ايڊيٽوريلنئون

زراعت ۽ آبپاشي ۾ ڪوآپريٽو سوسائٽيون ٺاهڻ جي تجويز

            سنڌ جي صوبائي حڪومت سنڌ ۾ زراعت، لائيو اسٽاڪ، فشريز ۽ آبپاشي شعبن ۾ ڪوآپريٽو سوسائٽيون ٺاهڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي. صوبي جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪوآپريٽو سوسائٽيز ايڪٽ ۾ سڌارن جي حوالي تي غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري چيو ته سنڌ حڪومت زراعت، لائيو اسٽاڪ ۽ آبپاشي جهڙن اهم شعبن ۾ ڪو آپريٽو سوسائٽيون قائم ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي ته جيئن انهن شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن کي پيش ايندڙ مسئلن جو حل ڳولهي سگهجي ۽ سندن پيداوار ۽ مالي حالتن جي پائيداري کي اڃا به بهتر بڻائي سگهجي. زراعت، لائيو اسٽاڪ، فشريز ۽ آبپاشي جا شعبا سنڌ جي اقتصادي ترقي ۽ مالياتي آمدني جو ذريعو آهن. سنڌ جو سماج ۽ انهيءَ جي زندگي بنيادي طرح زراعت ۽ چوپائي مال ۽ فشريز سان لاڳاپو رکي ٿي ۽ ٽنهي جو بنياد آبپاشي تي آهي، جنهن لاءِ اسان کي اڃا به وڌيڪ سڌريل آبپاشي نظام گهرجي ته جيئن غير آباد زمينون آباد ٿي سگهن ۽ فصلن کي وقت تي پاڻي ملي ته ان جي نتيجي ۾ زراعت ۾ پيداوار بهتري ڏانهن وڃي سگهي ٿي.

            اسان وٽ ڇاڪاڻ جو زمين ۾ مٺي پاڻي جا ذخيرا گهٽ آهن. انهيءَ ڪري اسين زراعت، مال ۽ فشريز لاءِ سنڌو درياهه جي پاڻي تي انحصار ڪريون ٿا. اسان وٽ انگريزن جي دور کان وٺي آبپاشيءَ جو هڪ جديد نظام موجود آهي. اسان وٽ انهيءَ سلسلي ۾ ٽي بئراج اڏيل آهن. سکر بئراج، گڊو بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج ۽ انهن واهن تي لکين ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. جنهنڪري سنڌ معاشي ۽ مالي طرح هڪ شاهوڪار صوبو آهي. جيڪڏهن سنڌ سرڪار آبپاشي جي سلسلي ۾ ڪوآپريٽو سوسائٽي ٺاهي ٿي ته انهيءَ عمل مان اسين اميد ٿا ڪريون ته بهتر نتيجا نڪرندا جيئن ته آباد زمينن کي وقت سر گهربل پاڻي ملي سگهندو ۽ غيرآباد زمينون آباد ٿي سگهنديون. زراعت ۾ ڪوآپريٽو سوسائٽي جي ضرورت انهيءَ ڪري به آهي ته اسان جي زندگي جو سڌو سنئون واسطو زراعت سان آهي. صديون اڳ به ائين هو. هاڻي به ائين آهي، پر موجوده زراعت ڇاڪاڻ جو ترقي يافته آهي. زراعت لاءِ ٺهندڙ سوسائٽي اميد آهي ته زرعي شعبي لاءِ وڌيڪ سهولتون کڻي ايندي، جيئن زراعت ۾ مشينن جو استعمال ۽ بهتر ٻج ۽ ڀاڻ جي پهچ يقيني بڻجندي ۽ مجوزه سوسائٽي ۾ آبادگار ۽ سنڌ حڪومت جيڪڏهن گڏجي ڪم ڪندا ته بهتر نتيجا ملي سگهن ٿا. لاڳيتو فصل پوکڻ جي ڪري زمين جي زرخيزي گهٽ ٿي ويندي آهي.

            چوپائي مال لاءِ به سوسائٽي تجويز ڪئي وئي آهي. سنڌ قديم زماني کان وٺي چوپائي مال جي پالنا جي ڪري مشهور آهي. چوپايو مال جي ڪري صوبي جي عوام کي گوشت ۽ کير جي سهولت حاصل آهي. چوپائي مال جي سوسائٽي کي اها تجويز ڏجي ٿي ته اها مالوندن سان گڏجي چوپائي مال جي جديد پالنا ڪري جيئن صوبي جي ماڻهن جي غذائي ضرورت به پوري ٿئي ۽ گوشت، کير ۽ چمڙو ٻين ملڪن کي اماڻي بين الاقوامي ناڻو ڪمائي سگهجي. فشريز جي سلسلي ۾ به سوسائٽي انهيءَ ڪري ضروري آهي جو سنڌ کي مٺي پاڻي جو درياءَ به آهي ۽ سمنڊ به آهي. بدين، ٺٽي ضلعي کان وٺي ڪراچي تائين سمنڊ ڦهليل آهي ۽ مڇيءَ جي تمام گهڻي پيداوار ٿئي ٿي ۽ سنڌ جو جڳ مشهور پلو به ملڪان ملڪ مشهور آهي. تجويز ٿيل فشريز سوسائٽي جيڪڏهن پلي جي پالنا تي ڌيان ڏئي ۽ مٺي پاڻي جي ڍنڍن ۾ مڇيءَ جي پيداوار ۾ اضافو ٿئي ۽ سامونڊي مڇيءَ جي سارسنڀال لڌي وڃي ته فشريز جي شعبي ۾ مهاڻا سنڌ جي صوبائي اختيارين سان گڏ ڪم ڪري کاڌ خوراڪ جي انهيءَ شعبي کي ترقي وٺرائي سگهن ٿا. جيڪڏهن انهيءَ جي سارسنڀال ورتي وڃي ته اسان جو درياءَ ۽ سمنڊ اسان جي معيشت کي شاهوڪار بڻائي سگهي ٿو. سنڌ جي چيف سيڪريٽري آبپاشي، زراعت، چوپائي مال جي کاتن جي سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پنهنجن شعبن ۾ ڪو آپريٽو سوسائٽيز جي قيام لاءِ تفصيلي تجويزون تيار ڪن. انهيءَ ۾ زرعي مشينري، سامان، ٻج ۽ مال پالڻ لاءِ وسيلن جي فراهمي ۽ مالي مدد ڪري زراعت، آبپاشي، چوپايو مال ۽ فشريز جي کاتن ۾ بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. سنڌ سرڪار جيڪڏهن انهن شعبن ۾ سوسائٽيز قائم ڪري ٿي ته اسين اهڙي عمل جي آجيان ڪريون ٿا.