سرڪار جي غلط پاليسين جي نتيجن سبب سنڌ ۾ خانگي تعليم وارو ڪم ڏينھون ڏينھن، ترقي ڪري وڏي ڪاروبار واري شڪل اختيار ڪندو پيو وڃي، اھو ڪاروبار پوري طرح ھيٺئين طبقي جي ڪروڙين ٻارن جي سرڪار طرفان مفت ۽ لازمي ڪيل تعليم واري سرڪاري نظام جي سڌي طرح تباھي واري قيمت تي ھلي رھيو آھي، اڳ ۾ خانگي پرائمري اسڪول ھئا. بعد ۾ خانگي ڪاليج کليا، ھاڻ خانگي لا ڪاليج، ميڊيڪل ڪاليج ۽ انجنيئرنگ ڪاليج به کلي رھيا آھن، حڪومت انھن خانگي اسڪولن يا ٻين خانگي تعليمي ادارن لاءِ قانون، ضابطا ۽ اصول به طئي ڪيا آھن ۽ اسيمبلي مان بل به پاس ڪرايا آھن، پر انھن قانونن، ضابطن ۽ طئي ڪيل اصولن تي ڪرپشن عام ٿي وڃڻ ڪري مڪمل طور عمل نه ٿي رھيو آھي، ان ڪري خانگي تعليم جو نظام ڪاروبار بڻجي ويو آھي.
1973ع واري لاڳو آئين جي آرٽيڪل 25 (اي) مطابق 5 کان 16 سالن جي عمرين تائين تعليم پاڪستاني ٻارن جو بنيادي ۽ آئيني حق قرار ڏنل آھي، جيڪو رياست جي ذميداري ۾ اچي ٿو ته اھو حق مفت ۾ فراهم ڪري، ان آئيني حق جي بنياد تي گھٽ ۾ گھٽ پھرين درجي کان ميٽرڪ تائين تعليم مفت ڪيل آھي، ان بنياد تي سنڌ ۾ جوڙيل قانون، ”رائيٽ آف چلڊرين، فري اينڊ ڪمپلسري ايجوڪيشن ايڪٽ 2013ع“ ۾ جتي تعليم کي ٻارن لاءِ مفت ڪيو ويو آھي اتي گڏوگڏ لازمي به قرار ڏنو ويو آھي، استادن جي پھريون ڀيرو پڙھائڻ واري ذميواري قانون ۾ طئي ڪئي وئي آھي، اتي ان ساڳئي قانون ۾ خانگي اسڪولن لاءِ ڪارائتا قاعدا پڻ طئي ڪيل آھن. جھڙوڪ: اھو طئي ڪيل آھي ته هر خانگي اسڪول ٽوٽل داخل ٻارن مان 10 سيڪڙو غريب ٻارن لاءِ مفت ڪوٽا رکندو، اسڪولن جي اندر تعليم لاءِ اھڙيون سھولتون مھيا ڪندا جيڪي سرڪاري اسڪولن ۾ ھونديون، خانگي استادن جي ڀرتين جو معيار به سرڪاري اسڪولن جي استادن جي ڀرتين جي معيار جھڙو رکيو ويندو، اھي استاد پي ٽي سي، سي ٽي يا بي ايڊ جون ٽريننگون ڪيل تربيت يافته به ھوندا، انھن استادن کي پگھارون به ليبر پاليسي ۾ طئي ڪيل طريقن مطابق ڏنيون وينديون، سمورن ملازمن جو گھٽ ۾ گھٽ پگھار 24000 رپيه ڪيو ويو آھي، پگھارون بينڪ اڪائونٽ جي ذريعي ڏنيون وينديون، استادن کي بغير ڪنھن ٺوس سبب جي بيروزگار نه ڪيو ويندو، اسڪولن ۾ راند جي ميدان جو به بندوبست ڪيل ھوندا، شاگردن کان فيون سرڪاري پاليسي مطابق وصول ڪيون وينديون، فيون به سرڪار طئي ڪندي، فيون جبري طور تي وصول نه ڪيون وينديون، فيون پاڻ مرادو نه وڌايون وينديون، انھن فين ۾ اضافا سرڪار جي اجازت کان سواءِ نه ڪري سگھبا، شاگردن کان ايڊوانس فيون نه وٺي سگھبيون، فيون نه ڏئي سگھندڙ شاگردن کي اسڪولن ۾ اچڻ ۽ پڙھڻ کان نه روڪيو ويندو، وغيره وغيره.
انھن طئي ڪيل قاعدن ۽ اصولن تي ڪٿي به عمل نه ٿي رھيو آھي. خانگي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ استاد ان معيار جا آھن جيڪو معيار سرڪار ضابطن ۾ طئي ڪري ڏنو آھي؟ ڇا انھن مان ھرھڪ کي گھٽ ۾ گھٽ پگھار بينڪ اڪائوٽ جي ذريعي ڏنو پيو وڃي؟ ڇا خانگي اسڪولن ۾ بايولاجي، فزڪس يا ڪيميسٽري جي لازمي ڪيل تجربن لاءِ مناسب ليبارٽريون آھن؟ ڇا ڪو ھڪڙو اھڙو خانگي اسڪول آھي جيڪو داخلا في کان سواءِ ڪنھن ٻار کي داخلا ڏئي رھيو آھي ۽ سرڪاري ضابطي تحت ٽوٽل ٻارن مان 10 سيڪڙو غريب ٻارن کان ماهوار في نٿو وٺي؟
انھن سوالن جا جواب پوري سنڌ مان مجموعي طور تي ھميشه ناڪاري ملندا رھيا آھي، خانگي تعليم جي شعبي کي ضابطن ۽ قانونن تي عمل ڪرائڻ لاءِ خانگي اسڪول مئنيجمينٽ نالي ھڪ ادارو به جوڙيل آھي، جنھن جو ڊائريڪٽر به جدا آھي، جنھن اداري جو ڪم ئي اھو آھي ته اھو خانگي ادارن کي ان حوالي سان ڏسي ته اھي ضابطن يا قانونن جي ڀڃ ڪڙي ته نه ڪري رھيا آھن؟ جيڪڏهن ڪو ڀڃڪڙي ڪري رھيو آھي ته ان کي روڪي ۽ قانون تي عمل ڪرائي، قانون ۾ اھو به طئي آھي ته جيڪڏهن ڪو خانگي اسڪول ۾ بي ضابطگي ڪندو ته ان جي رجسٽريشن به منسوخ ڪئي ويندي، اھو به ته سمورا خانگي ادارا سرڪاري ادارن جي مجاز علمدارن جي به زيرِ نگراني ڪيل آھن، جيئن ھر ھنڌ رشوت ۽ ڪرپشن جو جھان قائم ٿي ويو آھي ان ڪري خانگي تعليمي ادارن جي نگراني ڪندڙ به ان جو شڪار آهن، جيئن ڊرگ انسپيڪٽر ميڊيڪل اسٽورن جي مالڪن کان ڀتو وٺڻ لاءِ اچن ٿا يا عطائي ڊاڪٽرن کي ماڻھن جي صحت ۽ زندگين سان کيڏڻ جي مشروط اجازت ڏنل آھي، بلڪل ان طرح خانگي تعليمي ادارن جا مالڪ پڻ ڀتو ڏئي پنھنجا عيب لڪائي رھيا آھن، ان ھڪڙي سبب جي ڪري انھن ادارن جي مالڪن کي ڪنھن جو به ڪوبه خوف نٿو رھي ۽ معاشري ۾ بگاڙ واري صورتحال وڌندي پئي وڃي.
صورتحال ھي آھي جو جتي ٻين قانونن جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي اتي خانگي اسڪولن تي لاڳو قانونن ۽ ضابطن جي به مشروط اجازتن سان ڀڃڪڙيون جاري آھي، ھڪ ته سنڌ ۾ گھڻا تڻا خانگي اسڪول يا ڪاليج اصل ۾ انھن استادن جا آھن، جيڪي سرڪاري اسڪولن يا ڪاليجن ۾ استاد به آھن، ڪنھن ڀاءُ ته ڀيڻ، ته ڪنھن پيءّ جي نالي تي ڪوڙ ڳالھائي قانون جي اکين ۾ مٽي وجهي پنهنجو پاڻ ۽ ايمان کي دوکو ڏئي اسڪول جي رجسٽريشن ڪرائي ورتي آھي ۽ خانگي ادارن جي مينيجمينٽ پاڻ سنڀالي ويھي رھيا آھن ، ان ڳالھ جي صداقت کان انڪار نٿو ڪري سگھجي ته سرڪاري اسڪولن جا قابل استاد ئي خانگي اسڪولن کي بھتر انداز ۾ ۽ بھتر معيار تي ان ڪري ھلائي سگھن ٿا جو انھن کي ان ڪم جو بھتر تجربو سرڪاري اسڪولن جي وسيلن مان مليو آھي ۽ استاد ھجڻ واري شھرت به انھن کي اتان ملي آھي، انھن جي مقابلي ۾ ڪو نئون يا ٻئي شعبي جو ماڻھو اھڙو ڪاروبار ڪنھن به صورت ۾ مناسب تجربي کانسواءِ معياري انداز ۾ نه ٿو ڪري سگھي، اھو ئي سبب آھي جو سنڌ ۾ اندازي مطابق 70 سيڪڙو خانگي اسڪولن يا