واٽر ڪميشن ، ڊي ايڇ اي جي نيڪالي واري پاڻي کي سمنڊ ۾ ڇڏڻ تي ناراض
سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل واٽر ڪميشن اڱاري جي ڏينهن ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي سان ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي جو نيڪالي وارو پاڻي بغير ٽريمٽمينٽ جي سمنڊ ۾ اڇلايو پيو وڃي. جنهن تي هن ڊفينس هائونسنگ اٿارٽي جي آپريشنل پلان جي جا تفصيل گهري ورتا آهن. جڏهن ته DHA جو هڪ ايڊيشنل ڊائريڪٽر آف انجينيئرنگ ۽ هڪ ايڊوائيزر ڪميشن آڏو پيش ٿيا.