽرمپ کي به چريو ڪري ڇڏيو آهي، پر اها به چڱائي سمجهجي جو عرب جاڳي پيا آهن ۽ ٽرمپ جي آڇ ٺڪرائي هنن هاڻي غزه تي 50 ارب ڊالر خرچ ڪرڻ جو سوچيو آهي، اهي سمجهن ٿا ته اها ڌرتي به دبئي ٿي سگهي ٿي، رڳو عربن جي غيرت جاڳڻ جي دير هئي، ان ڪري ٽرمپ جو مٿو به ڀت سان لڳايو اٿن. وري ڪئناڊا به آمريڪا کي ٺپ جواب ڏئي اهو ثابت ڪيو ته آمريڪا ڀلي پاناما ڪينال جا بهانا ڪري، پر ڪئناڊا تي قبضو نه ٿو ڄمائي سگهي. هيڏانهن وري افغان ۽ پاڪستاني باشندن جي آمريڪا ويزا تي پابندي هڻي اهو ثابت ڪندو ته هو واقعي صيهوني ۽ زايونسٽ گروهن ۽ ٿنڪ ٽينڪ جو نمائندو آهي. هن ڀيري ٽرمپ آمريڪا اندر درآمدن تي ٽيڪس وڌائي چين جي برآمدن کي ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ان ڪري چين جي سستي مال جي چڪر ۾ آمريڪا وارا پاڻ پنهنجي سامان خريد ڪرڻ لاءِ راضي ڪونه هئا ۽ آمريڪا جون لوڪل ڪمپنيون ويهي ويون هيون، ان ڪري هاڻي ٽرمپ چين کي نقصان ڏيندو، پر حيرت اها به آهي ته هيل ٽرمپ گهڻا محاذ کولي ڇڏيا آهن، جنهن جو آمريڪا کي نقصان ٿيندو.
وري ايڏي تيزي سان صورتحال تبديل ٿي ٿئي، جو ان کان اڳ ڪڏهن ڏسڻ ۾ نه آيو، ڇو ته ائين به آهي ته دهل پاڙي ۾ وڄي ۽ مست به پاڙي وارا ٿين. گوڙ گھمسان هڪ گهر ۾ ڦشري سڄي پاڙي ۾، جي ڀلا اسلام جي پکيڙ ۾ فائدو آهي ته اهي سڀ افغاني مسلمان خوش ٿين، دهل شرنايون کڻن، ڇو ته اسلامي حڪومت ڀلا خراب آهي ڇا؟ يا اسلامي حڪومت افغانين کي پسند ناهي. اسان به ته اهو چاهيون پيا ته رياست جي خواهش پوري ٿئي، وزيراعظم شل اميرالمومنين ٿئي، پوءِ طالبان جي حڪومت کان انڪار ڇو؟ معني اهي طالبان پَٺُو آهن، اهي دهشتگرد آهن، اهي آمريڪي آشيرواد سان آيل آهن، اهي آمريڪي هٿڪنڊا آهن، اهي آمريڪا جي جنگ ٿا وڙهن. ڇو ته اهي ڪڏهن به آمريڪا جي ٺڪاڻن، جاين، جڳهين، عمارتن، سينيمائن، شراب خانن، جوا جي اڏن، پروسٽيٽوٽ جي اڏن تي حملا نٿا ڪن. اهي ته حملا رڳو مسجدن تي ٿا ڪن، مذهبي اڳواڻن، سياستدانن، عوامي ميڙن، مجموعن، فوج جي جٿن، پوليس جي عملدارن ۽ سرڪاري عمارتن تي ٿا ڪن. انهن جو انقلاب ۽ اصول اسلامي ناهي، نه ئي اهي اسلام پرست آهن، اهي شدت پسند، دهشت پسند، خودڪش بمبار ۽ آمريڪي ڊالرن تي نوڪري ڪندڙ آهن، پر اهي اسلام نما سپاهي آهن، جن کي اسلام کان آمريڪي مشن وڌيڪ عزيز آهي، جنهن ۾ هنن کي اسلام جو چهرو بگاڙڻو آهي، جنهن ۾ ماڻهن کي مارڻ، بي ڏوهو ملائيت، اسلام پرستي، مذهبي ناموس کي نقصان پڄائڻ انهن جو اولين مشن آهي، پوءِ انهن جي آڏو اسلام جي ناموس، عزت ۽ وقار جي ڪا ڳالھه ناهي، انهن جي آڏو آمريڪي ڳالھه جي وڏي ڳالھه آهي.