ڪاليجن جا حقيقي مالڪ سرڪاري اسڪولن جا اهي استاد آهن جيڪي نوڪرين ۾ آهن. پنھنجن انھن اسڪولن ۾ پنھنجو سرڪاري ڊيوٽي وارو وقت ۽ تجربو به استعمال ڪري رھيا ھوندا آھن، ان ڳالھ کي ھاڻ ھيئن به بيان ڪري سگھجي ٿو ته خانگي اسڪولن جي گھڻائي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جي تباھي جي وڏي قيمت تي ڪامياب ڪارو بار ڪندڙ آھي، ڪوبه سرڪاري استاد حيواني فطرت جي ڪارفرمائي جي بنياد تي اھو ڪيئن چاھيندو ته سرڪاري اسڪول ۾ تعليم بھتر ٿئي، ھو ته اھا به ڪوشش ڪندو ته سرڪاري وسيلا به پنھنجي خانگي اداري جي ترقي لاءِ استعمال ڪري، اتان جا شاگرد پنھنجي خانگي اسڪول ۾ آڻي، ان طرح جو ڪم سرڪاري ڊاڪٽر به ڪري رھيا آھن ته وڏن شھرن ۾ مجموعي طور تي پوري سنڌ ۾ ھزارن جي تعداد ۾ سرڪاري استاد به ايئن پيا ڪن، جن تي ڪا به جھل پل ناھي، ھتي سڀ کان وڏي ايمانداري اھا پئي سمجھي ۽ ڳڻائي وڃي ته سرڪاري استاد سرڪاري اسڪول ۾ به پنھنجو ڪم ڪري ٿو ۽ پنھنجو پرائيوٽ اسڪول به ھلاءِ پيو، جڏھن ته ان لاءِ قانون ۾ ڪابه گنجائش نه آھي ته ڪوبه سرڪاري ملازم ڪو به ذاتي ڪاروبار ڪري سگھي، ھي ذاتي ڪاروبار سرڪاري اسڪولن جي تعليمي معيار جي تباھي تي جاري آھي، سرڪاري ملازم جو ذاتي ڪاروبار به اھڙي بي ضابطگي آھي جنھن جي ثبوت جي بنياد تي ان جي سرڪاري نوڪري ختم ڪري سگھجي ٿي، پوءِ ڀلي اھو ذاتي ڪارو بار پارٽ ٽائيم ڪاروبار ئي ڇو نه ھجي، اھڙا استاد پنھنجن خانگي اسڪولن جي شاگردن کي امتحاني سينٽرن ۾ ڪاپي ڪرائڻ ۾ به ملوث ڏٺا ويا آھن، پنھنجون ڊيوٽيون امتحانن ۾ پاڻ لڳرائي پنھنجن اسڪولن جي شاگردن کي ڪاپي ڪرائي سٺيون مارڪون ڏياري والدين آڏو سرخرو ٿي رھيا آھن، ان طرح خانگي اسڪول ڪاپي ڪلچر جي ترغيب ڏيندڙ ثابت ٿيا آھن، ان ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناھي ته خانگي ادارا ڪاپي ڪلچر کي به هٿي ڏيڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪندڙ آھن، اڪثر ڊيوٽي چور استاد به خانگي اسڪولن جي ڌنڌي سان لڳل آھن، سرڪاري پگھار مفت ۾ کڻن ٿا خانگي اسڪولن مان اضافي ناڻو ڪمائين ٿا،
خانگي اسڪولن ۾ شاگردن لاءِ گھڻو ڪري اھي سھولتون موجود نه ھونديون آھن جيڪي قانوني ضابطي مطابق ھجڻ کپن، جھڙوڪ راند جا ميدان، پڙھائي لاءِ گھربل سامان، خانگي ھاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ بايولاجي، ڪيميسٽري ۽ فزڪس جي تجربن جون ليبارٽريون ۽ لائبريريون به نه آھن، سوچڻ جي ڳالھ ھي آھي ته جن اسڪولن ۾ بايولاجي، ڪيميسٽري يا فزڪس جي تجربن جي لاءِ ليبارٽريون ئي نه آھن. اھڙن اسڪولن کي رجسٽريشن ڪيئن ٿي ملي؟ ان جي پٺيان جيڪو ذميدار آهي ان کي سزا ڇو نٿي ڏني وڃي. لڳي ائين ٿو ته سرڪاري ادارن ۾ ويٺل ماڻهو پنهنجن هٿن سان پنهنجن ادارن کي تباهه ڪندڙ مافيا جا هٿ مضبوط ڪري رهيا آهن. اسان ڏٺو آھي ته اھڙا خانگي اسڪول يا ڪاليج شاگردن کان بايولاجي، فزڪس ۽ ڪيميسٽري جي تجربن جي مارڪن ۽ تجربي جي جنرلن لاءِ فيون/ رقمون به وصول ڪندا آھن ۽ تجربن جون مارڪون به وڪڻندا آھن، پر تجربا نه ڪرائيندا آھن، جيڪي ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن لاءِ لازمي ھوندا آھن، جنهن جو نقصان ان شاگرد کي ٿيندو آهي جيڪو اڳتي پنهنجي تعليمي مستقبل ۾ مختلف طريقن سان ڀوڳيندو آهي. تجربا نه ڪرڻ ڪري خانگي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ شاگردن جي سائنسي تعليم بھتر نه رھندي آھي، خانگي ادارن ۾ پيسن تي گريڊ ۽ مارڪون ڏيارڻ وارو ڪاروبار به پراڻو آھي ترقي جا ڏاڪا طئي ڪري رھيو آھي، ان جو ثبوت ۽ نتيجو اھي آھن جو خانگي اسڪولن مان اي ون يا اي گريڊ ۾ پاس ٿيل شاگرد يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ اينٽري ٽيسٽن ۾ وڏي انگ ۾ ۽ فيل ٿيندا آھن، خانگي اسڪولن ڪاليجن ۾ ڪنھن ڪلاس ۾ اگر 30 شاگرد ھوندا آھن ته ڪچن امتحانن يا منٿلي ٽيسٽن جي انھن رپورٽن ۾ جيڪي شاگردن جي والدين کي اطلاع لاءِ اماڻيون وينديو آھن ۾ 10 شاگردن کي ڪلاس ۾ پھرين پوزيشن ۾ پاس ڏيکاريل ھوندو آھي، 10 کي ٻئي پوزيشن ۾ ۽ باقي 10 کي ٽين پوزيشن ۾ اھو ان ڪري ڪيو ويندو آھي جو والدين مطمئن رھن ۽ سمجھن ته ھنن جي ٻارن جي تعليم موثر انداز ۾ جاري آھي، اھو به ڏٺو ۽ ٻڌو ويو آھي ته خانگي اسڪولن جي شاگردن جي مائٽن جي فرمائشن تي انھن کي ڏيتي ليتي جي بنياد تي بورڊن جي امتحانن مان اي ون يا اي گريڊ ڏيارڻ جو سلسلو به ھلندڙ آھي، جنهن ۾ نه صرف اسڪول انتظاميه پر والدين به برابر ڏوهاري آهن. خانگي اسڪولن جا استاد سرڪاري اسڪولن جا به استاد ھجن ٿا سي امتحانن ۾ خانگي شاگردن کي امتحاني سينٽرن تي ڪاپي ڪرائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويندا آھن ۽ امتحاني بورڊن مان به انھن کي راھي رسائي کان علاوه ڏيتي ليتي جي بنيادن تي اضافي مارڪون ڏيارڻ جي ڪامياب ڪوشش جاري رھندي آھي، ھيٺين ڪلاسن ۾ به اھڙو عمل جاري رھي ٿو جيڪي شاگرد پڙھڻ ۾ سٺا ھجن ٿا انھن جا نمبر ماري اھڙن شاگردن کي نمبر ڏنا وڃن ٿا جيڪي ان لائق نه ھوندا آھن، جڏھن ڳالھيون کلنديون آھن ته پوءِ والدين اسڪولن ۾ پھچي ويندا آھن، نمبرن تان جھيڙن واري صورتحال سامھون ايندي رھندي آھي ۽ اھي جھيڙا ھاڻ سمورن شھرن ۾ معمول جو عمل بڻجي چڪو آهي ۽ هڪ اهڙو خراب ڪلچر وڌي ويجهي رهيو آهي، جنهن سان ٻارن مان محنت ڪرڻ جو جذبو ختم ٿي سفارش ۽ پئسي تي سٺو نتيجو حاصل ڪرڻ جو رجحان تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، ان جو اثر سڌو سنئون ان ٻار جي مستقبل تي پوندو. ان سان ٻنھي ٻارن جي مزاج تي انتھائي خراب اثر مرتب ٿيڻ فطري معاملو آھي، ھڪڙو ٻار اھو سوچيندو ته ھو پڙھڻ ۾ ڪمزور ھجڻ باوجود نمبر کڻي ويو، ان طرح اھو پڙھڻ طرف گھٽ راغب ٿيندو ۽ ٻيو ٻار وري اھو سوچيندو ته ھو ڪلاس روم ۾ ته سڀني کان وڌيڪ ھوشيار ھو، پر امتحان ۾ کيس گهٽ مارڪون مليون آهن ۽ هو مستقبل ۾ پنهنجي استادن ۽ اسڪول جي نظام کان بدضن ٿي ويندو.
