بلاگنئون

3 مارچ جھنگلي حيات جو عالمي ڏهاڙو

جھنگلي حيات جي اسان جي ڌرتي ۽ ان تي موجود حياتياتي نظام ۾ تمام گھڻي اھميت آھي. ان اھميت کي نظر ۾ رکندي ھر سال 3 مارچ تي گڏيل قومن طرفان دنيا ۾ جھنگلي حيات جو عالمي ڏھاڙو ملھايو ويندو آھي. ھن ڏينھن ملھائڻ جو فيصلو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ 20 ڊسمبر 2013 تي پنھنجي 68 هين اجلاس ۾ ڪيو. ھڪ ڳالهه جيڪا انتھائي اھم آھي ته جڏھن به جھنگلي حيات جو ذڪر ٿيندو آھي ته ان مان عام طور مراد “جھنگلي جانور” ورتي ويندي آھي، جڏھن ته “جھنگلي نباتات” پڻ جھنگلي حيات جو اھم حصو آھي جنھن کي مد نظر رکندي 2026 واري جھنگلي حيات جي ڏھاڙي جو موضوع “دوائن جون خاصيتون رکندڙ ۽ خوشبودار ٻوٽا: صحت، ورثي ۽ روزگار جو تحفظ” رکيو ويو آهي. “جھنگلي ٻوٽن” مان مراد اھڙا ٻوٽا آھن جن جي پيداوار ۽ سار سنڀال ۾ انساني ھٿ نه ھجي. اھڙا ٻوٽا نه صرف جھنگلن ۾ موجود ھوندا آھن، پر ان سان گڏ پھاڙن، ڍنڍن، پاڻيءَ جي دٻن، واھن ۽ سمنڊن ۾ پيدا ٿيندا آھن. اھڙن ٻوٽن جو ٻج مختلف جانورن ۽ پکين وسيلي قدرتي ماحولياتي نظام ھيٺ مختلف جاين تائين پھچندو آھي. جھنگلن ۽ ٻين جاين تي پاڻ مرادو پيدا ٿيندڙ اھي ٻوٽا نه صرف جھنگلي جانورن جي خوراڪ بڻجن ٿا، پر ان سان گڏ گھريلو جانورن جي خوراڪ طور ۽ دوائن جي تياريءَ ۾ ڪم اچن ٿا. اھي ٻوٽا انساني صحت ۽ ماحولياتي توازن، ٻنهي لاءِ انتھائي اھم آهن. اھڙن ٻوٽن ۽ نباتات جي اھميت کي عالمي صحت وارو ادارو (ورلڊ ھيلٿ آرگنائزيشن) پڻ تسليم ڪري ٿو. ڇاڪاڻ جو اھي ٻوٽا نه صرف ترقي پذير ملڪن ۾ بيمارين جي علاج لاءِ روايتي طريقن سان استعمال ۾ اچن ٿا، پر ان سان گڏوگڏ جديد طب ۾ دوائن جي تياريءَ ۾ پڻ استعمال ٿين ٿا مثال طور: جنسنگ، اگرووڊ، اسپائيڪ نارڊ وغيره. سنڌ ۾ موجود اھڙن ٻوٽن ۾ اڪ، لئي، کٻڙ، گولاڙو، ڪنڊي، بڙ، ڪرڙ، ٻير، ڪنول، ٿوھر، ڀنگڙي ۽ ٻيا ڪيترائي ٻوٽا شامل آهن، جيڪي صدين کان روايتي حڪمت ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا.

دوائن جي تياريءَ کان علاوه آھي ٻوٽا ڪاسميٽڪس جي صنعت ۾ پڻ اھم مقام رکن ٿا ۽ مختلف تيلن، ڪريمن، صابڻن ۽ خوشبوئن جي تياريءَ ۾ ڪم اچن ٿا. اھڙن ٻوٽن ۾ ايلوويرا، ليونڊر، سڪاڪائي، روزميري ۽ ٻيا ڪيترائي ٻوٽا شامل آهن. معاشي طور اھي ٻوٽا انسانن لاءِ  روزگار جو ھڪ اھم ذريعو آهن. دنيا ۾ لکين اھڙا انسان  آھن جن جو گذر سفر انھن ٻوٽن ۽ انھن مان تيار ٿيندڙ دوائن، تيلن، خوشبودار عرقن ۽ عطرن تي آھي. ماحولياتي نظام ۾ ھنن جھنگلي ٻوٽن جو ڪردار پڻ اھم آھي. زمين کي طاقت ڏيڻ ۽ حياتياتي رنگا رنگي کي فروغ ڏيڻ جھڙا ڪم به اھڙن ٻوٽن وسيلي عمل ۾ اچن ٿا. ان کان علاوه اهي ٻوٽا تفريحي سرگرمين لاءِ خوبصورت نظارا پيش ڪندا آهن جن جي خوبصورتي سياحن لاءِ ڪشش جو باعث بڻجندي آھي. ڍنڍن ۾ نظر ايندڙ ڪنول جا ترندڙ پن ۽ گل ۽ اترين علائقن جي پھاڙن ۾ پيدا ٿيندڙ ليونڊر جي ٻوٽن جي خوبصورتي سياحن لاءِ ڪشش جو باعث بڻجندا آهن. ھڪ تحقيق مطابق دنيا ۾ جھنگلي ٻوٽن جا اڍائي کان ٽي لک قسم موجود آھن، پر انھن مان چند سئو ٻوٽا اھڙا آھن جن تي تحقيق ٿي چڪي آھي ۽ اھي مختلف صنعتن ۾ استعمال ٿي رھيا آھن. انسانن پاران استعمال ٿيندڙ جهنگلي جنسون، دنيا جي سڀني جاگرافيائي علائقن ۾ ملن ٿيون. ٽراپيڪل ٻيلن کي ڊگهي عرصي کان ڌرتيءَ جي حياتياتي رنگا رنگيءَ جي بحاليءَ لاءِ مددگار طور تسليم ڪيو ويو آهي ۽ انهن ۾ موجود ٻوٽن جون جنسون کاڌ خوراڪ ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪمن جو هڪ وڏو ذريعو آهن. ھڪ محتاط اندازي موجب ايمزون جي جھنگلن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻهراڙي جي مقامي آبادي پنھنجي بقا لاءِ ٻيلن جي سرگرمين تي انحصار ڪري ٿي. انسان لاءِ ڪارآمد اُھي جھنگلي ٻوٽا مستقبل قريب ۾ هوائي گدلاڻ، گهڻي استعمال ۽ موسمياتي تبديلي جي ڪري خطري ۾ آهن. دنيا ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ انساني آبادي پنھنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ جھنگلن ۽ ٻيلن جي ڪٽائيءَ ۾ مصروف آھي. کيس اُھو احساس نه آھي ته جن وڻن ۽ ٻوٽن کي ھو ڪٽي رھيو آھي، اُھي سندس لاءِ ڪيترا اھم آھن. جھنگلي ٻوٽن جي بي جا ڪٽائي، پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ماحولياتي تبديلي سبب ڪيترن ئي قيمتي ٻوٽن جي ختم ٿيڻ جو خطرو آهي، جنھن جو وڏو مثال سنڌ جي جابلو علائقن ۾ ملندڙ گگل يا گوگل نالي ٻوٽو آھي جنھن مان نڪرندڙ کؤنر دوائن جي تياريءَ ۾ استعمال ٿيندو آهي. ھن ٻوٽي کي انٽرنيشنل يونين فار ڪنزرويشن آف نيچر پنھنجي ريڊ لسٽ (تيزيءَ سان ختم ٿيندڙ ٻوٽن جي لسٽ) ۾ شامل ڪيو آھي. ان لاءِ ضروري آهي ته حڪومت ۽ فلاحي ادارا اھڙن ٻوٽن جي تحفظ خاطر ڀرپور آگاھي مھم ھلائين ۽ اھڙي قسم جي آگاھيءَ جي شروعات  پرائمري سطح جي اسڪولن کان ڪئي وڃي. تر ۾ رھندڙ سڄاڻ ماڻھو پڻ ھنن تيزيءَ سان ختم ٿيندڙ ٻوٽن جي تحفظ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪن ۽ پنهنجي ليکي انهن ٻوٽن ۽ وڻن جون فهرستون تيار ڪن جيڪي هن وقت پنهنجو نسل وڃائي رهيا آهن يا ختم ٿي چڪا آهن ۽ ان جي بقا ۽ وري انهن کي نئين زندگي ڏيڻ لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪن.