ملڪ اندر پهريون دفعو هٿرادو دل جي ڪامياب پيووند ڪاري
پاڪستان طب جي شعبي ۾ هڪ وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. ملڪ اندر پهريون ڀيرو هٿرادو دل جي ڪامياب پيووند ڪاري ڪئي وئي آهي. ڪراچي اندر اين آءِ سي وي ڊي طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته ان جي سرجنز پاران مڪينيڪل پمپ طور مشهور ليفٽ وينٽريڪيولر اسسٽنٽ ڊوائيس (ايل وي اي ڊي) کي ڪاميابي سان مريض جي سيني ۾ لڳايو ويو آهي. هي آپريشن هڪ بزرگ عورت کي هٿرادو دل لڳائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي، جنهن جي جسم ۾ دل مان رت جي منتقلي کي مڪينيڪل مدد جي ضرورت هئي. اين آءِ سي وي ڊي جي ڊاڪٽر نديم قمر ڪامياب آپريشن بعد صحافين کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر پرويز چوڌري جي سربراهي ۾ ٽيم هي آپريشن ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سرجري بعد مريض جي طبيعت بهتر آهي ۽ هوءَ بغير ڪنهن سهاري جي ساهه کڻي سگهي ٿي. هن طرح جي آپريشن ملڪ جي ڪنهن به اسپتال ۾ نه ٿي آهي.