ماسي نج سنڌي لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ آھي ماءُ جي ڀيڻ پوءِ ماءُ جون ڪيتريون به ڀينرون ڇو نه ھجن سڀ ماسيون هونديون آھن. ماسين جو سندن ڀاڻيجن ۾ ڄڻ ساھ ھوندو آھي ۽ کين اولاد وانگر سمجھنديون آھن. دنيا جو علم بيشڪ وڌي ويو آهي. اسان جا ٻار سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آھن. اڄڪلھه جي پڙهيل لکيل ماءُ پنھنجي ٻارن لاءِ ماسي لفظ کي بي معنيٰ ڪري ڇڏيو آھي. ماسي کي ھاڻ خالا سڏيو وڃي ٿو، جيڪو ھڪ اردو لفظ آھي. ماسي کي جڏھن ٻار خالا خالا سڏيندا آھن ته اڄ جي جديد ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماءُ فخر محسوس ڪندي آھي. چوندي آھي ته منھنجي ٻار کي ڳالھائڻ جو ڍنگ وڌيڪ آھي، پر افسوس جو اڄ جي ماءُ رشتن جي سڃاڻپ کان پنھنجي ٻار کي پري ڪري رھي آھي، جيڪا سنئون سڌو سنڌي ٻوليءَ کي ڄڻ ختم ٿيڻ طرف وٺي وڌي رهي آھي. اسان جي معاشري ۾ ھاڻي چاچي ۽ چاچيءَ کي به انڪل ۽ آنٽي سڏيو وڃي ٿو. سنڌي جا مٺا لفظ ڄڻ لڏي وڃن پيا. اھڙي ريت شھر جي اڪثر سنڌي ٻارن کان جيڪڏهن پڇبو ته اوھان جي ماسي جو نالو ڇا آھي ته ٿي سگھي ٿو ته ڪجھه ٻڌائي وڃن، پر گهڻا ٻار حيرت سان اهو سوال پڇندا ته ڇا ڪم واري ماسي جيڪا اسان جي گھر ۾ ٻُهاري ۽ پوچو ڪندي آھي ان جو نالو ٻڌائڻو آهي. افسوس ھاڻ ماسيءَ جهڙي مٺي رشتي جي حيثيت ختم ٿي چڪي آهي ۽ اهو لفظ ھڪ نوڪرياڻي جي لاءِ سڃاتو وڃي ٿو، جتي اسان جي معاشري ۾ ڪم وارين مائين کي ماسي ڪم واري جو پڻ عھدو ڏنو ويو آھي. اسپتالن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي به ماسيءَ جو درجو ڏنو ويو آهي، اسان جي معاشري ۾ ماسي ھڪ ڪم واري عورت کي سمجھيو وڃي ٿو. مطلب جيڪا عورت گھرن ۾ ڪم ڪري ٿي ان کي هاڻي ماسي چيو ويندو آھي. اھڙيءَ ريت وري اسڪولن ۾ ڪم واريون عورتون رکيل ھونديون آھن جن کي ننڍا توڙي وڏا ٻار ماسي چوندا آھن. اسڪول ۾ سڄو اسٽاف کين ماسي سڏيندو آھي. اھو لفظ اچارڻ سان سڏڻ سان ڪو برو غلط يا توھين آميز نه آھي. ماسي لفظ جو مطلب ماءُ جي ڀيڻ، پر اسان جي معاشري ۾ ماسي لفظ جي ٻي معنيٰ ڪڍي وئي آھي جيڪا ابتڙ غلط سوچ آھي. اھو نج سنڌي لفظ آھي، سٺي ڳالھه آھي ته اسان گھرن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي به ماسي جو عظيم درجو ڏيندا آھيون، پر افسوس جو اڄڪلھه جي ماڊرن ماءُ عظيم رشتن کي وڃائي رھي آھي، ان ماءُ کي سمجھڻ گھرجي، پنھنجن ٻارن کي ماسي ۽ خالا لفظ ۾ فرق ٻڌائي خالا لفظ اردو جو اکر آھي، ان لفظ وٺڻ سان يا اردو ڳالھائڻ سان ڪو نفرت يا اعتراض نه آھي. اردو اسان جي عوامي ٻولي آھي، پر پنھنجن ٻارن کي ٻولين جو فرق ٻڌايو ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۾ جيڪي رشتا ناتا آهن انهن جي سڃاڻپ پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪرايو ۽ عام واهپي ۾ آڻيو ته جيئن سڀاڻي ڪو ٻاھرين ملڪ جو ڪو ماڻهو پڇي ته ان کي ٻڌائي سگھن. ائين نه ٿئي جو اسان جو نسل صرف نالي ۾ سنڌي سڏجي، جنھن کي ماسي، چاچي، پڦيءَ جھڙن لفظن جي ڄاڻ نه ھجي. اسان کي پنھنجي سنڌي ٻولي ماءُ جي ھنج مان ورتل ٻولي جي سنڀال جي ذميواري کڻڻي آھي. اسان پنھنجي ٻارن کي ڀلي انگريزي توڙي دنيا جي ڪابه ٻي ٻولي سيکاريون، پر ضروري ناهي ته پنھنجي ٻوليءَ کي قرباني ڪري پوءِ ٻي ٻولي سکي وڃي ۽ دنيا ۾ ڪٿي به پنھنجي ٻولي ڳالھائڻ ۾ عار نه سمجھون. اسان ڀلي دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ جو استعمال پنهنجي تعليمي مقصد جي لاءِ ڪيون، پر گھر ۾ پنھنجن ٻارن سان نج سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳالھايون ته جيئن سندن ذهني اوسر بھتر نموني سان ٿي سگهي. سنڌي ٻولي هڪ قديم ٻولي آهي ۽ پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ وقت شرمندگيءَ واري احساس کي ختم ڪندي پنهنجي ٻوليءَ کي دل سان اپنايون ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۾ جيڪي رشتا ۽ ناتا آهن اهي پنهنجن ٻارن کي سيکاريندي فخر محسوس ڪيون.