سيتا روڊ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ جڏهن ٽئين ڪلاس ۾ داخلا ٿي ته ان دوران دادو هاءِ اسڪول کان استاد احمد شاهه بخاري ٽرانسفر ٿي آيو هو، اهو 1996ع جو زمانو هو. استاد احمد شاهه شاعري جي لحاظ کان “استاد بخاري” جي نالي سان مشهور هو. گهڻو ڪري سندس ڪلام مشاعرن، ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ منعقد ٿيندڙ ناٽڪن ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ ڳايو ويندو هو. ان وقت سندس مشهور ڪلام: “زندگيءَ تي ناهي ڀروسو حُسن کي پوڄي وٺو”، “رستي روڪ نه ڪر او يار”، “مون سان ملندين ته من واهه واهه”، “تون مڃين، مڃين نه مهربان”، “مون ڏي نيڻ نه کڻ” ۽ “دادوءَ ۾ آ جادو” تمام گهڻو ڳايا ويندا هئا. استاد بخاري اسان کي سنڌي سبجيڪٽ پڙهائيندو هو، پر سندس دسترس ميٿس ۽ جيوميٽري جي سبجيڪٽن تي به هئي. 1965ع جي پاڪ و هند جنگ کي هڪ سال گذري چڪو هو، جنهن جي ياد ۾ سيتا روڊ هاءِ اسڪول ۾ 6 سيپٽمبر جي نسبت سان تقريري مقابلو ۽ راڳ رهاڻ جي محفل مچائي وئي هئي. شاگردن، استادن ۽ شهر واسين ان تقريب ۾ ڏاڍي جوش ۽ خروش سان حصو ورتو هو. سيتا روڊ يونين ڪائونسل جو (ان وقت) نوجوان چيئرمين ظفر علي لغاري اسڪول سان دلي تعاون ڪيو ۽ ان تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي هئي. تقريري مقابلي ۾ مون به حصو ورتو هو. منهنجي رهنمائي ڪرڻ ۾ محترم جمال ميراڻي جو هٿ هو. جمال ميراڻي يونين ڪائونسل جو ان وقت سيڪريٽري هو. هو هڪ ڊراما نويس، شاعر، اديب ۽ سماجي ورڪر به هو. يوم دفاع جي ان تقريب ۾ اسڪولي شاگردن کان علاوه ڪجهه استادن ۽ مقامي فنڪارن واهه جو ڳايو هو. استاد بخاري پنهنجي تازي ڪلام سان حاضرين کي محفوظ ڪيو. 1967ع ۾ استاد بخاري دادو ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. ان وقت ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ناٽڪ، ٿيٽر، شعر و ادب جون محفلون عروج تي هيون. گهڻو ڪري شعر و ادب سان ذوق رکندڙ دوست دادو، سيتا روڊ، ڦلجي پاٽ، جوهي، ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه ۾ پنهنجي خرچ تي محفلون مچائيندا هئا جتي استاد بخاري به اچي شامل ٿيندو هو. سيتا روڊ ۾ ملنگ حيدري، نواز رڪڻائي، لونگ خان لائق سيتائي، عبدالله اثر ۽ تر جا ٻيا به مڙئي شاعر شريڪ ٿي پنهنجو ڪلام پيش ڪندا هئا. 1974ع ڌاري سيتا روڊ ريلوي اسٽيشن آڏو وسيع ميدان ۾ آل سنڌ مشاعري جو اهتمام ڪيو ويو هو. مرحوم راضي محمد شاهه ۽ ظفر علي لغاري جي تعاون سان وڏو ميڙاڪو ٿيو هو، جنهن ۾ دادو ڪاليج جو نوجوان شاگرد منظور سخيراڻي، استاد بخاريءَ جي ڪلامن کي ڳائي ڪلا جي کيتر ۾ پنهنجو نالو ۽ شهرت حاصل ڪئي، جتان کيس ريڊيو ۽ ٽي وي تي پروگرام آفر ٿيا ۽ هو سنڌ جي نئين ٽهي جي راڳي طور اڀري آيو. استاد بخاريءَ جو جنم 16 جنوري 1930ع تي دادو ضلعي جي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ ٿيو جيڪو دادو ڪئنال جي ڪڙ سان واقع آهي. ان مشهور ڪينال سان ننڍي سيتا، غلام نبي چانڊيو، ڳوٺ پاٽ ۽ ڳوٺ ڏاوچ به آباد آهن. استاد بخاري جي شاعري کي منظور سخيراڻي کان علاوه قمر سومرو، غلام قادر لنجار ۽ انور وسطڙو به خوب ڳائي داد حاصل ڪيو آهي. 1980ع ڌاري حيدرآباد جي علمي ۽ ادبي حلقن پاران استاد بخاري سان مقامي هوٽل ۾ هڪ شام ملهائي وئي. محفل جي مور ميڊم مهتاب اڪبر راشدي پنهنجي صدارتي تقرير ۾ استاد بخاري کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته: استاد واقعي به “استاد” آهي، جنهن پنهنجي سلوڻي انداز سان شاعري ڪري سنڌ جي ماروئڙن، سانگيئڙن ۽ عام ماڻهن کان وٺي يونيورسٽي جي شاگردن تائين پنهنجو پاڻ موکايو آهي.