خانگي اسڪولن جو ھي سڀ کان وڏو ڏوهه سامھون آيو آھي ته اھي ٻارن کي عمرين جي حساب سان پلي گروپ، نرسري، ڪي جي ۽ ون ڪلاس ۾ عمرين جي لحاظ کان داخل ڪري پڙھائڻ بجاءِ 6 سالن واري ٻار کي به پلي گروپ ۾ داخل ڪن ٿا ان طرح خانگي وارا ٻارن جا رڳو پھرين درجي ۾ ئي 4 سال برباد ڪريو ڇڏين، ان جو اثر ڇوڪرين جي تعليم تي انتھائي برو پوي ٿو، 6 سالن جي عمر ۾ اسڪول ايندڙ ڇوڪري 10 سالن جي عمر جي ٿي پھريون درجو پاس ڪري ٿي ۽ 14 سالن جي ٿي 5 جون درجو پاس ڪري ٿي، ميٽرڪ ۾ اھا 19 سالن جي ٿي وڃي ٿي، جنھن کان اڳ ان جا مائٽ ان جي شادي جو سوچيو وٺن، ان ڪري پاڻ چئي سگھون ٿا ته خانگي اسڪولن وارا نياڻين جي تعليم کي انھن جي نازڪ عمرين ۾ منجھائي انھن جي تعليم جا رستا بند ڪريو ڇڏين، خانگي اسڪولن ۾ سرڪاري پابندين باوجود داخلا في وٺڻ جو سلسلو جاري آھي، اسڪول ڇڏڻ تي اسڪول ڇڏڻ جي سرٽيفڪيٽ جا به پئسا ورتا وڃن ٿا، ڪو ٻار ڪنھن اڻٽر سبب جي ڪري ڪنھن مھيني ۾ ايڊوانس في نٿو آڻي ته ان ٻار کي اسڪول ۾ ويھڻ ۽ اچڻ به نٿو ڏنو وڃي، ڪتابن، ڊريسن، ڪاپين، پينن، ٿيلھن، پاڻي جي ڪولرن جو ڪاروبار به اڪثر سرڪاري اسڪولن وارا پنھنجي فائدي ۾ پاڻ ڪن ٿا، انھن ڳالھين لاءِ شاگردن کي پابند ڪيو وڃي ٿو ته سموريون شيون مخصوص دڪانن تان وٺن، سمورين شين جي ريٽن مان ئي اندازو ٿي وڃي ٿو ته ان ڌنڌي ۾ ڪنھن جي ڪيتري بچت ھوندي، انھن مڙني ڳالھين مان صاف ظاھر آھي ته خانگي تعليم ھاڻ خدمت نه پر ھڪ نج ڪاروبار آھي، گرمين جي موڪلن کان اڳ پوري سنڌ ۾ خانگي اسڪولن طرفان پيدا ڪيل اِشو ھي آھي ته اسڪول وارن جون ۽ جولاءِ جي موڪلن جون ايڊوانس فيون مئي مھيني ۾ وصول ڪرڻ شروع ڪيون آھن، 2 کان 3 مھينن جون ايڊوانس فيون وصول ڪرڻ لاءِ ھر اسڪول نت نوان طريقا آزمائيندو رھيو آھي، ڪي والدين جا ڏھاڙا رکي ان بھاني سان ايڊوانس فيون وصول ڪري رھيا آھن ته ڪي والدين کي پرچيون لکي فيون گھرندا رھيا آھن ته ڪي استادن ذريعي مھم ھلائي اھو ڪم ڪندا رھيا آھن، ٻارن تي فيون آڻڻ لاءِ سڌا دٻاءُ به وڌا ويا آھن، ڪٿي ڪٿي فيون نه آڻيندڙ ٻارن کي اسڪولن مان ڪڍيو به ويو آھي، اھڙي ھڪڙي ٻار حيدرآباد ۾ ان ڪري خودڪشي ڪئي جو في نه ڏئي سگھڻ تي ان کي اسڪول مان ڪڍيو ويو ھو.
