ايڊيٽوريلنئون

اچو ته مستقبل جي ذهنن جي تعمير ۾  سندن مدد ڪريون

ادب هڪ وسيع موضوع آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي صنفون اچي وڃن ٿيون، پر ادب کي صرف ڪتابن تائين محدود ڪرڻ سان سماج جو سچو عڪس نٿو ڏسي سگهجي. ادب کي جيستائين پکيڙي پوري سماج مٿان کولي نه رکبو تيسين نه ادب جي اهميت نظر ايندي ۽ نه ئي ان جو ڪارج سمجهه ۾ ايندو. ادب اسان کي انسان جي اندروني ڪيفيتن ۽ احساسن کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو ۽ انسان جي اندر همدردي ۽ اها سوچ پيدا ڪري ٿو ته هو پنهنجي چوڌاري  جهالت ۽ ظلم جي نظام کي پنهنجي تخليق ڪيل ادب سان ڪيئن ختم ڪري، ان لاءِ مختلف صنفن ڪڏهن ڪهاڻي، ڪڏهن ناول ته ڪڏهن شاعري جو سهارو وٺي لکيو وڃي ٿو. جڏهن ڪنهن به مقامي ٻوليءَ ۾ گهربل ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ادبي مواد موجود نه هوندو آهي ته ان کي ٻين ٻولين مان ترجمو ڪري انهن خيالن کي پنهنجي زبان ۾ آڻي پنهنجي سماج کي تحفو ڏيڻو پوندو آهي ته جيئن اهي ماڻهو انهن مختلف پهلوئن تي غور ڪري سگهن. ادب تخليق ڪرڻ جو مقصد هرگز اهو ناهي ته ان سان نوبيل يا ٻيا مختلف ادبي ايوارڊ حاصل ڪيا وڃن، بلڪه ادب اخلاقي تربيت جو هڪ وڏو ذريعو آهي. سماجي تبديليءَ لاءِ هڪ هٿيار ۽ تخليقي سوچ پيدا ڪرڻ لاءِ سوال سيکاري ٿو. جڏهن ڪنهن ناول ۾ ماڻهو پنهنجين حالتن سان ملندڙ جلندڙ حالتون ۽ ڏاڍايون پڙهي ٿو ته کيس محسوس ٿئي ٿو ته هو اڪيلو اهڙين حالتن جو شڪار ناهي، بلڪه هو به ان ناول جي ڪردارن سان گڏ پنهنجي منزل ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ٻارن لاءِ لکيل ادب جنهن ۾ ڪهاڻيون، لوليون ۽ نظم اچي وڃن ٿا، انهن جي ذهنن تي ايمانداري، سچائي، بهادري ۽ انساني همدرديءَ جو ٻج ڇٽي ٿو ۽ هڪ ٻار کي سٺو انسان بنجڻ ۾ مددگار ٿئي ٿو. ادب انسان کي پنهنجي دنيا جي مختلف مسئلن سان ڳنڍي ٿو، جيئن ماحولياتي شعور، انسانن جو انسان کان ڌار ٿي سوشل ميڊيا طرف لاڙو ۽ ان جا نقصان، سائنسي ترقيءَ جو بنا سوچ ۽ سمجهه استعمال ۽ انساني زندگين جو ٻين سببن کان متاثر ٿيڻ. اهي سڀ شيون اسان کي ادب جي ذريعي خوبصورتيءَ سان متاثر ڪن ٿيون ۽ اسان ڪتابن ۽ ناولن جي ذريعي پنهنجو پاڻ کي باشعور ڪندي پنهنجي دنيا کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. ادب انسان کي مستقبل بيني سيکاري ٿو ۽ ڪجهه تخليقڪار ذهن مستقبل لاءِ اهڙا خيال ڏين ٿا، جيڪي اڳتي هلي انساني ترقيءَ جا بنيادي وجهن ٿا. ان سڄي عمل ۾ اسان جي سماج ۾ اسان کان اسان جو ٻار وسريل رهي ٿو. ترقي يافته ملڪن ۾ ٻارن لاءِ تمام گهڻو سوچيو وڃي ٿو، لکيو وڃي ٿو، پاليسيون