ايران وچ اوڀر جي اُن سر زمين جو نالو آهي، جيڪا هزارين سالن جي تهذيب، فڪر، فلسفي، مزاحمت ۽ قومي وقار جي داستانن سان ڀريل آهي، جتي قديم فارس جي سلطنتن کان وٺي جديد اسلامي جمهوريه تائين هڪ اهڙو تسلسل نظر اچي ٿو جيڪو رڳو اقتدار جي تبديلي نه، پر فڪر جي بقا جو اعلان آهي؛ هي اهو ملڪ آهي جنهن سائرس اعظم جي دور کان انساني وقار، علم ۽ حڪمت کي پنهنجي سڃاڻپ بڻايو. اسلامي دور ۾ علمي ۽ ادبي اوج ماڻي ۽ پوءِ ويهين صديءَ جي آخر ۾ هڪ اهڙي انقلاب ذريعي عالمي سياست جو رخ موڙيو جنهن دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو، جڏهن آيت الله علي خامنائي جي قيادت ۾ 1979ع جو انقلاب آيو ۽ بادشاهي نظام جو خاتمو ٿيو ته اهو صرف حڪومت جي تبديلي نه هئي، بلڪه هڪ نئين سياسي ۽ نظرياتي دور جي شروعات هئي، جنهن ۾ خود مختياري، سامراج جي مخالفت ۽ فلسطين جي حمايت کي مرڪزي حيثيت ملي. ان انقلاب کانپوءِ ايران پاڻ کي اهڙي رياست طور پيش ڪيو جيڪا عالمي دٻاءُ آڏو جهڪڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن پنهنجي سياسي بيانيي ۾ مزاحمت کي اصول بڻايو ۽ جنهن لاءِ قومي وقار ڪنهن به اقتصادي مفاد کان وڌيڪ اهم رهيو.
انقلاب کان ٿورو ئي عرصي پوءِ ايران- عراق جنگ شروع ٿي، جيڪا اٺن سالن تائين جاري رهي ۽ جنهن ۾ لکين ماڻهو شهيد ٿيا، شهر تباهه ٿيا، معيشت ڪمزور ٿي، پر قومي حوصلو نه ٽٽو؛ ان جنگ ايران جي قومي نفسيات ۾ “مقدس دفاع” جو تصور پيدا ڪيو، جنهن تحت وطن جي حفاظت رڳو فوجي ذميواري نه، پر ايماني فرض سمجهيو ويو. ان دور جي قربانين ايراني سماج ۾ صبر، مضبوطي ۽ شهادت جي فڪر کي مضبوط ڪيو ۽ اهوئي سبب آهي جو جڏهن به ملڪ تي ٻاهريون خطرو ڪر کڻي ٿو ته سياسي اختلافن باوجود قومي يڪجهتيءَ جو منظر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هيءَ يڪجهتي رڳو حڪومتي بيانن تائين محدود ناهي، پر عام ماڻهن جي روزمره گفتگو، ميڊيا جي لهجي ۽ قومي تقريبن ۾ به محسوس ٿئي ٿي. ان تاريخي تسلسل ۾ سڀ کان ڊگهو ۽ اثرائتو باب آيت الله علي خامنائي جي قيادت جو رهيو، جنهن 1989ع کان وٺي 2026ع تائين لڳ ڀڳ ڇٽيھن سالن تائين ايران جي سپريم ليڊر طور نظام جي واڳ سنڀالي. هو انقلاب جي پهرين نسل سان تعلق رکندڙ اڳواڻ هو، جنهن نوجواني ۾ شاهه جي دور ۾ سياسي جدوجهد ڪئي، قيد ڪاٽيا ۽ انقلاب کانپوءِ تيزي سان رياستي ڍانچي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. امام خميني جي وفات کانپوءِ جڏهن کيس سپريم ليڊر چونڊيو ويو ته ڪيترن کي حيرت هئي ته ڇا هو ايتري وڏي ذميواري نڀائي سگهندو، پر وقت سان گڏ هن پنهنجي اقتدار کي مضبوط ڪيو، رياستي ادارن کي مرڪزي قيادت هيٺ آندو ۽ “انقلاب جي حفاظت” کي پنهنجي دور جو بنيادي نعرو بڻايو.
خامنائي جي دور ۾ ايران جي سياسي نظام جو اصل محور سپريم ليڊر جو ادارو بڻجي ويو، جتي فوج، عدليه، ميڊيا ۽ انقلابي گارڊ جهڙا اهم ادارا سڌي يا اڻ سڌي طرح سندس اثر هيٺ رهيا. هن پنهنجي خطابن ۾ بار بار آمريڪا ۽ اسرائيل جي مخالفت کي نظرياتي فرض قرار ڏنو ۽ ايران کي “مزاحمت جي قلعي” طور پيش ڪيو. آمريڪا سان ڇڪتاڻ، سفارتخاني جي بحران کان وٺي ايٽمي پروگرام تائين جاري رهي؛ پابنديون سخت ٿيون، معيشت تي دٻاءُ وڌيو، پر خامنائي “مزاحمتي معيشت” جو تصور پيش ڪيو، جنهن تحت خود انحصاري، مقامي صنعت ۽ دفاعي ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏني وئي. ڊرون، ميزائل سسٽم ۽ علاقائي اتحادين سان لاڳاپا سندس حڪمت عملي جو اهم حصو رهيا.