ھن کان اڳ خانگي اسڪولن وارا ھر سال مئي جي آخر ۾ جون ۽ جولاءِ جون ايڊوانس فيون وٺندا رھيا آھن، ڪي اسڪول جون ۾ تيستائين موڪل نه ڪندا آھن جيستائين سمورن ٻارن کان گھربل فيون وصول نه ڪري وٺن، ھي پھريون ڀيرو ٿيو جو مئي مھيني جي في سان گڏ جون ۽ جولاءِ جون فيون به وصول ڪيون پيون وڃن، اھڙين وصولين تي سڀ کان پھرين بدين ۽ پوءِ سنڌ ڪيترن ئي شھرن ۾ پھريون ڀيرو احتجاج به ٿيا، جيڪي ظاھر آھي ته ھاڻ ھر سال پيا دھرائبا. خانگي ڪاليجن وارن مئي مھيني ۾ انٽر پاس ڪري ڪاليجن مان نڪري وڃڻ وارن شاگردن کان به جون ۽ جولاءِ جون فيون وصول ڪيون، سبب اھو ڄاڻايو ويو ته تعليمي سال ھاڻ آگسٽ کان شروع ٿي رھيو آھن، ھنن معاملن تي نه سنڌ سرڪار، نه تعليم کاتي جي اختيارين ۽ نه وري خانگي اسڪول مئنيجمينٽ جي اختيارين ڪو نوٽيس ورتو. عام ڳالھ ٿئي آھي ته خانگي اسڪول مئنيجمينٽ وارا خانگي اسڪولن جي مالڪن کان باقاعده ڀتو وصول ڪن ٿا، ان ڪري ئي سموريون خاموشيون جنم وٺي چڪيون آھن ۽ سمورا بگاڙ پيدا ٿي رھيا آھن ڪابه ڪارروائي عمل ۾ نه پئي اچي.
(1) سرڪاري اسڪولن جي تعليم غير منظم ۽ غير معياري سمجھي وئي آھي يا ھٿ سان اھڙي ڪئي وئي آھي يا جن ماڻھن کي ٻارن جي پڙھائي جو فڪر آھي، اھي پنھنجا ٻار خانگي اسڪولن ۾ پڙھائين ٿا، ھاڻ اھو صحيح ناھي ته خانگي اسڪولن ۾ رڳو اميرن جا ٻار پڙھن ٿا، اسڪولن جي پٽيوالن، چوڪيدارن، استادن کانسواءِ گھٽ پگھار تي ڏکيو ڪم ڪندڙ صفائي واري عملي جي ماڻھن ۽ مزدورن جا ٻار به ھاڻ وڏي تعداد ۾ ھيٺين سطح تي خانگي اسڪولن ۾ آھن، ان جو سبب سرڪاري تعليمي نظام جي تباھي وارو تاثر آھي، ھاڻ غريبن لاءِ خانگي اسڪولن جون ڳريون ۽ ايڊوانس فيون مسئلا ٿي پيون آھن، انھن مسئلن جي ڪري سڄي سنڌ مان شڪايتون به اچي رھيون آھن ۽ خانگي اسڪولن جي انتظاميه خلاف احتجاج به شروع ٿي ويا آھن، جيڪي اڳ ۾ ڪڏھن نه ٿيا ھئا، ھاڻ انھن جي ابتدا ٿي آھي سا ڪڏھن به نه رڪبي.
(2) ھر مزدور، سرڪاري ملازم، ٺيڪيدار، رازو، واڍو، درزي، ڌوٻي، حجام، لوھار توڙي ڪو ٻيو پنھنجي ڪم جو معاوضو ڪم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وصول ڪري ٿو، اھو رڳو خانگي اسڪولن ۾ آھي ته اھي ڪم جو معاضو ڪم کان اڳ ۾ وصول ڪن ٿا، پر پاڻ خود پنھنجن ملازمن کي پگھارون ڪم پورو ڪرڻ کانپوءِ ڏين ٿا، انھن جي بي اعتباري جي انتھا اھا آھي جو ھي موڪلن وارن مھينن جون فيون به ايڊوانس ۾ وٺن پيا، اھو به ٽن ٽن مھينن جون ايڊوانس فيون، جڏھن ته پنھنجن ملازمن کي پگھارون جون جولاءِ بعد آگسٽ ۾ ڪٽوتين سان ڏيندا رھن ٿا.
