پشاور سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا
پشاور سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.5 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جو مرڪز بنون کان 20 ڪلو ميٽر اتر طرف هو. جڏهن ته زلزلي جي گهرائي 12 ڪلو ميٽر هئي. خبرن مطابق خيبرپختونخواهه جي هيٺين علائقن ميران شاهه، بنون، ڪوهاٽ، ڊيره سوابي، پاره چنار، مردان، سوات، چترال، مانسهرا، واهه، سرگوڌا ۽ ڀڪڙ ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.