علاقائي سطح تي اسرائيل سان تڪرار آيت الله خامنائي جي دور ۾ وڌيڪ نمايان رهيو. ايران فلسطين جي حمايت کي نظرياتي ذميواري سڏيو، جڏهن ته اسرائيل ايران کي وجودي خطرو قرار ڏنو. شام، لبنان ۽ ٻين علائقن ۾ اثر رسوخ جي سياست، سائبر حملا، خفيه ڪارروايون ۽ هڪ ٻئي تي الزامن جي سياست هن تڪرار کي وڌيڪ پيچيده بڻائيندي رهي. جڏهن به تهران يا ايراني مفادن تي حملا ٿيا، ايران جو رد عمل سخت رهيو ۽ خامنائي جي بيانن ۾ اهو واضح پيغام ملندو رهيو ته ايران ڪنهن به صورت ۾ جهڪڻ وارو ناهي. سندس دور ۾ اندروني سطح تي به وڏا چئلينج سامهون آيا. 2009ع جي چونڊن کانپوءِ احتجاج، معاشي ڏکيائون ۽ پوءِ عورتن جي حقن بابت اڀرندڙ تحريڪون، سڀ ايران جي سماج ۾ جاري بحثن کي ظاهر ڪن ٿيون. ناقد چون ٿا ته خامنائي جو دور سياسي سختي ۽ اختلاف راءِ تي پابندين سان ڀريل رهيو، جڏهن ته حامي چون ٿا ته هن خارجي سازشن ۽ عدم استحڪام کان ملڪ کي بچائڻ لاءِ مضبوط هٿ رکيو. حقيقت شايد ٻنهي موقفن جي وچ ۾ بيٺل آهي، جتي قومي سلامتي ۽ شهري آزاديءَ جو توازن هڪ جاري بحث رهيو. هاڻوڪي بمباري ۾ سندس شهادت جي خبر ايران لاءِ رڳو هڪ شخص جي وڃاڻي ناهي، پر هڪ دور جي پڄاڻي آهي. ڇٽيھن سالن تائين جيڪو شخص ايران جي سياسي، مذهبي ۽ اسٽريٽيجڪ رخ جو مرڪز رهيو، سندس اوچتي وڃاڻي سان نظام اندر نئون مرحلو شروع ٿيندو. ايران جو آئين سپريم ليڊر جي چونڊ لاءِ مجلس خبرگان جو طريقو مهيا ڪري ٿو، پر اهڙي وڏي شخصيت جي وڃاڻي سان سياسي فضا يقينن بدلجندي. ملڪ اندر سوڳ، جذبات ۽ قومي يڪجهتي جو منظر ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. جڏهن ته عالمي سطح تي هن واقعي کي وچ اوڀر جي سياست ۾ هڪ وڏو موڙ سمجهيو پيو وڃي.
ايران جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته هي ملڪ اڳ به وڏن بحرانن مان گذريو آهي، پر هر ڀيري ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پنهنجو وجود برقرار رکيو آهي. خامنائي جي دور ۾ ايران هڪ طرف علاقائي طاقت طور اڀريو ته ٻئي طرف سخت پابندين ۽ سفارتي اڪيلائي کي به منهن ڏنو. سندس قيادت ۽ حامين لاءِ مضبوطي ۽ مزاحمت جي علامت رهي. جڏهن ته ناقدن لاءِ سياسي سختيءَ جو استعارو، پر انڪار نٿو ڪري سگهجي ته ڇٽيھن سالن تائين ايران جي پاليسين، ادارن ۽ عالمي لاڳاپن تي سندس گهرو اثر رهيو. ايران جو داستان رڳو جنگ ۽ سياست جو داستان ناهي، اهو هڪ تهذيب جو داستان آهي، جيڪا پنهنجي مٽي، پنهنجي زبان، پنهنجي عقيدي ۽ پنهنجي قومي وقار سان جڙيل آهي. اها قوم جيڪا هزارين شهادتن کانپوءِ به پاڻ کي مضبوط سمجهي ٿي، پابندين باوجود سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ۽ پنهنجي قيادت جي وڃاڻي کي به قومي عزم ۾ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. اڄ جڏهن خامنائي جو دور تاريخ جو حصو بڻجي رهيو آهي، تڏهن ايران هڪ نئين باب جي دهليز تي بيٺو آهي، جتي سوال اهو ناهي ته هو جهڪندو يا نه، پر اهو آهي ته هو مستقبل کي ڪهڙي حڪمت، توازن ۽ بصيرت سان سنڀاليندو.