پي ٽي آءِ جي سياسي بصيرت جي حد ٿي وئي
پاڪستان جو عوام هن وقت ڪجهه مونجهاري ۽ ڪجهه خوشيءَ جي احساس ۾ گڏوگڏ هلي رهيو آهي. خوش ان لاءِ آهي ته جمهوريت لاڳيتا ٻيا پنج سال پورا ڪري ورتا، پارليامينٽ سرخرو ٿي آهي ۽ عبوري وزيراعظم جي طور تي رٽائرڊ چيف جسٽس ناصر الملڪ کي چونڊيو ويو آهي، پر ڳڻتيءَ ۾ ان ڪري به آهي ته صوبائي حڪومتون ڏاڍيون غير سنجيده نظر اچي رهيون آهن. جنهن ۾ بلوچستان جي صوبائي اسيمبلي ته قرار داد پيش ڪري ڇڏي ته اليڪشن کي ملتوي ڪيو وڃي جيڪا هڪ غير سنجيده گهر نظر اچي رهي آهي. ان کان علاوه خيبر پختونخواهه جي عبوري وزيرِاعليٰ لاءِ منظور آفريديءَ جو نالو آپوزيشن ۽ حڪومت طرفان طئي ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ يڪدم ان ڏنل نالي کي پي ٽي آءِ طرفان واپس ورتو ويو. اهڙي اٻهرائيءَ ۾ ڪنهن شخص جي چونڊ ڪرڻ ۽ وري پنهنجي ڪيل فيصلي تان هٿ کڻي وڃڻ پي ٽي آءِ جي سياسي بصيرت جي قلعي کولي ڇڏي آهي. سون تي سهاڳو ته پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي آپوزيشن ليڊر محمود رشيد شهباز شريف سان گڏجاڻي ڪئي ۽ ناصر حسين کوسا جو نالو رضامنديءَ سان طئي ڪيو ويو، پر ٻئي ڏينهن تي ئي پنهنجي عادت مطابق پي ٽي آءِ يوٽرن ورتو. جنهن تي پي ٽي آءِ جي فواد حسن چوڌري ميڊيا تي ڳالهائيندي چيو ته اسان پنهنجي سوشل ميڊيا تي ويٺل ڪارڪنن جي چوڻ تي اهو نالو واپس ورتو آهي، جنهن سان پي ٽي آءِ جي سياسي بصيرت تي هڪ سوال اٿي رهيو آهي ته ڇا سندن ڪيل سياسي فيصلا ايترا سطحي ۽ ٻاراڻا آهن جن کي سوشل ميڊيا تي ويٺل سندن فالور اثر انداز ٿي تبديل ڪرائي سگهن ٿا. ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جا ڪيل سياسي فيصلا ان جي مستقبل جو تعين به ڪندا آهن. هن وقت پ پ ۽ نون ليگ جي خراب ڪارڪردگيءَ جي ڪري عوام هڪ اميد کڻي پي ٽي آءِ ڏانهن ڏسي رهي هئي، پر وقت اچڻ کان اڳ ۾ ئي اڀرندڙ پارٽي عوام ۾ پنهنجو سياسي اعتماد ڊانواڊول ڪري ڇڏيو آهي. نه رڳو ايترو ته سندن ڪيل فيصلا غير سنجيده ثابت ٿي رهيا آهن، پر سندن ڪارڪنن جو رويو به عوام ڏسي رهي آهي ته هو مختلف وقتن تي ڪيئن آپي کان ٻاهر نڪري ٿا وڃن. جڏهن ته اڃان وٽن ڪابه گهڻي طاقت ڪانهي، پر جيڪڏهن هو حڪومت ۾ اچي ويٺا ته ڇا سندن اهڙو رويو عوام کان برداشت ٿيندو. شايد ڪرپشن جو اثر ايترو معاشري کي متاثر نه ڪندو جيترو پي، ٽي ، آءِ جي ڪارڪنن جو غير اخلاقي رويو معاشري کي ڀڄ ڊاه جو شڪار ڪري ڇڏيندو. ائين چئي سگهجي ٿو ته پي ٽي آءِ اهڙن سياسي ماڻهن جي هڪ پارٽي آهي جيڪي جذبات جي وهڪري ۾ وهي حڪومت ڪرڻ چاهين ٿا. مٿن سوشل ميڊيا تي ويٺل ورڪرن طرفان دٻاءُ کين غير يقيني صورتحال جو شڪار ڪري ٿو ڇڏي. اهڙي پارٽيءَ کي ووٽ ڏيڻ کان پهرين سنڌين کي ته سوين ڀيرا سوچڻو پوندو ائين نه ته سڀاڻي ڪراچيءَ جا ڪارڪن مٿين ڪو دٻاءُ وجهي سنڌين جي خلاف ڪوبه فيصلو ڪرائي وٺن.
زاهده ابڙو