خاص

دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين قوم ۽ حڪومت کي گڏيل حڪمت عملي تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي: ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس

ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس  ۾ چيو ويو آهي ته فوجي قيادت عوامي حمايت سان آئيني ذميواريون نڀائڻ جا ارادا رکي ٿي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ 257هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ پاڪستان کي پيش ايندڙ ٻاهرين ۽ اندروني سلامتي جي چيلنجن سميت ملڪي ۽ علائقائي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ان ڳالهه جي به توثيق ڪئي وئي ته عسڪري قيادت کي چيلنجن جي مڪمل طور تي خبر آهي ۽ هو پاڪستان جي عوام جي حمايت سان گڏ پنهنجون آئيني ذميواريون نڀائڻ جو ارادو رکي ٿي.