معيشت جي بحالي عام چونڊن کان وڌيڪ آهي، سياسي پارٽين کي ان تي غور ڪرڻو پوندو: آصف زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته چونڊن کان ڪڏهن به انڪار نٿا ڪري سگهون، پر پهريان معيشت جي بهتري لاءِ قدم کڻڻا پوندا. معيشت جي بحالي عام چونڊن کان وڌيڪ آهي، سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي ان تي غور ڪرڻو پوندو. آصف علي زرداري چيو ته ملڪ جي معاشي صورتحال تمام گهڻي خراب آهي ۽ هن وقت سمورين پارٽين جي سامهون معيشت جي بحالي سڀني کان وڏو ۽ اهم حدف هجڻ گهرجي. اڳوڻي صدر چيو ته چونڊن کان انڪاري نه آهيون، صرف تاريخ جو مسئلو آهي، هن وقت حالتون صحيح نه آهن. آءِ ايم ايف ۽ ٻين دوست ملڪن کان پئسا ملڻا آهن ان کان پوءِ صورتحال کي بهتر ڪرڻو آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments