احسن اقبال حملي جي تحقيقات لاءِ جي آءِ ٽي قائم
وزير داخلا احسن اقبال مٿان قاتلاڻي حملي جي تحقيقات لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي. پنجاب حڪومت پاران ٽي رڪني جي آءِ ٽي جو سربراهه ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن وقاص نذير هوندو. جڏهن ته جي آءِ ٽي ۾ آءِ ايس آءِ جا نمائندا به شامل آهن. جي آءِ ٽي واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري شاهديون گڏ ڪندي. جڏهن ته ملزم کان تفتيش سميت عيني شاهدن جا بيان پڻ رڪارڊ ڪيا ويندا. جنهن بعد رپورٽ پيش ڪئي ويندي. ٻئي طرف احسن اقبال تي حملو ڪندڙ شخص کي گوجرانوالا جيل حوالي ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. پوليس پاران ملزم جو 14 ڏينهن جو رمانڊ گهريو ويو آهي. جڏهن ته عدالت پاران 10 ڏينهن جو رمانڊ ڏنو ويو. واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ نارو وال ۾ جلسي مان واپسي تي احسن اقبال تي حملو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ هن کي ٺونٺ ۾ گولي لڳي جيڪا ٺونٺ کان ۾ داخل ٿي وئي.