(3) خانگي اسڪولن جي ادارن طرفان ايڊوانس فين لاءِ اھو جواز قابلِ قبول ناھي ته انھن کي ملازمن کي پگھارون ڏيڻيون ھجن ٿيون، ڪنھن به ملازم کي جڏھن ايڊوانس پگھار نه ٿي ڏجي ته پوءِ شاگردن کان ايڊوانس فين وٺڻ جو ڪھڙو جواز آھي، خانگي ادارن کي ڪم جا لائسنس به ان بنياد تي مليل آھن ته اھي سيڙپڪاري ڪرڻ جا اھل ھوندا آھن، ته پوءِ اھي ايڊوانس فين وٺڻ وقت اھو ڪيئن ٿا جواز ڏين ته ملازمن کي پگھارون ڏيڻيون آھن، ڇا انھن ادارن ۾ ملازمن کي ھڪ ٻن مھينن جون پگھارون ڏيڻ جيتري به سيڙپڪاري جي اھليت ناھي؟ جي سيڙپڪاري جي اھليت نه آھي ته پوءِ انھن اھڙا ڪاروبار ڪيئن کولي رکيا آھن.
(4) ڇا خانگي اسڪولن ۾ پڙھائڻ وارو ڪم ڪندڙ استاد ان اھليت آھن يا اھڙا تربيت يافته آھن جيڪا اھليت ۽ تربيت گھربل يا طئي ڪيل آھي، ان کانپوءِ انھن استادن کي ايترا پگھار قانون مطابق بئنڪ ذريعي ڏجن ٿا جيڪي سرڪار طئي ڪيا آھن؟ خانگي اسڪولن جي مالڪن طرفان ھر سال تعليم جي معيار کي بھتر ڪرڻ لاءِ استادن جون پگھارون وڌائڻ جي آڙ ۾ فيون وڌائڻ جو سلسلو جاري رھي ٿو، ڇا استادن جون پگھارون ايترون وڌن ٿيون جيتريون شاگردن جون فيون وڌايون وڃن ٿيون.
(5) خانگي اسڪولن جي استادن جي اھليت، پڙھائي جي معيار ۽ ٻين معاملن کي رياست جا ادارا وقت بوقت چيڪ ڪرڻ واري ذميواري ڇو پوري نه پيا پوري ڪن؟ خانگي ادارن ۾ سرڪاري استاد ڇو پيا ڪم ڪن، جن اسڪولي عمارتن ۾ راند جا ميدان، سائنسي تجربن جون ليبارٽريون ئي نه آھن، انھن کي لائسنس جاري ڪرڻ ڇا مناسب عمل آھي؟ اسان مان ھر ھڪ کي اھا ڄاڻ آھي ته خانگي اسڪولن ۾ استادن جي مقرري جو سفارش ۽ پنھنجا نوازي کانسواءِ ڪوبه ٻيو معيار طئي نه آھي، مٽرڪ پاس ڇوڪرا ۽ ڇوڪرين بيروزگاري سبب انتھائي مختصر پگھار تي ڪم ڪرڻ تي مجبور ھوندا آھن، خانگي اسڪولن جون انتظاميه انھن جي مجبورين جو فائدو کڻي انھن کي گھٽ پگھارن تي پڙھائڻ لاءِ رکن ٿيون، اھڙن استادن جو 1500 رپين تائين گھٽ پگھارون به ڏٺيون ويون آھن، سرڪاري پاليسي مطابق پڙھائڻ وارو استاد پرائمري ليول تي گھٽ ۾ گھٽ سيڪنڊ ڪلاس ۾ انٽر پاس ھجڻ گھرجي ۽ ان جو پرائمري اسڪول ٽيچر جو ھڪ سال وارو ڪورس به ڪيل ھجي، ان طرح ھاءِ اسڪول ليول تي استاد جي پنھنجي تعليم گھٽ ۾ گھٽ گريجوئيشن تائين ھجي ۽ اھو بيچلر آف ايجوڪيشن جي تربيتي ڊگري رکندڙ ھجي، ان کانپوءِ خانگي ادارن جي استادن جون پگھارون سرڪاري اعلان، پاليسي مطابق گھٽ ۾ گھٽ 24000 ھجڻ گھرجي ۽ اھو پگھار ليبر قانون موجب انھن استادن کي سندن بينڪ اڪائونٽن ذريعي ملڻ گھرجي، ڇا اھڙن مڙني قانوني ضابطن تي خانگي اسڪولن وارا پورا لھي رھيا آھن؟ اگر انھن جي پڙھائي انھن طئي ڪيل معيارن مطابق ناھي ته پوءِ انھن جي پڙھائي جو مجموعي معيار ڪھڙو ھوندو؟ انھن معيارن کي چيڪ ڪرڻ سرڪاري ادارن جو اختيار آھي، جيڪي مٺي وات تي ماٺ آھن، ماڻھن جي اڪثريت کي خبر ناھي ته خانگي اسڪولن تي ڪھڙا ضابطا لاڳو آھن ۽ انھن طرفان ٿيندڙ زيادتين خلاف دانھن ڪنھن کي ڏبي؟ اھو ماڻھن جي گھڻائي کي معلوم ناھي، جنھن جو فائدو به خانگي اسڪول وارن کي ملي رھيو آھي.
