حڪومت پاڪستان جي ٽال مٽول کانپوءِ پاڻي وسيلن جي وزارت پاران ڪئنالن خلاف 2 مئي تي سڏايل اجلاس اچانڪ 28 اپريل 2025 تي گهرائي ورتو ۽ ڪئنالن خلاف نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو جنهن موجب حڪومت پاڪستان پاران صوبن جي مشاورت سان ڪيل فيصلي جي تعميل ۾، اهو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي ته سنڌو درياءَ مان ڇهن نون ڪئنالن جي تعمير جو منصوبو فوري طور تي رد ڪيو وڃي ٿو، جنهن جا سبب ڄاڻائيندي لکيو ويو ته پاڻي جي دستيابي، ماحولياتي اثرن ۽ صوبن وچ ۾ اتفاق راءِ نه ٿيڻ جي خدشي سبب منصوبي کي منسوخ (ختم) ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ صوبائي حقن لاءِ عزم کي ورجائيندي چيو ويو آهي ته پاڪستان جي حڪومت صوبن خاص طور تي سنڌ جي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪندي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته سنڌو درياءَ بابت مستقبل ۾ جيڪي به منصوبا شروع ڪيا وڃن، انهن کي سمورن صوبن جي اتفاق راءِ سان شروع ڪيو وڃي. هي نوٽيفڪيشن فوري طور تي لاڳو ٿيندو. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس موجب:
(1) گڏيل مفادن واري ڪائونسل (CCI) وفاقي حڪومت جي ڏنل پاليسي جي حمايت ڪري ٿي وفاقي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته بنا گڏيل مفاهمت جي نوان ڪئنال (واٽر چينل) نه ٺهندا. اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت ڪوبه اڳواٽ قدم ايستائين نه کڻندي جيستائين صوبن وچ ۾ گڏيل مفاهمت قائم نٿي ٿئي. وفاقي حڪومت سڀني صوبائي حڪومتن سان رابطو ڪري رهي آهي ته زراعت جي پاليسي ۽ پاڪستان جي واٽر مئنيجمينٽ انفرااسٽرڪچر جي ترقي لاءِ هڪ ڊگهي مدي وارو متفقه روڊ ميپ تيار ڪيو وڃي. سڀني صوبن جا پاڻيءَ جا حق “پاڻي جي ورڇ واري معاهدي 1991” ۽ “پاڻيءَ جي پاليسي 2018” ۾ محفوظ آهن؛ جيڪي سڀني اسٽيڪ هولڊرن جي اتفاق سان طئي ٿيا. صوبن جي خدشن کي ختم ڪرڻ ۽ پاڪستان جي خوراڪ ۽ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ، هڪ ڪميٽي جوڙي پئي وڃي جنهن ۾ وفاق ۽ سڀني صوبن جي نمائندگي هوندي.اها ڪميٽي پاڪستان جي ڊگهي مدي وارن زرعي ضرورتن ۽ سڀني صوبن جي پاڻيءَ جي استعمال لاءِ ٻنهي اتفاق راءِ دستاويزن جي روشني ۾ تجويزون پيش ڪندي. پاڻي سڀ کان قيمتي وسيلن مان هڪ آهي ۽ آئين ٺاهڻ وارن ان جي اهميت کي تسليم ڪندي اهو طئي ڪيو ته پاڻيءَ سان لاڳاپيل تڪرار گڏيل مفاهمت ذريعي خوش اسلوبي سان حل ڪيا ويندا ۽ ڪنهن به صوبي جي خدشن کي سڀني اسٽيڪ هولڊرن جي احتياط سان مخاطب ڪيو ويندو.
(2) مٿين ڳالهين کي نظر ۾ رکندي، بحث مباحثي کانپوءِ ڪائونسل فيصلو ڪيو آهي ته نون ڪئنالن جي تعمير لاءِ 7 فيبروري 2024 تي عارضي طور منظور ٿيل دي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي آف دي نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل (ECNEC) جي منظوري ۽ 17 جنوري 2024 تي ٿيل ميٽنگ ۾ جاري ڪيل ارسا جي پاڻي جي دستيابي واري سرٽيفڪيٽ کي واپس ڪيو وڃي. منصوبه بندي ڊويزن ۽ ارسا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته سڀني اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت کي يقيني بڻائين، قومي يڪجهتي جي مفاد ۾ ۽ سڀني خدشن کي دور ڪرڻ تائين گڏيل مفاهمت حاصل ڪئي وڃي.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان نوٽيفڪيشن تي عمل ڪير ڪرائيندو، ڇو ته هن کان اڳ ڪيترائي اهڙا فيصلا ٿيا آهن جيڪي فائلن جي زينت بڻيل آهن. وزير اعظم شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي بار بار ملاقات ۾ ڪئنالن واري معاملي کي سي سي آئي ۾ کڻي وڃڻ سان سنڌ جي عوام سان سراسر دوکو ڏيندا رهيا آهن. سنڌ جي عوام جي شديد احتجاج جي کانپوءِ نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت پنهنجي هوڏ تان لٿا ۽ اٺن مهينن جي جدوجهد کانپوءِ نوٽيفڪيشن ڏئي ڌرڻا ختم ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، توڙي جو سي سي آءِ ۾ اڪثريت پنجاب جي آهي، تنهنڪري سي سي آءِ پنهنجو وقار وڃائي چڪي آهي. ماضيءَ ۾ سنڌ جي آدمشماري ۾ سي سي آءِ غلط فيصلو ڪري سنڌ جي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي. ان ڪري سنڌ جو ڪوبه فرد سي سي آئي تي اعتبار نٿو ڪري. سي سي آءِ جي برابري جي بنيادن تي ٻيهر جوڙجڪ ٿيڻ گهرجي. وزير اعظم پنهنجي اختيار تحت تڪراري منصوبا رد ڪري پئي سگهيو ان جي باوجود اٺ مهينا سنڌ دانهون ڪندي رهي، پر شهباز شريف توڙي ساڻس گڏ ويٺل بلاول ڀٽو زرداري جي ڪن تي جونءِ ئي نه پئي چُري. سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي جي قيادت کي ڪوبه اختيار نه ڏنو آهي ته اها سنڌ جي عوام جي قسمت جا اڪيلي سر فيصلا ڪري، جيڪا ڳالهه هاڻي پيپلز پارٽيءَ کي به سمجهه ۾ اچي ويئي هوندي. بهرحال هاڻي وفاق توڙي صوبائي حڪومت کي ڪئنالن وانگي ڪارپوريٽ فارمنگ، انويسٽمينٽ بورڊ ايڪٽ 2023ع پيڪا ايڪٽ ۽ 26 هين آئيني ترميم جهڙا ڪارا قانون واپس وٺڻا پوندا. ٻي صورت ۾ سنڌ جي عوام جي جدوجهد جاري رهندي. ڪئنال رٿا سان ڪالاباغ ڊيم جهڙو حشر ٿيو آهي، تنهنڪري حڪمرانن کي ملڪ جو خاص طور تي سنڌ جي مستقبل جو فيصلو گڏيل راءِ سان ڪرڻو پوندو. سنڌ جا ماڻهو امن پرست ضرور آهن، پر پنهنجي حقن تي ڌاڙو ڪڏهن به برداشت نه ڪندا. سنڌ جي امن پرستيءَ جو مثال اهو آهي جو ڪئنالن خلاف پوري سنڌ ۾12 ڏينهن تائين 40 هزار کان مٿي ٽينڪر ۽ ٽرڪون بيٺيون رهيون، جن کي ڪنهن هٿ به نه وڌو، بلڪه مسافرن کي مهمان سمجهي سندن خدمت ڪندا رهيا. طاقتور عوامي جدوجهد نيٺ حڪمرانن کي جهڪائي ڇڏيو، حڪمرانن جا سڀ هٿياري حربا ناڪارا ٿي ويا، پر پرامن جدوجهد وارو هٿيار ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿي ويو. هيءَ عوامي جدوجهد ڪا آخري ڪونهي ان ڪري عوام کي ٻڌيءَ جو دامن پڪڙي اڳتي وڌڻو پوندو. جيئن وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ پنهنجو موقف ڏيندي چيو ته “اسان حڪومت جا شڪرگذار آهيون، جن اسان جي مطالبن کي عزت ڏيندي هنگامي اجلاس گهرايو ۽ سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال رد ڪيا. البته اسان ‘اتفاقِ راءِ’ واري لفظ مان مطمئن ناهيون. سنڌو درياءَ تي ڪنهن به قسم جو منصوبو اسان قبول نه ڪنداسين.” وڪيل اڳواڻن پنهنجي موقف ۾ واضح ڪيو ته جڏهن پاڻي ئي ناهي ته پوءِ ڪارپوريٽ فارمنگ ڇا جي؟ زمينون خالي ڪري، مقامي هارين جي حوالي ڪيون وڃن. اهو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي وڪيل برادري ڪارپوريٽ فارمنگ، 26 هين آئيني ترميم ۽ پيڪا ايڪٽ خلاف احتجاجي تحريڪ جاري رکندي. ڇو ته هي رڳو هڪ ڌرڻو نه، پر مستقبل جي نسلن جي حقن جي حفاظت جي جنگ آهي. هيءَ شروعات آهي. سنڌ جي حقن لاءِ، پنهنجي پاڻي، زمين ۽ آئين جي تحفظ لاءِ جدوجهد جو سفر اڃان جاري آهي. هن ڪاميابيءَ سنڌ واسين لاءِ همت ۽ يقين جو هڪ نئون ڏيئو ٻاريو آھي. اڄ سنڌ جي ڌرتيءَ تي هڪ نئين عزم جنم ورتو آهي ته هاڻي ڪوبه ظلم، ڪابه زيادتي ۽ ڪو به ڌاڙو قبول نه ڪيو ويندو.