ايڊيٽوريلنئون

”خان جي اک“ پي ٽي آءِ لاءِ بيانيو، حڪومت لاءِ چئلينج

پاڪستان هن وقت هڪ اهڙي موڙ تي بيٺو آهي، جتي معاشي ترقي ضرورت نه، بلڪه ملڪ جي بقا جو معاملو بڻجي چڪو آهي. پاڪستان تي آءِ ايم ايف جي قرضن جي صورت ۾ تمام وڏو بار موجود آهي، مهانگائي تيزيءَ  سان وڌي رهي آهي. ان کان علاوه حڪومت لاءِ مختلف صورتن ۾ ڪيترائي ٻيا چئلينج جن ۾ سياسي استحڪام، امان و امان جو مسئلو ۽ آءِ ايم ايف جا شرط، ٽيڪس جو هدف پورو نه ٿيڻ جهڙا ڪيترائي مسئلا هن وقت موجوده حڪومت لاءِ معاشي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن. اهڙي وقت ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اک جو معاملو حڪومت لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي اڳيان اڀري رهيو آهي. پندرهن ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي اها خبر مختلف ذريعن سان وائرل ٿي ته عمران خان کي اڊيالا جيل کان پمز اسپتال منتقل ڪري سندس اکين جو معائنو ڪري وري کيس اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو، جنهن بابت پهرين حڪومت انڪار ڪيو، پر پوءِ حڪومت کي مڃڻو پيو ته اهو سچ آهي.

ان کانپوءِ سپريم ڪورٽ پاران مقرر ڪيل Amicus Curiae طور سلمان صفدر کي 10 فيبروري 2026 تي عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات لاءِ موڪليو ويو ته جيئن هو خان جي جيل ۾ رهائشي سهولتن ۽ صحت بابت رپورٽ ٺاهي ڪورٽ کي جمع ڪرائي سگهي. 12 فيبروري تي عدالت ۾ هڪ تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائي وئي، جنهن مطابق عمران خان جي ساڄي اک جي بينائي 85 سيڪڙو ختم ٿي چڪي آهي ۽ هن وقت کيس 15 سيڪڙو نظر اچي رهيو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عمران خان سلمان صفدر کي ٻڌايو ته آڪٽوبر 2025 تائين سندس نظر بلڪل ٺيڪ (6/6) هئي، پر ان کانپوءِ کيس ڌنڌلو نظر اچڻ لڳو. رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو آهي ته جيل انتظاميه کي بار بار شڪايت ڪرڻ باوجود ٽن مهينن تائين رڳو آءِ ڊراپس ڏنا ويا، جنهنڪري سندس اک جي حالت خراب ٿي وئي. رپورٽ ۾ عمران خان جي پمز جي ڊاڪٽرن جي رپورٽ مطابق کيس Right Central Retinal Vein Occlusion جو مسئلو ٿيو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته اک جي رڳ ۾ رت ڄمي ويو آهي. ان جي لاءِ 2026 جي آخر ۾ کيس هڪ انجيڪشن به لڳائي وئي، پر بينائيءَ ۾ ڪو خاص سڌارو نه آيو. جيل جي سهولتن بابت رپورٽ ۾ٻڌايو ويو آهي ته هو سيڪيورٽي انتظامن کان مطمئن آهي سندس سيل ۾ هڪ بيڊ، ميز، ڪرسي ۽ 32 انچن جي ايل اِي ڊي ٽي وي لڳل آهي جيڪا خراب حالت ۾ هجڻ ڪري ڪم نه پئي ڪري. کيس ورزش لاءِ سائيڪل ۽ ٻيون مشينون مهيا ڪيل آهن. واشروم بابت رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اتي صفائي جي ضرورت آهي ۽ هوا جي نيڪال جو نظام موجود ناهي. رپورٽ ملڻ کانپوءِ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ بينچ حڪم ڏنو آهي ته عمران خان جي معائني لاءِ هڪ خاص ميڊيڪل بورڊ جوڙيو وڃي، کيس پنهنجن پٽن قاسم ۽ سليمان سان فون تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ کيس پنهنجي ذاتي ڊاڪٽرن تائين پهچ ڏني وڃي.