(6) پرائيويت پڙھائي ھاڻ نج فائدي وارو ڪاروبار ٿي ويو آھي، ان ڪاروبار لاءِ ھڪڙا مسواڙن لاءِ عمارتون تعمير ڪرائي رھيا آھن ته ٻيا اھو ڪاروبار سرڪاري تعليم جي سڌي تباھي جي قيمت تي پيا ڪن، ان ڪاروبار جي اھڙي شڪل خلاف ڪارروايون ڇو نه ٿيون ڪيون وڃن؟ خانگي اسڪول کولڻ واري تي پھريون شرط ھي ھجڻ کپي ته اسڪولي عمارت ان جي پنھنجي نالي سان رجسٽر ھجي ته جيئن ان عمارت جو مالڪ اھا عمارت ڪنھن مرحلي تي خالي نه ڪرائي سگھي، خانگي اسڪولن جو سڄو اسٽاف سرڪار وٽ رجسٽرڊ ھجي ۽ ليبر قانون مطابق اسٽاف جون پگھارو بئنڪ اڪائونٽ ذريعي ٿين، ڪو به سرڪاري استاد انھن اسڪولن ۾ ڪم لاءِ مقرر نه ھجي، خانگي اسڪولن جي استادن جا انٽرويوز ۽ مقرريون به سرڪاري ادارا ڪن ته اھو اڃان به بھتر ھوندو، ڇو ته ھي ٻارن کي پڙھائڻ جو نازڪ معاملو آھي، ان ۾ سرڪار پوري طرح ذميوار آھي. پر ڇا ڪجي ھتي ته اسڪولن جو انتظام سنڀالڻ وارا ئي سرڪاري آھن ۽ اصل مالڪ به اھي ئي آھن. اھڙن ٺڳن تي ٻارن جي پڙھائي جي معاملن ۾ اعتبار ڪيئن ڪجي؟ اسڪولن ۾ پڙھائي جي معاملن ۾ ڪرپشن خلاف سرڪاري عملداري جو ھي فقدان آخر ڪيستائين جاري رھندو؟
(7) پوري سنڌ يا سنڌ جي وڏن شھرن جي ڪن معياري اسڪولن يا ڪاليجن ۾ خانگي تعليم سرڪار طرفان مقرر ڪيل معيارن تي ڏني وڃي پئي ته اھا سٺي ڳالھ آھي، اسان جي ھن مضمون ۾ اھي سڀئي ھن تنقيد ۽ بيان ڪيل صورتحال کان پاڻ کي آجو سمجھن، اسان جي ھن مضمون ۾ ڪنھن اسڪول يا ڪنھن شھر يا ضلعي جو به ذڪر نه آھي، ان ڪري ھي ڳالھيون جنرل آھن، اگر ڪنھن خانگي اسڪول وارو اھو سمجھي ٿو ته اھي ڳالھيون يا انھن مان ڪا ڳالھ انھن بابت آھي ته اھي پنھنجي اصلاح پاڻ ڪن، اسان کان ڪو سوال ٿيو ته اسين ان سوال جو مناسب جواب ڏينداسين، سنڌ جي سمورن گھڻ گھرن، سماجي ۽ سياسي ڪارڪنن کي پڻ اپيل آھي ته اھي خانگي اسڪولن تي نظر رکن، ڪوشش ڪن ته انھن جي بي ضابطگين کي رپورٽ ڪن ته جيئن ھڪ راءِ عامه جوڙي سگهجي ۽ ٻارن جو مستقبل تاريڪ ٿيڻ کان بچي سگھي.