جھنگلي حيات جي اسان جي ڌرتي ۽ ان تي موجود حياتياتي نظام ۾ تمام گھڻي اھميت آھي. ان اھميت کي نظر ۾ رکندي ھر سال 3 مارچ تي گڏيل قومن طرفان دنيا ۾ جھنگلي حيات جو عالمي ڏھاڙو ملھايو ويندو آھي. ھن ڏينھن ملھائڻ جو فيصلو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ 20 ڊسمبر 2013 تي پنھنجي 68 هين اجلاس ۾ ڪيو. ھڪ ڳالهه جيڪا انتھائي اھم آھي ته جڏھن به جھنگلي حيات جو ذڪر ٿيندو آھي ته ان مان عام طور مراد “جھنگلي جانور” ورتي ويندي آھي، جڏھن ته “جھنگلي نباتات” پڻ جھنگلي حيات جو اھم حصو آھي جنھن کي مد نظر رکندي 2026 واري جھنگلي حيات جي ڏھاڙي جو موضوع “دوائن جون خاصيتون رکندڙ ۽ خوشبودار ٻوٽا: صحت، ورثي ۽ روزگار جو تحفظ” رکيو ويو آهي. “جھنگلي ٻوٽن” مان مراد اھڙا ٻوٽا آھن جن جي پيداوار ۽ سار سنڀال ۾ انساني ھٿ نه ھجي. اھڙا ٻوٽا نه صرف جھنگلن ۾ موجود ھوندا آھن، پر ان سان گڏ پھاڙن، ڍنڍن، پاڻيءَ جي دٻن، واھن ۽ سمنڊن ۾ پيدا ٿيندا آھن. اھڙن ٻوٽن جو ٻج مختلف جانورن ۽ پکين وسيلي قدرتي ماحولياتي نظام ھيٺ مختلف جاين تائين پھچندو آھي. جھنگلن ۽ ٻين جاين تي پاڻ مرادو پيدا ٿيندڙ اھي ٻوٽا نه صرف جھنگلي جانورن جي خوراڪ بڻجن ٿا، پر ان سان گڏ گھريلو جانورن جي خوراڪ طور ۽ دوائن جي تياريءَ ۾ ڪم اچن ٿا. اھي ٻوٽا انساني صحت ۽ ماحولياتي توازن، ٻنهي لاءِ انتھائي اھم آهن. اھڙن ٻوٽن ۽ نباتات جي اھميت کي عالمي صحت وارو ادارو (ورلڊ ھيلٿ آرگنائزيشن) پڻ تسليم ڪري ٿو. ڇاڪاڻ جو اھي ٻوٽا نه صرف ترقي پذير ملڪن ۾ بيمارين جي علاج لاءِ روايتي طريقن سان استعمال ۾ اچن ٿا، پر ان سان گڏوگڏ جديد طب ۾ دوائن جي تياريءَ ۾ پڻ استعمال ٿين ٿا مثال طور: جنسنگ، اگرووڊ، اسپائيڪ نارڊ وغيره. سنڌ ۾ موجود اھڙن ٻوٽن ۾ اڪ، لئي، کٻڙ، گولاڙو، ڪنڊي، بڙ، ڪرڙ، ٻير، ڪنول، ٿوھر، ڀنگڙي ۽ ٻيا ڪيترائي ٻوٽا شامل آهن، جيڪي صدين کان روايتي حڪمت ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا.