بلاگ

آرٽيفيشل انٽيليجنس ڇا آهي؟

حصو ٻيون

مون AI متعلق ھڪ ٻيو ڪتاب پڙھيو جيڪو هڪ مشھور شخصيت Henry A Kissinger ھينري اي ڪسنجر لکيو آھي، ھن ڪتاب ۾ سندس ٻه ٻيا Co-Authors پڻ شامل آھن جن جا نالا آھن Eric Schmidt آرڪشمٽ ۽ ڊينيل ھٽنلوڪر ھنAI متعلق لکيو آھي:

”مصنوعي ذھانت جو اسان جي ڪلچر ۾ ظاھر ٿيڻ فطري طور تي نه ڪو ڊيڄاريندڙ عمل آھي نه ئي اسان انسانن کي مسئلن کان ڇوٽڪارو ڏياريندڙ، ھا مصنوعي ذھانت اسان جي سماج جا پيچرا، گس ۽ پنڌ تبديل ڪري ڇڏيندي ۽ سالن کان ھلندڙ تاريخ جا رخ تبديل ٿي ويندا، پر وقت گذرڻ سان مصنوعي ذھانت انسانن جي زندگيءَ اندر ايتري گھرائيءَ سان گھري ٿيندي ويندي جو ھر ڪم ڪار کي سھڻي طريقي سان ڪرڻ ۽ وقت بچائڻ خاطر اسان کي ٻنھي کي گڏوگڏ کڻي ھلڻو پوندو ۽ اڳتي ھلي اسان کيArtificial & Hybrid Human جو اصطلاح استعمال ڪرڻو پوندو. جيئن ھڪ ھئبرڊ گاڏي روڊ تي ھلڻ وقت خود بخود اسپيڊ جي حساب سان فيول کي سئچ ڪندي رھي ٿي، مصنوعي ذھانت جو سڄو دارو مدار مشين لرننگ تي آھي. پھرين دور ۾ جڏھن پرسنل ڪمپيوٽرز گھر گھر پھچي چڪا ھئا ته انھن کي آفيس جي ڪم ڪار، ادارن کي ھلائڻ لاءِ ڊجيٽل ڊيٽا ذريعي هدايتون ڏنيون وينديون ھيون جنھن جي مطابقت سان اھي ڪمپيوٽر نيٽ ورڪنگ جي ذريعي سڄي اداري جي لکپڙھ جو نظام ھلائيندا ھئا ۽ ڊيٽا کي محفوظ ڪندا رھندا ھئا. Aviation ۾ مصنوعي ذھانت جو استعمال ڪافي پراڻو آھي. آمريڪا ھڪ ادارو جوڙيو ھو جنھن جو نالو ھوD A R P A ڊفينس ۽ ريسرچ پروجيڪٽ ايجنسي، جنھن جي آفيس آرلنگٽن ورجينيا ۾ آھي، جيڪا يو ايس ڊفينس ڊپارٽمينٽ جي ھٿ هيٺ ڪم ڪري رھي آھي. ھن شعبي جي باري ۾ اھا راءِ آھي ته ان ۾ ھڪ ئي وقت 250 پروجيڪٽس تي ڪم ڪري سگھجي ٿو. اھو ادارو آمريڪي حڪومت سن 1958 ۾ قائم ڪيو ھو جيڪو ھاڻي مڪمل طور تي آرٽيفيشل انٽيليجنس تي ڪم ڪري رھيو آھي. آٽو پائليٽ بمبار جھاز، ڊرون ٽيڪنالاجيءَ ذريعي دشمنن جي ٺڪاڻن تي ميزائل اڇلائڻ اھو سمورو ڪم ان مصنوعي ذھانت جي ڪري ئي ممڪن ٿي سگھيو آھي.

Medical Research آءِ بي ايم جي ھڪ ذيلي ڪمپني جنھن جو نالو ڊاڪٽر واٽسن آھي انھن اھڙو سافٽ ويئر تيار ڪيو آھي، جيڪو مريض جي ڊيٽا بيس گڏ ڪرڻ سان تمام اثرائتي طريقي سان بيمارين جي سڃاڻپ ڪري سگھي ٿو ايتري قدر جو شروعاتي ڏينھن ۾ جڏھن ڊاڪٽر مريضن ۾ ڪينسر جھڙي موذي مرض کي سڃاڻي نٿو سگھي، پر اھو آرٽيفيشل انٽيليجنس تي بيٺل ڊاڪٽر واٽسن ڊيٽابيس ذريعي هن بيماري جي سڃاڻپ ڪري سگهي ٿو. فارما انڊسسٽريز پڻ اي آءِ تي چڱي خاصي لاڳت ڪرڻ شروع ڪئي آھي.MIT هڪ ريسرچ ڪندڙ اداري اينٽي بايوٽڪ تي ريسرچ دوران ٻڌايو ته ھنن 2000 ماليڪيولس جا اسٽرڪچر ڊايا گرامس سندن جنرڪ نالا ۽ ھو ڪھڙي گروپ آف ڊرگس سان تعلق رکن ٿا، سندن سمورو شجرو ۽ سمورو ڊيٽا سيٽ ڪمپيوٽرز جي ياداشت ۾ Feed ڪيو ۽ جڏھن انAI واري پروگرام کان سوال ڪيو ته انھن ٻن ھزار ڊرگ ماليڪيولس مان ڪھڙا بھترين اينٽي بايوٽڪ ثابت ٿيندا، جن جي خلاف بيڪٽيريا مدافعت پيدا ڪري نه سگھندا؟ ته ڪمپيوٽر پنھنجي رزلٽ اندر سئو کان وڌيڪ نالا ظاھر ڪيا جيڪي سائنٽسٽ پنھنجي ڳوڙھي اڀياس کانپوءِ جڏھن پنھنجي ذھانت ذريعي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ کانپوءِ ظاھر ڪيو آهي ته اھي صرف ٽيھ ئي ظاھر ٿيا ھئا. مائيڪرو بايو لاجسٽ حيران ھئا ۽ انھن کي اھو سمجھ ۾ نه پئي آيو ته سندن شارٽ لسٽ ڪيل اينٽي بايوٽڪس صرف ٽيھ ئي اھڙا ھئا جن ۾ بيڪٽريا Resistance پيدا ڪري نه پئي سگھيو. اھو سڄو ڪمال مصنوعي ذھانت جو آھي، جيڪو الگورٿم جي بنياد تي ايترو جلد ئي اثرائتا نتيجا ظاھر ڪري ٿو، جيڪو انساني ذھانت کي باءِ پاس ڪري اڳتي نڪري ٿو وڃي.

AI ۽ گوگل ميپ مصنوعي ذھانت جو ھڪ وڏو ڪارنامو آھي گوگل ميپ کي ھر لمحي update رکڻ جو ڪم به AI جي ذريعي ٿئي ٿو، اسان سنجيدگيءَ سان سوچون ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جتي به انٽرنيٽ سھولتون موجود آھن، سڄي دنيا جي شھرن ۾ گوگل ميپ پنھنجو ڪم بخوبي انجام ڏيندو رھي ٿو، سيٽلائيٽ جي ذريعي، ٽريفڪ جي رواني يا جيڪي رڪاوٽون ھجن ٿيون يا پيدا ٿين ٿيون، گاڏي ڊرائيو ڪندڙ پنھنجي موبائيل اسڪرين تي يا ڪار جي مانيٽر تي ڏسندو رھي ٿو گوگل ميپ ڊرائيور کي آگاھ ڪندو رھي ٿو ته ٽريفڪ تي ڪيترو دٻاءُ آھي، ڊرائيور کي منزل تائين پھچڻ ۾ ڪيتري دير لڳي سگھي ٿي، گوگل ميپ ڊرائيور کي ايترو به ٻڌائيندو رھي ٿو ته جيڪڏھن ھو گوگل جي رهنمائيءَ ۾ ٻڌايل انٽرنيٽ رستي جي چونڊ ڪندو ته سندس ڪيترو وقت بچي سگھندو.

