ڪيڏو نه حسين دور ھو جڏھن عزت، احترام ۽ ڊپ کان نوجوان ڪنھن وڏي جي اوچتو اچي وڃڻ تي پنھنجي ھٿ ۾ موجود دکيل سگريٽ کي پنھنجي قميص يا ڪوٽ جي کيسي ۾ لڪائي ڇڏيندا ھئا. اھو عزت ۽ احترام جو ڊپ ھو. اڄ جي نوجوان کان انھيءَ ڳالھ جي گھٽ توقع آھي. افسوس جو رھنمائي ڪندڙ استادن ۽ سجاڳ والدين جي به ھن دور ۾ اڻاٺ آھي. بس اڄڪلھ والدين اولاد کي خوش ۽ راضي ڪرڻ لاءِ سندن جائز ۽ ناجائز خواھشن کي پورو ڪرڻ ۾ مصروف آھن. اڄ جي نوجوان کي ھر مادي شيءِ ملي ٿي سواءِ صحيح تربيت جي، ايليٽ ڪلاس يا امير گھراڻن جي نوجوانن کي والدين پاڻ اِي- سگريٽ يا ويپ انھيءَ ڊپ کان ته ھو ڪٿي تماڪ وارا يا نشي سان ڀريل سگريٽ نه ڇڪين کين خريد ڪري ڏين ٿا. اسٽيٽس ڪانشس والدين کي اھو به ڊپ آھي ته پنھنجن ھمعصرن کي ويپنگ ڪندي ڏسي ڪٿي سندن اولاد احساس ڪمتري جو شڪار نه ٿئي. ويپنگ ڊوائسز جو بنياد عام تماڪ سان ڀريل سگريٽن جي نوجوانن مان عادت ڇڏائڻ جي ڪري وڌو ويو. ويپنگ ڊوائسز جي ذريعي تماڪ يا ٻين نقصانڪار مادن کي وات مان ڇڪي نڪ مان بخارات ذريعي ڪڍي استعمال ڪيو وڃي ٿو. ويپ يا اِي- سگريٽ جيڪي اليڪٽرانڪ نڪوٽين ڊيلوري سسٽم، ويپ پين، اي ھوڪاز، پوڊ موڊز ۽ ٽينڪز جي نالي سان به مشھور آھن. اھي بيٽري پاورڊ ڊوائسز آھن جنھن ۾ جيڪو پاڻياٺ موجود ھوندو آھي اھو بيٽري سان چارجنگ ذريعي جڏھن گرم ٿيندو آھي ته پوءِ انھيءَ اِي- سگريٽ کي چارجنگ کان الڳ ڪريمسٽ يا انھي پاڻياٺ جي ڦوار کي ڇڪيندا يا ان ھيل ڪندا آھن. ويپنگ يا اي سموڪنگ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ۾ خاص طور تمام تيزي سان مقبول ٿي رھي آھي. انھيءَ مقبوليت پٺيان ڪيترائي سبب آھن جن ۾ ويپ ۾ موجود منفرد فروٽس ۽ ڪينڊيز ۽ ٻين ڪيترن ئي مختلف ذائقن جو ھجڻ، قدرتي تجسس، ٻين کي متاثر ڪرڻ (خاص طور نوجوان ڇوڪرن جو ڇوڪرين کي) دوستن جي زور ڀرڻ ۽ ھمٿائڻ، سگريٽ ڇڪڻ جي بندش ۽ محفوظ طريقي ھجڻ جي ڪري. اي سموڪنگ متعلق عام ماڻھن جي ذھنن ۾ ڪيتريون ئي غلط فھميون آھن جن ۾ وڏي غلط فھمي اھا آھي ته ويپنگ يا اي سموڪنگ عام تماڪ وارن سگريٽ پيئڻ جي مقابلي ۾ گھٽ نقصانڪار آھي، گھٽ مھانگو آھي. جديد تحقيق اي سموڪنگ يا ويپنگ جي صحت سان لاڳاپيل خطرن ۽ نقصانن تي گھڻو ڪم ڪيو آھي، انھن تحقيقن مطابق اِي- سگريٽ عام سگريٽن کان وڌيڪ مھانگا آھن. انھن ۾ موجود نقصانڪار مادہ جھڙوڪ: فارمل ڊي ھاءِ ڊي جي موجودگي ڪينسر جو ڪارڻ ٿئي ٿي. ھڪ ٻيو نقصانڪار مادو ڪرولين جيڪو پڻ ويپ ۾ وجھي ان ھيل ڪرڻ سان ڦڦڙ مڪمل طور تي تباھ ٿين ٿا. ويپنگ تي ٿيل ريسرچ ۾ انھيءَ سان لاڳاپيل نفسياتي بيمارين تي گھٽ ڪم نظر اچي ٿو. ويپنگ سان لاڳاپيل نفسياتي بيمارين تي ٿيل تحقيق مطابق ويپنگ ۽ خودڪشي جي رجحان ۽ ڊپريشن جو پاڻ ۾ ويجھو لاڳاپو آھي. ويپنگ جي عادت ڊپريشن ۽ اينزائٽي کان بچڻ يا قابو پائڻ لاءِ به نوجوانن ۾ ويپنگ جو رجحان وڌيو. ويپنگ يا اِي- سگرٽن جي ڪري ٿيندڙ ڦڦڙن جي زخم جو پھريون ڪيس 2019 ۾ ظاھر ٿيو. سينٽر آف ڊزيز ڪنٽرول اينڊ پروينشن آمريڪا مطابق اِي- سگريٽ جي ڪري ڦڦڙن ۾ زخم ٿيڻ جي ڪري اسپتال داخل ٿيڻ ۽ موت واقع ٿيڻ جا ڪيس ٿيا جن ۾ 85 سيڪڙو ڪيس ارڙھن سالن ۽ انھيءَ کان گھٽ عمر جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا ھئا. صدين کان انسانن ۾ نشو واپرائڻ جا ۽ نشو واپرائڻ جي ڪري نفساتي بيمارين ٿيڻ جا ثبوت مليا آھن. سوال اھو ٿو ذھن ۾ اچي ته نشو واپرائڻ سان نفسياتي بيمارين ٿيڻ جو ڪھڙو تعلق آھي؟ ڪنھن به شيءِ جو استعمال انسان کي جيڪڏھن ھن جي اسٽريس، ڊپريشن، ڳڻتين، پريشانين ۽ ناڪامين واري زندگي کان پري ڪري ۽ ھن کي سڪون ڏئي ٿو ته ھن ڳالھ جو قوي امڪان آھي ته ھو انھيءَ جو عادي ٿي ويندو ٻين لفظن ۾ ھو انھيءَ شيءِ کانسواءِ رھي نه سگھندو. ڇو ته انھن نشا آور شين کي استعمال ڪرڻ سان ھو ڪيتري حد تائين زندگي جي ڏکن، پريشانين، ڳڻتين کي محسوس نه ڪري سگھندا آھن. انگريزي ۾ انھيءَ کي ايڊڪشن چئبو آھي، جيڪا ڊرگ ابيوز جي نتيجي ۾ ٿئي ٿي. سنڌي ۾ ھير، علت يا عادت چئبو آھي. ڊرگ ابيوز معنيٰ نشي جي گھڻي استعمال ڪرڻ سان لاڳاپيل جسماني ۽ نفسياتي علامتون ظاھر ٿيڻ. سگريٽ پيئڻ جي شروعات نوجوانن ۾ شوقيا دوستن جي زور ڀرڻ يا دوستن کي سموڪنگ ڪندي ڏسي ٿيندي آھي. خاص طور سان بلوغت جي شروعات ۾ پنھنجي سيلف اسٽيم معنيٰ پنھنجي عزت ۽ اھميت پاڻ وٽ ۽ ٻين وٽ وڌائڻ لاءِ ڪندا آھن. جڏھن سندن سڀ دوست سموڪنگ يا ويپنگ ڪندا آھن ۽ ھو نه ڪندا آھن ته دوست انهن تي کلندا آھن مذاق ڪندا آھن. تحقيق ذريعي ثابت ٿيو آھي ته نوجوان گھڻو ڪري پيئر پريشر يعني دوستن جي زور ڀرڻ تي اي سموڪنگ يا سگريٽ پيئڻ شروع ڪندا آھن. شوق عادت ۽ عادت ايڊڪشن ۾ تبديل ٿي ويندي آھي. جنھن به شيءِ پوءِ اھا چانھن ئي ڇو نه ھجي ايڊڪشن يا ھير ٿي سگھي ٿي. جڏھن اھا شيءِ نه ملندي آھي ته انسان پنھنجي اندر مختلف جسماني ۽ نفسياتي علامتون محسوس ڪندو آھي جن کي انگريزي ۾ وٿڊرال سمپٽمز چئبو آھي. سموڪنگ ۽ ويپنگ جا وٿڊرال سمپٽمبز ساڳيا آھن. جسماني علامتن ۾ ائين محسوس ٿيندو آھي ڄڻ ٿڌ لڳي ھجي، کنگھ، گلي ۾ ڦڦڙن ۽ ڇاتي ۾ سور وغيرہ. نفسياتي علامتن ۾ اداسائي، گھٻراھٽ، سگريٽ جي ڪمي ۽ گھرج محسوس ڪرڻ، ننڊ نه اچڻ، تمام گھڻي بک لڳڻ، ڪنھن به ڳالھ تي توجهه نه ڏئي سگھڻ وغيرہ شامل آھن. نفسياتي علامتن جو ڪارڻ اھو آھي ته ھنن کي ائين لڳندو آھي ته ويپنگ يا سگريٽ پيئڻ سان ھو پنھنجن مسئلن کي دونھن ۾ اڏائي رھيا آھن. اصل ۾ ھو دونھن ۾ پنھنجي صحت کي اڏائي ڇڏيندا آھن. شوق ۽ ايڊوينچر ۾ ھو پنھنجي زندگي تباهہ ڪري ڇڏيندا آھن. قومن جي مستقبل جي واڳ نوجوانن جي ھٿن ۾ آھي. والدين ۽ استادن جي بھترين رھنمائي ۽ سندن صحيح تربيت کين پراعتماد شخصيت، مثبت سوچ، زندگيءَ سان وابسته ڏکن ڏاکڙن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت ۽ بھترين مستقبل ڏئي سگھي ٿي.
***