ڏٺو وڃي ته عمران خان هن وقت هڪ سياسي قيدي نه بلڪه هڪ سزا يافته قيدي جي طور تي جيل ۾ سزا ڪاٽي رهيو آهي. ان حساب سان کيس جيل ۾ اي ڪلاس کان به مٿي جون سهولتون حاصل آهن، پر اهو به ممڪن آهي ته جيل ۾ ڊپريشن ۽ ملاقاتين سان ملاقات نه ڪرائڻ جي ذهني ٽارچر سبب کيس اها تڪليف ٿي هجي. جڏهن ته حڪومت جو چوڻ آهي ته حڪومت اڊيالا جيل ۾ عمران خان جي سيل تي لکين رپيا ماهوار خرچ ڪري رهي آهي. جيئن ته پاڪستاني سياست ۾ ڪنهن به سياسي پارٽيءَ کي اڳتي وڌڻ جي لاءِ هڪ بيانيي جي سخت ضرورت هوندي آهي، جنهن کي سياسي پارٽيون پنهنجو هٿيار چئي استعمال ڪنديون آهن. پي ٽي آءِ کي به هن وقت تائين ڪوبه اهڙو هٿيار هٿ نه اچي سگهيو هو جنهن جي ان کي سخت ضرورت هئي، پر هاڻي پارٽيءَ جي طرفان اهو الزام لڳايو پيو وڃي ته حڪومت جي جبر سبب عمران خان کي جي هڪ اک جي بينائي ڪمزور ٿي وئي آهي ۽ کيس نيلسن منڊيلا سان ڀيٽيو پيو وڃي ۽ پارٽي يقينن هن کي عالمي سطح تائين کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪندي، جنهن سان سياسي طور تي عوام جي اندر عمران خان لاءِ ستل همدردي هڪ دفعو وري جاڳي پوندي. خاص طور تي جڏهن سلمان صفدر اها رپورٽ ڏني ۽ چيو، “خانصاحب چيو آهي ته هن کي هڪ اک کان نظر نٿو اچي، پر هو جهڪڻ لاءِ تيار نه آهي.” اهو جملو پي ٽي آءِ جي ورڪرن اندر نئون جوش ڀري سگهي ٿو. اهوئي سبب آهي جو پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزيءَ سان لاٿ جو رجحان آهي. اسٽاڪ مارڪيٽ کي سياسي استحڪام جي ضرورت هوندي آهي. سلمان صفدر جي پيش ڪيل رپورٽ کانپوءِ سيڙپڪارن جي اندر هڪ خوف جهڙو ماحول پيدا ٿي ويو آهي ۽ مارڪيٽ منفي رجحان ڏيکاري رهي آهي. پاڪستان جيئن ته هميشه آءِ ايم ايف جي پروگرامن هيٺ هوندو آهي جيڪڏهن قسط جي شرطن تي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ به ڪا ڇڪتاڻ ٿيندي آهي ته اسٽاڪ مارڪيٽ فوري طور هيٺ ايندي آهي. هن وقت سيڙپڪارن کي خدشو آهي ته جيڪڏهن خان جي صحت واري معاملي ملڪ ۾ ڪو وڏو احتجاج يا هنگامي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي ته ڪاروبار بند ٿي سگهن ٿا. ايئن سمجهو ته هن وقت عمران خان جي اک مارڪيٽ جي تيزي ۽ مندي کي ڪنٽرول ڪري رهي آهي. حڪومت لاءِ هن وقت يقينن اهو هڪ وڏو چئلينج آهي ته ملڪي معيشت کي سنڀالڻ لاءِ صحيح رخ ۾ قدم کڻي ته جيئن عوام جي سياسي ڪاوڙ کي به ٿڌو ڪري سگهي. اڳوڻي وزيراعطم عمران خان جي صحت جي معاملي کي شفافيت ۽ ميڊيڪل بورڊ جي قيام سان هينڊل ڪري ته جيئن مخالف قوتن کان خان جي اک جو مسئلو جنهن کي هٿيار بنائڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي ان ۾ اها ڪاميابي نصيب نه ٿي سگهي جيڪا افواهن جي وڌڻ سان وڌي سگهي ٿي. اسٽاڪ مارڪيٽ جي لاٿ کي نظر ۾ رکي حڪومت کي صحيح رخ ۾ وقتائتا ۽ صحيح فيصلا ڪرڻ گهرجن. جيڪڏهن ممڪن هجي ته عمران خان کي بني گالا يا لاهور واري گهر ۾ منتقل ڪري ان کي “سب جيل” قرار ڏنو وڃي ته جيئن پي ٽي آءِ خان جي بيماري کي مظلوميت واري بيانيي ۾ تبديل نه ڪري سگهي. ان سان سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيندو ۽ معيشت جيڪا منفي رويو اختيار ڪري رهي آهي ان کي مثبت رخ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. حڪومت کي جلد ئي درست حڪمت عملي ٺاهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته انا جو مسئلو خان جو ته ٿي سگهي ٿو، پر حڪومت جو نه.