ٺاهيون وڃن ٿيون ۽ انهن جي جذباتي تربيت لاءِ کين ننڍي هوندي کان ئي فطرت سان ڳنڍيو وڃي ٿو، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ننڍي کنڊ ۾ ٻار نظر انداز ٿيل آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسين پنهنجن ٻارن کي اهميت ڏيون، انهن ذهنن کي پنهنجو اثاثو بڻايون جتي فطرت تمام گهڻي عروج تي موجزن آهي. انهن ذهنن ۾ ادب جا اهي ٻج ڇٽيون جيڪي اڳتي هلي ذرخيز بڻجي اسان جي سماج کي تبديل ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿا. اسين پنهنجي نسلن جو جائزو وٺون ته جنهن نسل ۾ ادب پڙهڻ جو رجحان وڌي ٿو انهن جي اندر ماڻهپو، انسانيت،  همدردي ۽ حساسيت کي محفوظ ڪري سگهجي ٿو، پر جنهن نسل ۾ پڙهڻ يا لکڻ جو رجحان گهٽجي ويو آهي اهو نسل ماديت پرستي جي ور چڙهي ويل هڪ اهڙو نسل بڻجي ويو آهي جنهن لاءِ دولت گڏ ڪرڻ، ٻين کي دوکو ڏيڻ، پنهنجي ماحول کي نقصان پهچائڻ ۽ پنهنجا مفاد پورا ڪرڻ ترجيح بڻيل آهن. ان نسل وٽ نه سوال آهي، نه احساس ۽ نه ئي مستقبل لاءِ ڪا اميد آهي. اهڙي نسل پنهنجي ماحول کي سخت نقصان پهچايو آهي. اسان جا ٻيلا ڪٽجي رهيا آهن، ايڪو سسٽم تباهه ٿي چڪو آهي ۽ معاشرو ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي. اهڙي وقت ۾ اسان کي پنهنجن ٻارن لاءِ سوچڻو پوندو ۽ سندن تخليقي سوچ ۽ سمجهه جي صلاحيت کي اظهار ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. اڄ جو ٻار جتي باشعور ٿيندو وڃي اتي ان لاءِ رستا تمام گهٽ بچيا آهن جنهن جي ذريعي هو پنهنجو پاڻ کي اظهاري سگهي. سندس ماحول تبديل ٿي چڪو آهي ۽ هو هڪ اهڙي زندگيءَ جو شڪار آهي جيڪا وڌيڪ مشيني آهي.  اهڙا تمام گهٽ خوشنصيب ٻار هوندا جن کي انفرادي طور تي سندن گهر ۾ ان قسم جي پٺڀرائي حاصل هوندي جو اهي علمي، ادبي ۽ تخليقي تربيت حاصل ڪري سگهن. ان لاءِ ضروري آهي ته ٻارن کي ننڍپڻ کان لکڻ طرف مائل ڪجي، کين لکڻ پڙهڻ واري عمر ۾ هر سال تحفي ۾ هڪ ڊائري ڏجي ۽ پوءِ انهن جي آڱر پڪڙي تربيت ڪئي وڃي ته هو پنهنجي آسپاس جي ماحول ۾ جيڪي ڪجهه ڏسن ٿا جنهن ۾ وڻ، پکي، جانور يا پاڻيءَ جا وهڪرا يا ڪچري جو ڍير يا ڪو اهڙو آواز جيڪو کين ڊيڄاري ٿو يا ڪا اهڙي شخصيت جنهن سان هو پيار ڪن ٿا ان بابت لکت ۾ اظهار ڪن.  اهي سڀ احساس اسان کي پنهنجن ٻارن اندر پيدا ڪرڻ لاءِ انهن جي رهنمائي ڪرڻ جي ضرورت آهي. دنيا جا ڪيترائي وڏا شاهڪار جنهن ۾ “اين فرينڪ جي ڊائري” اڳتي هلي تاريخ جو حصو بڻجي وئي ڪا معمولي ڳالهه ناهي. ڪنهن ٻار جي ڊائري ان ٻار جي اندروني سوچ جو عڪس هوندو، جنهن مان اڳتي هلي اسان کي پنهنجي مستقبل جي ادب لاءِ ڪيترائي تخليقي خيال ملي سگهن ٿا. ٻارن ۾ ڊائري لکڻ جي عادت وجهڻ هڪ اهڙو ٻج ڇٽڻ آهي جيڪو اڳتي هلي کين گهري ۽ سلجهيل شخصيت بڻائي سگهي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته ٻارن کي ڊائري لکڻ لاءِ رهنمائي ڏجي. کين اهو ڪم هوم ورڪ وانگر بورنگ نه لڳڻ گهرجي، بلڪه ڊائري لکڻ ٻارن لاءِ هڪ دلچسپ تجربو هجڻ گهرجي جيڪو کين اتساهه ڏئي، ان وقت لاءِ هو انتظار ڪن ته سندن ڊائري لکڻ جو وقت ڪيڏي مهل ايندو. ان لاءِ کين رنگين پينسلون اسٽيڪرز ۽ خوبصورت ڊائرين جا تحفا ڏيڻ گهرجن ۽ ٻارن کي ڊائري لکڻ لاءِ والدين رهنمائي ڪن ته سندن ڏينهن ڪيئن گذريو، اسڪول ۾ ڇا ٿيو؟ جيڪڏهن انهن کي ڪو کاڌو پسند آهي ته ان جي باري ۾ لکن، جيڪڏهن انهن ڪنهن ڳالهه سبب ڏک محسوس ڪيو يا کين ڪاوڙ لڳي يا خوشي محسوس ٿي ته ان باري ۾ لکن. کين اها به پڪ هجڻ گهرجي ته سندن ڊائريءَ کي پڙهڻ جو ٻئي ڪنهن کي حق ناهي. ۽ سندن موڪل کانسواءِ ڪير ان کي پڙهي نٿو سگهي. والدين کي به پنهنجن ٻارن سان گڏ ڊائري لکڻ جي شروعات ڪرڻ گهرجي. ٻارن لاءِ گهرن ۾ ڪتابن جي هڪ ڪنڊ هجڻ گهرجي جتي ويهي هو ڪتاب پڙهي سگهن ۽ کين هڪ مخصوص ٽائيم ۾ ڊائري لکڻ جي تربيت ڏني وڃي. ٻارن تي اها محنت هڪ تخليقي انقلاب جو بنياد پيدا ڪري سگهي ٿي. ٻارن جي لکيل ڪنهن به جملي ڪنهن به ننڍي ڳالهه کي ڌيان سان ٻڌو. ڇو ته ٻار سماج ۾ هر جاءِ تي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو. جنهن سان هن جي اندر ڪاوڙ ۽ بيزاري جو احساس پيدا ٿئي ٿو. اهوئي سبب آهي جو اڄ جو نوجوان خودڪشيءَ جو وڌيڪ لاڙو رکي ٿو. ڇو ته سندس خيالن کي ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڪو رستو موجود ناهي، ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ سوال ۽ تخليقي تنهائي کيس بيچين ڪري ڇڏي ٿي، وٽس ڪوبه آئوٽ ليٽ ناهي. ڊائري ٻار کي اهڙو پليٽ فارم فراهم ڪندي جتي هو پنهنجو پاڻ اوري سگهي. کيس احساس ٿيندو ته کيس ڪير ٻڌي رهيو آهي ۽ جج به نه ڪري رهيو آهي، نه ئي ٽوڪي رهيو آهي. جنهن سان سندس  اعتماد وڌندو ۽ هو ننڍين ننڍين ڳالهين تي سوچڻ شروع ڪندو ۽ اها ئي سوچ کيس مستقبل جي تخليقڪار طور تيار ڪندي. منجهس صبر ۽ انتظار جي عادت پيدا ٿيندي.  اڄڪلهه جو ٻار اسڪرين جو عادي ٿي چڪو آهي ۽ صرف هڪ ڪلڪ تي هن کي ڪنهن شيءِ مان مزو اچي ٿو ۽ پوءِ اهو مزو ختم ٿي وڃي ٿو. کيس ان صورتحال کان بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته سندس ذهن جي تخليقي صلاحيتن کي اڀاريو وڃي۔. ان عمل سان کيس سوچڻ جو نئون انداز ملندو. اميد ته والدين پنهنجن ٻارن کي اهڙو ماحول مهيا ڪندا جيڪو کين سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت ۾ مددگار ٿي سگهي.