A I, Face Recognition مصنوعي ذھانت اندر چھري جي سياڻپ وارو سافٽ ويئر ھڪ قسم جو انقلابي قدم آھي. موبائل فون، ٽيبليٽ، ڪمپيوٽرز، بينڪ جي اڪائونٽس، سيفٽي لاڪرس، ڳجھن ادارن جي سڪيورٽي اندر اسٽريٽجڪ، اھميت واريون عمارتون، ايئر پورٽس انھن سڀني جاين تي مصنوعي ذھانت چھري جي سڃاڻپ وارو سافٽ ويئر استعمال ڪندي رھي آھي. سڄي دنيا اندر ترقي يافته ملڪ اھو چھري سڃاڻپ وارو پروگرام پوليس ۽ فوجي ادارن اندر استعمال ڪري رھيا آھن United States Police آمريڪا کي ان چھري واري سڃاڻپ پروگرام جي ڪري پنھنجن علائقن اندر ڪرائيم کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ تمام گھڻي مدد ملي آھي. سڪيورٽي ڪئمرائون روڊن رستن، اھم جاين تي وڊيو ڪئمرا جي ذريعي جيڪي رڪارڊنگ ٿينديون آھن انھن کي مرڪزي ڪنٽرول روم ۾ واقع مجرمن جي ڊيٽا سان تشبيح ڏئي ڪنھن به Suspected Criminal کي فوري طرح سڃاڻپ ڪري سندس پيڇو ڪري گرفتار ڪيو ويندو آھي. Russia پنهنجي ملڪ اندر حڪومت جي خلاف وڳوڙ ڪندڙ ۽ باغي ڌڙن تي سخت نگراني ڪندي رھي ٿي جيئن امن امان ۾ ڪو خلل پيدا ٿي نه سگھي اهڙي طرح سان ھو پنھنجن مخالفن سان سختي سان پيش اچي ٿي.

People’s Republic of China چين وري دنيا جي انھن وڏن ملڪن کان ٻه قدم اڳتي وڌايا آھن ھو انھن ڏوهارين جن پنھنجون سزائون جيل اندر ڪاٽي پوريون ڪيون آھن انھن تي ڳجھي طرح سان نظرداري ڪندو رھي ٿو، اھو ڏسڻ چاھي ٿو ته انھن جي چال چلت ۽ ذھني رويا ٺيڪ آھن يا نه؟ چين پنھنجي ملڪ اندر ماڻھن جي Facial profiling ذريعي ڪڙي نظر رکندو اچي ٿو. ان کان علاوہ ھيومن رائيٽس جي پوئلڳن جو خيال آھي ان فيشل پروفائلنگ جي آڙ ۾Racial Discrimination به جنم ورتو آھي، ھاڻي چيني حڪمران Uyghur Muslims جيڪر مسلمانن ۽ Tibetans تبتين نزاد ماڻھن تي پڻ نظر رکندي اچي ٿي ۽ ان چھري شناسي واري معلومات کي سماجي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪري يا سماج اندر وڌيڪ اڻبرابري واري سياست يا حڪمراني ڪري اھو سندس اختيار ۾ آھي.

سوال نمبر 1:

Is Artificial Intelligence, potential companion to Human Kind or A threat to Future of Humanity ڇا مصنوعي ذھانت انسانن لاءِ ھڪ ساٿي رهنما طور ڪم ڪندي؟ يا اها انسان ذات جي مستقبل لاءِ خطرو آهي؟

ڪافي ماڻھو ان راءِ جو اظھار ڪري چڪا آھن ته ان جي استعمال سان انسانن جي سوچ جي آزادي پنھنجي راءِ جي آزادي گھٽ ٿيندي ويندي. ڇاڪاڻ ته سرمائيداراڻي نظام ۾ انڊسٽري کي ھلائڻ خاطر وڌ ۾ وڌ ذھين مشينن يعني Robot’s کي استعمال ڪيو ويندو، جن جي اجرت انسان مزودر کان گھٽ ھوندي، انسان سوچڻ سمجھڻ جي صلاحيت واري مشين آهي، جيڪا پنھنجن مفادن جو تحفظ ڪرڻ چاهيندي آهي ۽ پنھنجن حقن لاءِ آواز اٿاري سگھندي آهي. جڏھن ته روبوٽ نه احساس رکي ٿو نه سوچ ۽ سمجهه جي صلاحيت رکي ٿو نه اجرت ۾ اضافي جي گھر ڪري سگھي ٿو ۽ نه ئي آرام ڪرڻ لاءِ موڪل ڪري سگھي ٿو، ان ۾ ڪارخانيدارن جي چاندي ته ٿي پوي ٿي، پر محنتي مزدورن جي روزگار ۾ تيزيءَ سان ڪمي ايندي ويندي، جيتوڻيڪ وڏو سنجيده مسئلو پيدا ٿيندو.

سوال نمبر 2:

ڇا اھو ممڪن آھي ته آرٽيفيشل انٽيليجنس کي ھڪ ھٿيار طور تي استعمال ڪيو ويندو؟

ان جو جواب آھي ھا! سچ پڇو ته اھو انتھائي اھم سوال آهي، ان جا آسان جواب ھن ريت آھن اھو ھڪ جديد ترينTool يا ھڪ اوزار يا ھٿيار آھي ان طرح جيڪڏھن بارود ۽ بندوقون فوج ۽ پوليس وٽ آھن ته اھو اطمينان آھي ته اھا محفوظ ھٿن ۾ آھي ۽ اسان جي حفاظت لاءِ استعمال ٿي رھيو آھي، جڏھن اھو چورن ۽ ٺڳن وٽ آھي ته اسان کي سمجھڻ گھرجي ته انسانن لاءِ ان ۾ نقصان ئي آھي.

سوال نمبر 3:

ڇا اھو ممڪن آھي ته آرٽيفيشل انٽيليجنس ۾ ڪو نقص ۽ خرابي پيدا ٿئي ته اھو انسان ذات لاءِ ھاڃيڪار ثابت ٿي پوي؟

ان جو جواب آھي ته ھا ان جا ٻه مثال ھيٺ ڏجن ٿا:

مثال پھريون- ھڪ مشھور سرمائيدار ايلن مسڪ جيڪو ٽيسلا ڪمپنيءَ جو مالڪ آھي، جنھن جي ڪمپني خلا ۾ سفر ڪرڻ وارا خلائي جھاز ٺاھي رھي آھي، جنھن جي گاڏين ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس جو استعمال ڪافي عرصي کان ٿي رھيو آھي، ھن ھڪ ميٽنگ ۾ پنھنجي تقرير ۾ ھڪ جملو چيو،

Design fault A I is fundamental risk, to the existence of Human civilization

ويجهي ماضيءَ ۾ اسان مان ڪيترن کي ياد ھوندو، بوئنگ 737 جي ٻن پروازن جو ڪريش ٿيو ھو جن مان ھڪ انڊونيشيا اندر ۽ ٻيو ايٿوپيا اندر ٿيو ھو، انھن حادثن دوران 346 ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا ھئا. ان جو ڪارڻ اھو ھو ته انهن جهازن جي سافٽ ويئر ڊزائين ۾ اھڙو نقص ھنيو ويو هو جو آٽو پائليٽ ۾ ايتري صلاحيت ھئي ئي ڪونه جو ھو جھاز ھلائيندڙ ڪئپٽن کان ٽيڪ اوور ڪري اوور رائيڊ ڪري جھاز کي سلامتيءَ سان پرواز کي ثابت قدميءَ بنا جھول ۽ نقص جي جاري رکي سگھي.

