خاصنئون

سپريم ڪورٽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اعليٰ عملدارن کي هٽائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو

خميس جي ڏينهن سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي تي تنقيد ڪندي سپريم ڪورٽ چيو ته ڪراچي ۾ غير قانوني تعميراتن جو وڌندڙ سلسلو ڳڻتي جوڳو آهي ۽ وزيراعليٰ کي حڪم ڏنو ته هو بنا ڪنهن دير جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ايڪٽنگ ڊائريڪٽر ۽ اعليٰ آفيسرن کي هٽائي ڇڏي. ٽي رڪني بينچ جنهن جي سربراهي جسٽس گلزار ڪري رهيو هو، هن چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي تعميرات جي قانونن تي ڪمپرومائيز ڪري ڪراچي جهڙي ميٽرو پوليٽن سٽي کي تمام وڏو ڌڪ رسايو آهي. بينچ ڪراچي ميئر کي حڪم جاري ڪيو ته ڪڊني هل پارڪ (احمد علي پارڪ) جي زمين تان وڌيڪ قبضا جلد ختم ڪرائي