بلاگنئون

سنڌ جو عوام، سرڪاري دفترن جون قطارون ۽ انتظامي نااهليءَ جي حد

سنڌ جي گهٽين، واٽن، شهرن ۽ واهڻن ۾ اڄ هڪ ئي دانهن ٻڌڻ ۾ پئي اچي ته حڪومت عوام کي هٿ سان رلائي رهي آھي. اها ڪا سياسي بيان بازي ناهي، پر اها هڪ تلخ حقيقت آهي، جيڪا سنڌ جي هر سرڪاري اداري جي ٻاهران لڳل ميلن جيتري ڊگهي قطارن مان بکي رهي آهي. چاهي اها ڊي سي آفيس هجي، ايگريڪلچر آفيس هجي يا بينڪن جا در، هر هنڌ سنڌ جو عام ماڻهو هٿن ۾ پنا کنيو، سردي گرمي ۾، پنهنجي ئي حقن لاءِ سوالي بڻجي بيٺو آهي. ائين ٿو لڳي ڄڻ هن قوم کي لاچار ۽ بيوس بڻائڻ ئي وقت جي حاڪمن جو اصل مقصد بڻجي ويو آهي. تازو ئي زرعي آفيس جي دوري دوران جيڪي منظر اکين ڏٺا، اهي لڱ ڪانڊاريندڙ هئا. مسڪين هارين ۽ آبادگارن جون قطارون لڳيون پيون هيون. ڪنهن جو هاري ڪارڊ ناهي ٺهيو ته ڪنهن کي ڪارڊ ته مليو آهي، پر کيس ملندڙ امداد يا رقم اڃان تائين بينڪ اڪائونٽ تائين ناهي پهتي. جڏهن اتي موجود هڪ ڪلارڪ کان پڇا ڪيم ته هن وڏي بي حسيءَ سان جواب ڏنو ته، ادا! هزارين ڪاغذ آهن، آفيسرن کان هيڏي هوڏي ٿي ويندا آهن. هي جواب ٻڌي افسوس به ٿيو ته حيرت به! اڄ جي هن جديد ۽ ڊجيٽل دور ۾، جتي دنيا هڪ ڪلڪ تي مريخ تائين پهچي وئي آهي، اسان جو نظام اڃان تائين ڪاغذن جي گم ٿيڻ واري بهاني تي بيٺو آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته حڪومت هاري ڪارڊ يا ٻين اسڪيمن کي مڪمل طور ڊجيٽل ڇو نٿي ڪري؟ جواب صاف آهي جيڪڏهن سسٽم شفاف ٿي ويو ته پوءِ آفيسرن ۽ ڪلارڪن جي ڪميشن ۽ دڪانداري ڪيئن هلندي؟ چيو ويندو آهي ته ٻڌي ٻه ٿين ته ڇٽي بلا، پر هتي ته عوام اڪيلو آهي ۽ بلا جهڙو نظام مٿس مڙهيل آهي. ماڻهن کي هٿ سان آفيسن جا چڪر لڳرايا وڃن ٿا ته جيئن هو تنگ ٿي پنهنجو ڪم ڪرائڻ لاءِ پنجن کان ڏهن هزارن تائين رشوت ڏيڻ تي مجبور ٿين. هي رڳو انتظامي سستي ناهي، پر هڪ منظم معاشي استحصال آهي. غريب هاري جيڪو اڳ ئي ٻج، ڀاڻ ۽ پاڻيءَ جي کوٽ سبب اڌ مئو ٿيل آهي، تنهن کي سرڪاري آفيسن ۾ خواري جو تحفو ڏنو پيو وڃي.

اسان جي سماج ۾ چيو ويندو آهي ته جنهن جي لٺ، تنهن جي مينهن. اڄ سنڌ جي ادارن ۾ به اها ئي صورتحال آهي. جنهن وٽ سفارش آهي يا جيڪو کيسو گرم ڪري سگهي ٿو، تنهن جو ڪم منٽن ۾ ٿئي ٿو، پر عام ماڻهو لاءِ ته دهليءَ جا پنڌ پري آهن. زرعي آفيس کان نڪري جڏهن ڊي سي آفيس جو رخ ڪجي ته اتي به ساڳي ويڌن آهي. مسڪين ماڻهو ٻارن جا برٿ سرٽيفڪيٽ، ڊوميسائيل يا ٻين مسئلن لاءِ صبح کان شام تائين لٽجي رهيا آهن. ماڻهو ايترو ته بيزار ٿي چڪا آهن جو پنهنجو اصل ڪم وساري رڳو ان خواريءَ مان جان ڇڏائڻ جون دعائون گهرن ٿا. ٻئي طرف، وڏيرن جي اوطاقن تي لڳل رش هڪ الڳ ڪهاڻي بيان ڪري ٿي. عوام کي ادارن مان مايوس ڪري هٿ سان وڏيرن جي درن ڏانهن ڌڪيو وڃي ٿو. اها ڪهڙي جمهوريت آهي، جتي ماڻهو پنهنجي بنيادي حق لاءِ به ڪنهن سائين يا وڏيري جي منٿ ڪرڻ تي مجبور هجي؟ سچ ته اهو آهي ته اسان وٽ انڌو گهوڙو، پائڻو (معذور) سوار وارو حساب آهي، ڪنهن کي به عوام جي تڪليف جو احساس ناهي. اسان کي ٻڌايو ويو هو ته جمهوريت بهترين انتقام آهي، پر لڳي ائين ٿو ته اهو انتقام عوام کان ورتو پيو وڃي. جمهوريت جو مقصد عوام جي خدمت هوندو آهي، پر هتي جمهوريت جي سائي ۾ عوام کي بيوسيءَ جي اس ۾ ساڙيو پيو وڃي. ڇا حاڪمن کي اها پڪ ناهي ته خلق خدا جو آواز، خدا جو آواز هوندو آهي جڏهن مظلوم جي آهه عرش تائين پهچندي آهي ته پوءِ وڏا وڏا تخت تان لاهي ڦٽا ڪيا ويندا آهن.

اي سنڌ جا حاڪمو! خدا کي مڃو، هن قوم کي هٿ سان تباھ نه ڪريو. ماڻهو تنگ ٿي چڪا آهن، مريضن کي اسپتالن ۾ بسترا نٿا ملن، شاگردن کي اسڪولن ۾ فرنيچر ناهي ۽ آبادگارن کي پنهنجي پگهر جي قيمت نٿي ملي. هن ڊجيٽل دور ۾ سسٽم کي آسان بڻايو، رشوت جي بازار گرم ڪندڙن کي لغام ڏيو ۽ عوام کي قطارن مان ڪڍي عزت جي زندگي ڏيو. آخر ۾ رڳو اها ئي دعا آهي ته الله پاڪ هن قوم تي ٻاجھه ڪري، ڇاڪاڻ ته هاڻي ڳالهه حد کان چڙهي وئي آهي. جيئن چيو ويو آهي ته صبر جي حد هوندي آهي ۽ سنڌ جو عوام هاڻي ان حد تي بيٺو آهي.