مثال ٻيو- ٽيسلا ڪار سڄي جڳ مشھور ڪمپني سيلف ڊرائيونگ ڪار ڊزائين ڪئي جيڪا آمريڪا جي ڪجھ رياستن ۾ جن کي اجازت ڏني ويئي ڪئليفورنيا ۾ ھڪ اھڙو حادثو پيش آيو جنھن ۾ ھڪ راھ ويندڙ مسافر جي جان ضايع ٿي، ھن ڪار ۾ اي آءِ جو استعمال ڪندي اھڙو سافٽ ويئر تيار ڪري وڌو ويو ھو جيڪو انساني ذھن وانگر ھڪ ئي وقت ملٽي ٽاسڪنگ ڪري سگھڻ جي صلاحيت رکي پيو، معنيٰ اھا ته جڏھن اسان ڊرائيو ڪرڻ دوران ڪار جو اسٽيريو ٻڌون ٿا گاڏي جي رفتار تي نظر رکون ٿا اسان جي کاٻي يا ساڄي پاسي کان گذرندڙ گاڏين جي اسان جي گاڏيءَ کان وڇوٽي ڪيتري آھي اسان جي بيڪ مرر ۾ پويان ايندڙ گاڏي ڪيتري تيزيءَ سان اسان جي ويجھو پھچي رھي آھي اسان جو پير اسپيڊ کي فوري گھٽ ڪرڻ لاءِ ڪيترو آرام سان ڪم ڪندڙ آھي. اھي سڀ صلاحيتون اي آءِ گاڏيءَ جي ڪمپيوٽرائيزڊ چپ ۾ وڌيون ويون آھن ۽ ان کي ڪافي آزمائشن کانپوءِ ئي سيلف ڊرائيونگ ڪار کي روڊ تي اچڻ جي اجازت ڏني ويئي آھي. ان صورتحال ۾ جڏھن حادثو پيش اچي ته ان جي ذميواري گاڏيءَ جي مالڪ تي ئي عائد ٿئي ٿي.

سوال نمبر 4:

ڇا جنگ جي دوران جيڪي ادارا پائليٽ بنا ڊرون پنھنجن نشانن تي وار ڪرڻ لاءِ ميزائل اڇلائين ٿا ان جو اختيار انسانن وٽ آھي يا مصنوعي ذھانت وٽ؟

ان جو جواب آھي ٻنھي وٽ جڏھن ڪنٽرول روم مان ڪمانڊنگ آفيسر ڊرون کي موڪلي ٿو ته اھو پھريون فيصلو انساني آھي، اڳتي ھلي منزل تي رسڻ تائين ڊرون اندر فٽ ٿيل ڪمپيوٽرائيزڊ چپ اندر ڪافي ساري ڊيٽا الگورٿم ذريعي فيڊ ڪيل هئي جنھنڪري رستي تان گذرڻ کان پھچڻ تائين ان ۾ مصنوعي ذھانت ٻاھر جي صورتحال کي مد نظر رکي ٽارگيٽ کي حاصل ڪرڻ لاءِ اوور رائيڊ ڪرڻ جي صلاحيت پڻ رکي ٿي. افغان وار ۾ جيستائين يو ايس آرمي انخلاءَ ڪونه ڪيو ھو تيستائين آمريڪي ڊرون افغانستان مان پاڪستاني حدون اورانگھي پنھنجن ٽارگيٽ کي نشانو بڻائيندا ھئا، پر اسان کي اھا پڻ خبر آھي ته اهي ڊرون انساني وسندين مٿان ڪري گھرن کي مسمار ڪري گھر واسين کي موت جي ننڊ سمھاري ڇڏيندا ھئا. اھو خود گواھي ڏئي پيو ته ڪجھ حالتن ۾ AI کي ناڪام پڻ قرار ڏنو ويو آھي.

…(پورو ٿيو)…