بلاگنئون

ڊاڪٽر سيده اُمِّ ڪلثوم شاهه جي لطيف شناسي

سيده اُمِ ڪلثوم، سيد جلال الدين جي گهر ۾ 15 مارچ 1956ع تي نوابشاهه ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم نوشهري فيروز مان، مئٽرڪ نوابشاهه گرلس ڪاليج ۽ گريجوئيشن ۽ ايم اي سنڌي سنڌ يونيورسٽي مان ڪرڻ بعد ڊاڪٽر قمر جهان مرزا جي نگرانيءَ ۾، “شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ استعاره ۽ تشبيهه نگاريءَ جو جائزو” جي عنوان تي 2002ع ۾ پي ايڇ ڊي مڪمل ڪيائين. ڊاڪٽر ڪلثوم لکڻ جي شروعات سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائي دوران ڪئي، سندس لکڻيون مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل آهن، لطيف شناسيءَ تي ڇپيل مضمونن ۽ مقالن ۾ “ڇپر ڪين ڏي”، شاهه جي شاعريءَ ۾ اعليٰ اخلاقي اقدار، شاهه لطيف جي سرڪاموڏ ۽ سچل سرمست جي سر نوريءَ جو تقابلي جائزو، شاهه لطيف ۽ ڀڳت ڪبير هڪ رستي جا راهي، سيرانديءَ ساز ڪيو (پرڀاتي) شاهه لطيف جي شاعريءَ تي عربي ۽ فارسيءَ جو اثر ۽ ميين عيسي فقير جو شاهه لطيف جي شاعريءَ تي اثر اهم جاءِ والارين ٿا.

ڊاڪٽر ڪلثوم شاهه ڪاليج ايجوڪيشن ۾ 1990ع ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري داخل ٿي ۽ نوابشاهه گرلز ڪاليج مان پرنسپال جي حيثيت ۾ رٽائر ٿي آهي، سندن لطيفي تحقيق ڊاڪٽر فهميده جي نظرثاني ۽  ايڊيٽنگ سان شاهه لطيف چيئر پاران شايع ٿي ۽ سنڌ جي مختلف يونيورسٽين جي نصاب ۾ شامل آهي.

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ استعاره ۽ تشبيهه نگاريءَ جو تحقيقي جائزو جي مقالي جا ٻه جلد انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجيءَ ۾ 980 صفحن تي موجود آهن. لائبريري نمبر 12292 ۽ سال 2001ع لکيل آهي. چئن ڀاڱن تي ورهايل هي مقالو 631  صفحن تي ڇپيو، انهيءَ کان اڳ هن موضوع تي ڪو به تفصيلي اڀياس موجود نه هو.

هن تحقيق جا باب ۽ سلهاڙيل مواد هيٺين ريت آهي. ڀاڱي پهرئين جو پهريون باب شاعريءَ جو فن آهي، جنهن جي (الف) ۾ شاعريءَ جي فن جا ضروري عنصر (ب)  شاعريءَ سان لاڳاپيل علم آهن. باب ٻيو: استعاري ۽ تشبيهه جون صنعتون آهي،  جنهن جي الف ۾  استعاري جي وصف، استعاري جا رڪن يا جزا، استعاري جا قسم. (ب) تشبيهه جي وصف، تشبيهه جا رڪن يا جزا، تشبيهه جا قسم آهن.

ڀاڱو ٻيو شاهه لطيف جي دور جون ادبي روايتون ۽ سندس شعر تي انهن جو اثر، باب پهريون، هنديءَ جو اثر، عربيءَ جو اثر، فارسيءَ جو اثر. باب ٻيو (الف) مولانا روميءَ جي صوفيانه شاعريءَ جو شاهه تي اثر آهن ته (ب)  ۾ استعاري ۽ تشبيهه نگاريءَ جي لحاظ کان مولانا روميءَ جو شاهه تي اثر آهي. ڀاڱو ٽيون شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ استعاري ۽ تشبيهه نگاريءَ جو تحقيقي اڀياس آهي، جنهن جو باب پهريون: سر ڪلياڻ کان سر بلاول تائين (ٽيهن سُرن جو جائزو آهي) ڀاڱو چوٿون استعاري ۽ تشبيهه جي استعمال جي لحاظ کان شاهه لطيف ۽ سندس متقدمين، معاصرين ۽ متاخرين جي ڪلام جو تقابلي جائزو آهي، باب پهريون: شاهه لطيف جي متقدمين جو مٿس اثر (الف) سومرا ۽ سما دور جا اوائلي شاعر (1051-1520ع) (ب) قاضي قاضن (1458-1551ع) (ث) شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو (1536-1623ع) (ج) شاهه لطف الله قادري (1611ع-1679ع) (ح): ميون شاهه عنايت رضوي (1620ع-1710ع).

باب ٻيو: شاهه ۽ سندس همعصر شاعرن جي شاعريءَ ۾ استعاري ۽ تشبيهه جي استعمال جي ڀيٽ، (الف) ميون عيسو فقير  (ب) حضرت خواجه محمد زمان (1713ع-1774ع) (ث) روحل فقير (1733ع-1804ع) (ج) حضرت سچل سرمست (1789-1829ع) (ج) مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي شهيد. باب ٽيون: استعاري ۽ تشبيهه نگاريءَ جي لحاظ کان شاهه لطيف جو سندس متافرين تي اثر. (الف) مراد فقير (1742ع-1796ع) (ب) فقير محمد صديق سومرو (1756-1849ع) (ث) خليفو نبي بخش قاسم (1776-1860ع) (ج) حمل فقير (1809-1879ع) (ح) فقير قادر بخش بيدل (1814-1872ع) آخر ۾ عمومي جائزو /نتيجا ۽ ببليو گرافي آهي.

ڊاڪٽر صاحبه مقدمي ۾ لکي ٿي، “استعاري” ۽ “تشبيهه” جون صنعتون عام توڙي ادبي ٻوليءَ ۾ وڏي اهميت رکن ٿيون. خاص طور شاعريءَ  ۾ ته هي بنيادي ضرورتن ۾ شمار ٿين ٿيون،  ڇو ته هنن صنعتن جو استعمال، لفظن کي لغت واريءَ محدود معنيٰ مان ڪڍي انهن جي مفهوم ۽ معنويت ۾ بي انداز وسعت ۽ گونا گوني پيدا ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح ڪو به جذبو يا احساس بيان ڪرڻ لاءِ جڏهن عام زبان قاصر ٿيو وڃي ته شاعري ان کي پنهنجي وسيع ترين دامن ۾ سمائي انهن صنعتن ۽ ڪاريگرين وسيلي بيان ڪري سگهي ٿي“ (ص 7)

تحقيق مان چند حوالا هيٺ ڏجن ٿا:

هن سر جي ڪافي بيتن ۾ شاهه صاحب “ويڄ” جو ذڪر ڪيو آهي، ويڄ حڪيم يا طبيب کي چيو وڃي ٿو. ڪجهه بيتن ۾ ته هي لفظ پنهنجي اصلي يالغوي معنيٰ ۾ معالج طور استعمال ٿيو آهي، پر ڪجهه بيتن ۾ لفظ “ويڄ” روحاني رهبر يا مرشد ڪامل طور استعاري ۾ استعمال ٿيو آهي،  جيئن،

ويڄن سان وائيءَ پيا، ڪِري نه ڪيائون

جي پند پاريائون ته سِگهائي سِگها ٿيا. (ص 175)

ويڄ جيڪي روحاني رهبر آهن سالڪه جي نفساني بيمارين جو علاج ڪن ٿا.  “ڪِري” ڪرڻ يا پرهيز ڪرڻ “طب” جي ٻوليءَ ۾ اصطلاح آهي، جيڪو روحاني مضبوطيءَ لاءِ هڪ اصلاح ٿي ڪتب آيو آهي، نفس کي پَلڻ، خواهشن تي ضابطو رکڻ اهو ئي روحاني مرشد يعني ويڄ ڄاڻائي ٿو، ٽيهن سرن جي حوالي سان هر سُرَ ۾ استعاري ۽ تشبيهه جي استعمال کي بيتن جي چونڊي سان سمجهائيندي ڊاڪٽر صاحبه انيڪ مثال ڏنا آهن ۽ بيتن لاءِ ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاهواڻي ۽ ڪلياڻ آڏواڻيءَ جا رسالا استعمال ڪيل آهن. مثال طور هڪ ٻيو بيت هيٺ ڏجي ٿو:

”سر ليلا چنيسر ۾ استعارو

چنيسر چئو رنگ، ٻِرنگو لوڪ ٻئو

تهسين ڇِينو سنڱ، وڃيو هار هٿ ڇُهين.

(گربخشاڻي، ص 523، بيت 4)

چئورنگ، چئن رنگن وارو، پر هتي هي لفظ هوشيار، سمجهدار، چئوطرف نگاهه رکندڙ، اهڙي سياڻي هستيءَ لاءِ مستعار ويو، جنهن کي ڪوبه برغلائي يا ڀنڀلائي نه سگهي، ٻه رنگو ٻن رنگن وارو هت هي لفظ مڪاري، منافقيءَ ۽ ٻيائيءَ لاءِ مستعار ٿيو آهي، هار ڳچيءَ ۾ پائڻ جو سهڻو ڳهه هتي دنياوي عيش و آرام سونهن ۽ جنسار لاءِ استعمال ٿيو. هن قصي ۾ رٿيل رومانوي تمثيل جي مطلب جي لحاظ کان هن بيت ۾ انهن ٽنهي لفظن جو مٿي بيان ڪيل نموني سان استعارا تي استعمال ٿيو آهي” (ص 259)

منهنجي اڀياس مطابق هن ٿيسز جو طاقتور پهلو شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ آيل استعارن ۽ تشبيهن جي تاريخي پروڙ ڏيڻ لاءِ سڀني سُرن مان اهڙن بيتن جا مثال ڏيڻ سان گڏ خاص طور شاهه لطيف جي متقدمين، معاصرين ۽ متاخرين جي ڪلام جو تقابلي جائزو آهي، جنهن سان سموري ڪلاسيڪل شاعريءَ جي استعارن ۽ تشبيهن جي نه رڳو پروڙ پوي ٿي، پر شروع دور کان سنڌي شاعريءَ جي مزاج ۽ لهجي کي سمجهڻ ۽ تحقيق ڪرڻ ۾ آساني محسوس پئي ٿئي. شاعريءَ جي معنوي وسعت ۽ مفهوم واضح ٿئي ٿو ۽ جيڪا ڳالهه موضوع مطابق شاعريءَ  جي فن جي ضروري جزن ۽ استعاري ۽ تشبيهه جي لحاظ کان تمام احسن ٿي سامهون آئي آهي.

هن تحقيق ۾ موضوع جو جائزو تصوف جي بنيادن تي ورتو ويو آهي، اها بلڪل تحقيقت آهي ته لطيف سرڪار جي شاعري ڳوڙهي تصوف جي نقطن سان ڀريل آهي. ڊاڪٽر صاحبه انهيءَ تي لکيو آهي ته، “شاهه لطيف جي شاعريءَ جو مک ۽ حاوي موضوع بنا ڪنهن اختلاف راءِ جي “تصوف“ آهي پاڻ پنهنجي بيمثال شاعريءَ جي ذريعي عوام کي تصوف جا نهايت ڳوڙها ۽ ڳنڀير مسئلا سمجهايا اٿس ۽ ان مقصد لاءِ پاڻ تشبيهه ۽ خاص طور استعاري جو استعمال ڪيو اٿس” محققا متاخرين جا جيڪي شاعر تقابلي طور آندا آهن، اهي تقريبن ساڳيءَ ئي صديءَ جا آهن ۽ جن جي شاعريءَ جو تاڃي پيٽو پڻ تصوف تي آڌاريل آهي، سندن شعر ۾ تشبيهه ۽ استعاري جي لحاظ کان هڪ جهڙائي ملي ٿي. اهو سلسلو محققا موجب شاهه جي متقدمين کان شروع ٿيل سندس شاعريءَ ۾ عروج تي پهتل آهي، جو سندن همعصر شاعرن ۽ پوءِ متاخرين تائين جاري رهيو.

(مون هن تحقيق جو مطالعو پهرين سنڌ الاجيءَ مان اڻ ڇپيل نسخي تان ڪيو ۽ پوءِ سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گهر معرفت ڇپيل ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيم) جنهن دور ۾ هي تحقيقي ڪم ٿيو هو انهيءَ  وقت هائر ايجوڪيشن ڪميشن پاران تحقيق جي صفحن جو مقدار مقرر نه هو، انهيءَ ڪري ڊاڪٽر صاحبه 980 صفحن تي پي ايڇ ڊي جي تحقيق قلمبند ڪئي، جنهن کي ڇپائڻ مهل مختصر ڪيو ويو. جيئن ته اڄڪلهه هلندڙ روايت تحقيق ڪرڻ مهل مشرق کانسواءِ مغربي عالمن، اديبن جا رايا ۽ اتان جي فنڪارن جي فن سان ڀيٽ ڪئي ويندي آهي ته جيئن اسان پنهنجي ليکڪن ۽ شاعرن جي ڪم کي هر رُخ تي پرکي پوءِ ڪو فيصلو ڪريون. سڀني لاڳاپيل موضوعن تي بحث موجود آهي، تقابلي ۽ ڀيٽ وارا شاعر پڻ اهي چونڊيل آهن جن جو شاهه لطيف سان تعلق نڪري ٿو.

هيءُ هڪ بهترين تحقيق آهي، جنهن ۾ موضوع سان پورو انصاف ڪيل آهي، ڊاڪٽر اُمِ ڪلثوم شاهه جي هيءَ خدمت لطيف شناسيءَ ۾ هميشه ڪارآمد رهندي.