بلاگ

داستانِ گل (داستان پهريون)

ڪورو ڪاڳر مان اقتباس

هڪ ڏينهن هڪ محترم پروفيسر کي مون چيو ته: ”سائين! مان ڪنهن کان به ڊڪٽيشن ڪو نه وٺندو آهيان“. جڏهن هن صاحب نوٽ بوڪ کولي اسان کي ڪارلائل بابت نوٽس ڊڪٽيٽ پئي ڪرايا. منهنجي انڪار تي چڙي چيائين، ”ڇو تون قائداعظم محمد علي جناح آهين ڇا؟“ مون ادب ۽ احترام مان اُٿي آهسته ان اعلان ڪيو ته ”سائين! جنهن ڪتاب تان اوهان نوٽس ورتا آهن، اُهو ڪتاب 1935ع واري ڇاپي سميت مون کي حيدرآباد جي ڇوٽڪي گهٽيءَ ۾ فٽ پاٿ تان ٻن روپين ۾ مليو هو“ بس پوءِ ته پروفيسر صاحب تي عجيب ”هذياني ڪيفيت“ طاري ٿي وئي ۽ مون کي چيائين ته، ”تون ڪلاس مان ٻاهر نڪري وڃ!“ اهڙن پروفيسرن کي سچ چوڻ جي جرئت مون کي ڄڻ ڄائي ڄم کان مليل هئي ۽ اڃا تائين به وڏن نام نهاد اديبن کي منهن تي سچ چوندو رهندو آهيان ۽ ان ڪري هاڻ ته ادبي ميڙاڪن ۾ وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو اٿم.