ڀارت جيئن ته خطي ۾ پنهنجي هوڏ سان مسئلا حل ڪرڻ چاهي ٿو. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ لازمي آهي ته ڳالهيون ٻولهيون ٿيڻ گهرجن ۽ انهن ذريعي مسئلن جي حل تائين پهچي سگهجي ٿو، پر ڀارت سرڪار جو بنياد پرست وزيراعظم طاقت جي زور تي مسئلا حل ڪرڻ چاهي ٿو، پر انهيءَ سان هن پنهنجي ملڪ لاءِ ڏکيائون پيدا ڪيون آهن. چين جي پرڏيهي وزير پاڪستان جي هم منصب سان ڳالهائيندي اها ڳالهه ڪئي آهي ته چين پاڪستان جي حمايت ڪندو.
انهيءَ کانسواءِ ته چين عالمي برادري کان به اهو مطالبو ڪيو آهي ته ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي جي خود مختياري ۽ علاقائي سالميت جو احترام ڪرڻ گهرجي. پاڪستان پهرئين ڏينهن کان اڻ ڌري جاچ جي ڳالهه ڪئي آهي. پاڪستان جو پهلگام واقعي جي سلسلي ۾ موقف اهو آهي ته ڀارت وٽ پاڪستان جي خلاف ڪي ثبوت آهن ته اهي اسان سان شيئر ڪري. جيڪڏهن اهي شيئر ڪرڻ نه ٿو چاهي ته ٻئي ملڪ بين الاقوامي تحقيقات ڪرائي سگهن ٿا. عالمي سفارتي حلقن ۾ به ڀارت جي موقف کي ننديو پيو وڃي. سابق آمريڪي نائب وزير خارجه رابن رافيل وزيراعظم شهباز شريف جي پهلگام واقعي جي تحقيقات غير جانبدار ماهرن جي هٿان ڪرائڻ جي تجويز جي حمايت ڪئي آهي. هارورڊ يونيورسٽي ۾ سڌ سماءَ جي ذريعن سان گفتگو ۾ هن جو چوڻ هو ته پهلگام حملي تي پاڪستان جي غير جانبدارانه تحقيقات جي پيشڪش مثبت ڳالهه آهي. واقعي جي صرف 5 منٽن کانپوءِ ڪنهن به ملڪ تي اهو الزام لڳائڻ انتهائي نامناسب آهي. پاڪستان جي اڳوڻي هاءِ ڪمشنر عبدالباسط جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڀارت پاڪستان جي پاڻي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو باهه سان کيڏندو. دنيا جي سفارتي حلقن ۾ پاڪستان جي موقف کي اهميت ڏني پئي وڃي ته واقعي جي جاچ غير جانبداري سان ڪئي وڃي ته پاڪستان الزام کان بري ٿي ويندو. هن وقت صورتحال اهڙي آهي جو ٻنهي ملڪن کي ڳالهين سان مسئلا حل ڪرڻ گهرجن. چين جيئن ته دنيا جي هڪ اڀرندڙ وڏي طاقت آهي ۽ دنيا تي ان جو اثر رسوخ آهي، جنهن ڳالهه کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي. جيئن ته پاڪستان چين جو پراڻو دوست ملڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي جي دوستي تي فخر آهي.
چين هميشه پاڪستان جي ڏکين حالتن ۾ مدد پئي ڪئي آهي. چين جو پاڪستان ۾ اقتصادي راهداري (CPEC) جو منصوبو انهيءَ جو ثبوت آهي. اهو منصوبو چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو جو اهم حصو آهي. پاڪستان جو هن راهداري ۾ مرڪزي ڪردار آهي. چين پاڪستان سان معاشي ۽ مالياتي معاملن ۾ به تمام ويجهو آهي. ڇاڪاڻ جو گوادر پورٽ چين لاءِ وچ اوڀر تائين آسان واپاري رستا کولڻ جو ذريعو آهي. ڀارت ۽ چين جي وچ ۾ به سرحدي ڇڪتاڻ پراڻي آهي انهيءَ ڪري ڀارت ايران جي بندرگاهه چابهار ۾ دلچسپي رکي ٿو. چين ۽ عالمي سفارتي ذريعن مان پاڪستاني موقف جي حمايت اهو ثابت ٿي ڪري ته پاڪستان حق تي آهي. پاڪستان پنهنجو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿو ۽ ڀارت کي ڪنهن به غلط فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي. پاڪستان 25 ڪروڙ ماڻهن جو ملڪ آهي، جيڪي امن سان رهڻ چاهين ٿا. انهيءَ ڪري ڀارت کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته ڪنهن به قوم ۽ ملڪ سان وڙهي فتح حاصل نٿي ڪري سگهجي. ڪن به ٻن ملڪن جي وچ ۾ پيدا ٿيل مسئلن جو حل صرف ڳالهيون ٻولهيون آهن. مقبوضه ڪشمير جي علائقي پهلگام واري واقعي کانپوءِ وزيراعظم جو موقف اهو ثابت ڪري ٿو ته پاڪستان پنهنجي پاڙيسري ملڪن ۾ ڪوبه اهڙو عمل ڪرڻ ۾ دلچسپي نٿو رکي، جنهن سان اتي حالات خراب ٿين ۽ هن ڪنهن به غير جانبدار ڌر کي هن واقعي جي جاچ ڪرڻ لاءِ چيو آهي ته اسان سان گڏ ويهو اسان کي معلومات ڏيو يا انهي واقعي جي تحقيقات غير جانبدار ماهرن کان ڪرايو. وزيراعظم پاڪستان جي انهي بيان جي آمريڪا جي ڏکڻ ايشيا لاءِ سابق نائب وزير خارجه به حمايت ڪئي آهي. دنيا جي ملڪن ۽ عالمي سفارتڪارن پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي آهي. ڀارت کي به پاڪستان جي موقف کي مڃڻ گهرجي ۽ مسئلن کي ڳالهين ٻولهين جي ذريعي حل ڪرڻ گهرجي.