بلاگنئون

تنهنجي نوخيز نگاهن کان…

سيتا روڊ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ جڏهن ٽئين ڪلاس ۾ داخلا ٿي ته ان دوران دادو هاءِ اسڪول کان استاد احمد شاهه بخاري ٽرانسفر ٿي آيو هو، اهو 1996ع جو زمانو هو. استاد احمد شاهه شاعري جي لحاظ کان “استاد بخاري” جي نالي سان مشهور هو. گهڻو ڪري سندس ڪلام مشاعرن، ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ منعقد ٿيندڙ ناٽڪن ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ ڳايو ويندو هو. ان وقت سندس مشهور ڪلام: “زندگيءَ تي ناهي ڀروسو حُسن کي پوڄي وٺو”، “رستي روڪ نه ڪر او يار”، “مون سان ملندين ته من واهه واهه”، “تون مڃين، مڃين نه مهربان”، “مون ڏي نيڻ نه کڻ” ۽ “دادوءَ ۾ آ جادو” تمام گهڻو ڳايا ويندا هئا. استاد بخاري اسان کي سنڌي سبجيڪٽ پڙهائيندو هو، پر سندس دسترس ميٿس ۽ جيوميٽري جي سبجيڪٽن تي به هئي. 1965ع جي پاڪ و هند جنگ کي هڪ سال گذري چڪو هو، جنهن جي ياد ۾ سيتا روڊ هاءِ اسڪول ۾ 6 سيپٽمبر جي نسبت سان تقريري مقابلو ۽ راڳ رهاڻ جي محفل مچائي وئي هئي. شاگردن، استادن ۽ شهر واسين ان تقريب ۾ ڏاڍي جوش ۽ خروش سان حصو ورتو هو. سيتا روڊ يونين ڪائونسل جو (ان وقت) نوجوان چيئرمين ظفر علي لغاري اسڪول سان دلي تعاون ڪيو ۽ ان تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي هئي. تقريري مقابلي ۾ مون به حصو ورتو هو. منهنجي رهنمائي ڪرڻ ۾ محترم جمال ميراڻي جو هٿ هو. جمال ميراڻي يونين ڪائونسل جو ان وقت سيڪريٽري هو. هو هڪ ڊراما نويس، شاعر، اديب ۽ سماجي ورڪر به هو. يوم دفاع جي ان تقريب ۾ اسڪولي شاگردن کان علاوه ڪجهه استادن ۽ مقامي فنڪارن واهه جو ڳايو هو. استاد بخاري پنهنجي تازي ڪلام سان حاضرين کي محفوظ ڪيو. 1967ع ۾ استاد بخاري دادو ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. ان وقت ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ناٽڪ، ٿيٽر، شعر و ادب جون محفلون عروج تي هيون. گهڻو ڪري شعر و ادب سان ذوق رکندڙ دوست دادو، سيتا روڊ، ڦلجي پاٽ، جوهي، ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه ۾ پنهنجي خرچ تي محفلون مچائيندا هئا جتي استاد بخاري به اچي شامل ٿيندو هو. سيتا روڊ ۾ ملنگ حيدري، نواز رڪڻائي، لونگ خان لائق سيتائي، عبدالله اثر ۽ تر جا ٻيا به مڙئي شاعر شريڪ ٿي پنهنجو ڪلام پيش ڪندا هئا. 1974ع ڌاري سيتا روڊ ريلوي اسٽيشن آڏو وسيع ميدان ۾ آل سنڌ مشاعري جو اهتمام ڪيو ويو هو. مرحوم راضي محمد شاهه ۽ ظفر علي لغاري جي تعاون سان وڏو ميڙاڪو ٿيو هو، جنهن ۾ دادو ڪاليج جو نوجوان شاگرد منظور سخيراڻي، استاد بخاريءَ جي ڪلامن کي ڳائي ڪلا جي کيتر ۾ پنهنجو نالو ۽ شهرت حاصل ڪئي، جتان کيس ريڊيو ۽ ٽي وي تي پروگرام آفر ٿيا ۽ هو سنڌ جي نئين ٽهي جي راڳي طور اڀري آيو. استاد بخاريءَ جو جنم 16 جنوري 1930ع تي دادو ضلعي جي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ ٿيو جيڪو دادو ڪئنال جي ڪڙ سان واقع آهي. ان مشهور ڪينال سان ننڍي سيتا، غلام نبي چانڊيو، ڳوٺ پاٽ ۽ ڳوٺ ڏاوچ به آباد آهن. استاد بخاري جي شاعري کي منظور سخيراڻي کان علاوه قمر سومرو، غلام قادر لنجار ۽ انور وسطڙو به خوب ڳائي داد حاصل ڪيو آهي. 1980ع ڌاري حيدرآباد جي علمي ۽ ادبي حلقن پاران استاد بخاري سان مقامي هوٽل ۾ هڪ شام ملهائي وئي. محفل جي مور ميڊم مهتاب اڪبر راشدي پنهنجي صدارتي تقرير ۾ استاد بخاري کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته: استاد واقعي به “استاد” آهي، جنهن پنهنجي سلوڻي انداز سان شاعري ڪري سنڌ جي ماروئڙن، سانگيئڙن ۽ عام ماڻهن کان وٺي يونيورسٽي جي شاگردن تائين پنهنجو پاڻ موکايو آهي.
