ايڊيٽوريلنئون

ڀارت دنيا ۾ اڪيلائيءَ جو شڪار

            پهلگام جي فالس فليگ واقعي کانپوءِ خطي جي صورتحال ۾ ڊرامائي تبديلي اچي چڪي آهي. پاڪستان جنهن کي هميشه ڀارت ڪمزور ڪرڻ ۽ اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هن وقت خود ڀارت تنهائيءَ جو شڪار بڻجي چڪو آهي. 15 کان 16 جون 2025 تائين ڪئناڊا ۾ جي-7 جيڪو هڪ غير رسمي گروپ آهي، جنهن ۾ صنعتي ترقي يافته ملڪ شامل آهن، فرانس، جرمني، اٽلي، برطانيه، آمريڪا ۽ ڪئناڊا کان علاوه جاپان، يورپي يونين، آءِ  ايم ايف، عالمي بينڪ ۽ اقوام متحده شرڪت ڪندا آهن. ڀارت جي ميڊيا مان ان ڳالهه جي ڄاڻ پوي ٿي ته وزيراعظم مودي ان دوري ڪرڻ ۾ دلچسپي نٿو رکي ۽ ڀارت جي ان ۾ شموليت واري صورتحال اڃان تائين غير يقينيءَ جو شڪار آهي. رپورٽن مان خبر پئي آهي ته ڀارت کي اڃان تائين ان سمٽ جي باقائده دعوت نه ملي آهي. جيئن ته جي-7 جو انعقاد ڪئناڊا ۾ ٿي رهيو آهي. جسٽن ٽروڊو پنهنجي دور ۾ هڪ ڪئناڊا جي سک شهريءَ جي موت جو ذميدار ڀارت کي قرار ڏنو هو ۽ ٻڌايو هو ته سندن ملڪي تحقيقاتي ادارن جي تحقيق مطابق ان قتل ۾ “را” ملوث هئي.

            پاڪستان کانپوءِ ڪئناڊا ٻيو ملڪ هو، جنهن ڀارت تي سرحد پار دهشتگرديءَ جو الزام لڳايو هو. ڪئناڊا ۾ رهندڙ سک تنظيمن آٽوا مان اهو مطالبو ڪيو هو ته پنجن سالن جي روايت کي ٽوڙيندي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي جي-7 سربراهي اجلاس ۾ دعوت ڏئي نه گهرايو وڃي. هن وقت پاڪستان پنهنجي سفارتي لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ لاءِ بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهيءَ ۾ هڪ وفد آمريڪا اماڻيو آهي، ان وفد جو مقصد سڄي دنيا کي اهو ٻڌائڻو آهي ته پاڪستان ڀارت سان جيڪا دفاعي جنگ ڪئي ان ۾ اڳرائي ڀارت ڪئي هئي، ڀارت پاڪستان کي ان ڳالهه تي مجبور ڪيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع ۾ ڪو قدم کڻي ۽ ڀارت جي غلط بيانيي کي جيڪو ان سڄي دنيا ۾ پهلگام واقعي کانپوءِ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي ان بيانيي کي رد ڪرڻ جي لاءِ سڄي دنيا کي ان ڳالهه کان واقف ڪرڻ چاهي ٿو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي ۽ هي ڪڏهن به ڪنهن ملڪ جي مٿان نه دهشتگرد حملو ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن ملڪ جي سالميت جي مٿان حملو ڪري سگهي ٿو.

            ان کان علاوه ڀارت جيڪو سنڌ طاس معاهدو معطل ڪيو آهي ۽ پاڻيءَ کي هڪ هٿيار وانگر استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ان بابت پڻ هي وفد سڄي دنيا کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته ٻن جمهوري ملڪن جي وچ ۾ ٿيل معاهدي کي ڪيئن يڪطرفه معطل ڪيو ويو آهي، ڇو ته انڊيا ۽ پاڪستان ٻه ائٽمي قوتون آهن انهن جي وچ ۾ مستحڪم امن سڄي دنيا جي سلامتيءَ لاءِ انتهائي ضروري آهي. ان جي لاءِ ضروري آهي ته اقوام متحده جي پليٽ فارم تي ڪشمير جي مسئلي تي ڳالهيون ٿيڻ گهرجن جيڪو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جهيڙي جو سبب آهن ۽ ان جهيڙي کي بين الاقوامي قانونن جي مطابق حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هي وفد گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ۽ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي ميمبرن، اسلامڪ ڪوآپريشن تنظيمن (او آءِ سي)، آمريڪا جي ڪانگريس جي ميمبرن ۽ ٻين رياستي ادارن جي اهم ميمبرن سان ملاقاتون ڪندا ۽ ميڊيا جي ٿنڪ ٽينڪن سان پڻ ملاقاتون ٿينديون. هن وفد جا مقصد تمام وسيع پئماني تي پاڪستان جي بيانيي کي سڄي دنيا تائين رسائڻ آهن ته جيئن پاڪستان جي مثبت حيثيت کي سڄي دنيا تائين رسايو وڃي.

            پاڪستان هڪ ڊگهي عرصي تائين دهشتگرديءَ جو شڪار ٿيندو آيو آهي، پر هن وقت پاڪستان هڪ بهتر صورتحال ۾، بهتر دفاعي پوزيشن ۾ پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪندي پنهنجي سرحدن جو دفاع ڪندي سڄي دنيا ۾ پنهنجي پوزيشن کي مڃرايو آهي، جنهن ۾ يقينن اسان جي دوست ملڪ چين جو وڏو ڪردار آهي. “پاڪستان ۽ چين جي دوستي هماليه کان اوچي، سمنڊن کان گهري آهي”، اهو اصطلاح اڄ جي دور ۾ عملي طور تي سئو سيڪڙو سچ نظر اچي ٿو. ملڪ هڪٻئي جي ويجهو ايندا آهن ۽ انهن جا هڪٻئي سان رياستي مفاد به ڳنڍيل هوندا آهن.

            چين ۽ پاڪستان دوست به آهن ۽ سندن مفاد ۽ مستقبل به هڪٻئي سان ڳنڍيل آهي، اهڙي وقت ۾ جڏهن ڀارت پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ان وقت ۾ چين پاڪستان کي پنهنجي دفاعي ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻ لاءِ ڏنو آهي جنهن سان پاڪستان جي ايئرفورس سڄي دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي. هاڻي چين ڇهين جنريشن ۾ هڪ فائيٽر جهاز تيار ڪيو آهي J-36 جنهن جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان جي خوبي اها آهي ته ان کي ريڊار تي ڏسي نٿو سگهجي، ان جي اڏام تمام گهڻي مٿانهين آهي، جنهن جو مٽيريل به تمام نئون استعمال ٿيل آهي، اهو نئون فائيٽر جهاز جنهن کي زمين تان ميزائيل سان مار نٿو ڪري سگهجي. هن وقت ڀارت جي لاءِ هڪ خطرناڪ خبر بڻجي چڪو آهي.

            خوشقسمتي سان پاڪستان چين جو بهترين دوست آهي ۽ اميد آهي ته مستقبل ۾ اهي جهاز پاڪستان کي ڏنا ويندا، جيڪڏهن اهي جهاز پاڪستان جي ايئرفورس ۾ شامل ٿي ويا ته هن خطي جي هوائي رستن تي پاڪستان جو راڄ هوندو، اها خبر انڊيا جي لاءِ ڪنهن خوفناڪ خواب جي تعبير جهڙي هوندي.