استاد بخاري سان منهنجي آخري ملاقات مارچ 1990ع ۾ دادو ۾ سندس گهر واقع غريب آباد محلي ۾ ٿي هئي، جتي سندس ننڍو پٽ سردار شاهه به موجود هو جيڪو مڪينيڪل ڊپارٽمينٽ مهراڻ يونيورسٽي ۾ منهنجو شاگرد هو. استاد بخاري جي ننڍڙي مهمان خاني ۾ ڪجهه ٻيا دوست به ملڻ لاءِ آيا هئا ۽ اهو روز جو معمول هو. چانهه پاڻيءَ جي تواضح سان گڏ پڪوڙا، بسڪيٽ ۽ مٺائي جو بندوبست ٿيل هو. جنهن بابت پنهنجي آيل دوستن ۽ مهمانن کي استاد بخاري سرهائي سان ٻڌائيندي چيو ته: هي چانهه سان گڏ وغيره وغيره ڏسو پيا سو منهنجي پٽ سردار شاهه پنهنجي استاد محترم صديقي صاحب لاءِ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اوهان دوست ۽ آئون به مستفيض ٿي رهيا آهيون. استاد بخاري مون ڏانهن اشارو ڪندي پنهنجن دوستن ۽ مهمانن کي ٻڌايو ته صديقي صاحب اسڪول جي زماني ۾ سيتا روڊ هاءِ اسڪول ۾ منهنجو شاگرد رهيو آهي ۽ حيدرآباد کان خاص مون سان ملڻ آيو آهي. استاد ڪچهري ۾ مون کان حيدرآباد جو حال احوال به ورتو. ڇو ته ان وٽ 1990ع دوران حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ فرقيواريت فسادن هجڻ ڪري لڳاتار ڪرفيو لڳي رهيا هئا، ان جو نتيجو به ڏٺوسين ته تعليمي ادارا صنعتون، وڻج واپار ۽ روز مره جي ڪاروهنوار جو ستياناس ٿي چڪو هو. خاص طرح اسان جا اسڪول ۽ ڪاليج شاگردن جي غيرحاضريءَ سبب پنهنجو اثر وڃائي ويٺا هئا ۽ پوءِ اڳتي هلي خانگي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ داخلا وٺڻ جو لاڙو وڌيو جنهن جو سحر اڃان تائين قائم آهي ۽ نتيجي ۾ اسڪولن ۾ مادري ٻولي پڙهائڻ ختم ٿي چڪي آهي. احوال اوريندي “استاد” چيو ته: مون کي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ڏاڍو فڪر وڪوڙي ويو آهي. لڳي ٿو ته اسان جو لوڪ ادب ناول، شعر ۽ ادب جا ڪتاب المارين ۾ پوريل هوندا. “قوم ٿي زنده رهي، پر جي زبان زنده رهي.” شال ائين نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته “هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي” استاد ڏک ۽ نراسائيءَ ۾ اهو به چيو ته: منهنجي ڳالهين مان اوهان کي ايئن لڳي رهيو هوندو ته آئون پوڙهو هجڻ ۽ موذي بيماري ۾ هئڻ ڪري مايوسيءَ جو شڪار آهيان، پر ائين هرگز نه آهي. ڪچهريءَ ۾ ڳالهين جو رخ خوشگوار احساسن ڏانهن موڙيندي مون استاد کي چيو ته سائين اوهان جو تازو ڪلام “تنهنجي نوخيز نگاهن کان بچيو ڪو ڪونهي” نوجوان راڳي حميد راڄپر جي آواز ۾ مهراڻ يونيورسٽي ٽيچرز ايسوسئيشن جي سالياني فنڪشن ۾ ٻڌوسين جنهن کي سڄي پنڊال مان حد کان وڌيڪ داد مليو ۽ واهه واهه ٿي وئي. اوهان جيڪر اهو ڪلام مون کي لکي ڏيو ته پاڻ وٽ يادگار ڪري رکان. استاد چيو ته: جيڪر ٿي سگهي ته اهو ڪلام مون کي ترنم ۾ جهونگاري ٻڌائي. مون پنهنجي حال آهر ڪلام کي سُر سان سڀني آڏو جهونگاريو ته ڪچهريءَ ۾ رنگ رچي ويو. پاڻ مون کي اهو ڪلام پني تي لکي ڏنائين ۽ ٻيو ڪلام حيدرآباد ريڊيو جي ان وقت پروڊيوسر ڪوثر ٻرڙي کي ڏيڻ لاءِ پارت ڪيائين ته جيئن هو ميوزڪ سيڪشن جي انچارج طور ان کي ڪنهن فنڪار کان ڳارائي سگهي. هڪ ڏهاڙي 9 آڪٽوبر 1992ع تي صبح جو ڊيوٽي تي وڃڻ لاءِ يونيورسٽي لاءِ تيار ٿي رهيو هئس ۽ معمول موجب حيدرآباد ريڊيو به آن هو ته: پروڊيوسر ڪوثر ٻرڙو جي پروگرام صبح مهراڻ ۾ بغير ڪنهن انائونسمينٽ جي ممتاز لاشاري جي آواز ۾ استاد بخاريءَ جو گيت “مرڪڻ کي اقرار نه چئبو” نشر ٿيو ۽ جيئن ئي گيت ختم ٿيو ته ان وقت پروگرام جي نوجوان انائونسر نغمه ملاح ڏکوئيندڙ آواز ۾ ٻڌايو ته سنڌ جو سدا بهار مهان شاعر “استاد بخاري” اڄ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو آهي. منهنجو يونيورسٽي پوائنٽ جي اچڻ جو ٽائيم ٿي رهيو هو ۽ آئون غمگين حالت ۾ ٿڪل قدمن سان شريف اسڪوائر جي روڊ کان مين روڊ تي پهچي چڪو هئس، جتي يونيورسٽي پوائنٽ به اچي وئي هئي.
***