نئون

موبائل ڪارڊ تي ورتو ويندڙ ٽيڪس غير قانوني آهي: سپريم ڪورٽ

سپريم ڪورٽ جي جسٽس اعجازالاحسن پنهنجي رمارڪس ۾ چيو آهي ته موبائل ڪارڊ تي ورتو ويندڙ ٽيڪس غير قانوني آهي. سپريم ڪورٽ ۾ موبائل ڪارڊ تي ٽيڪس واري ڪيس جي پاڻ مرادو نوٽيس تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار سوال ڪيو ته موبائل فون ڪارڊ تي وٿ هولڊنگ ٽيڪس ڪيئن پيو ورتو وڃي؟ جنهن تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته فون ڪارڊ ۽ ايزي لوڊ تي 12.7 سيڪڙو وٿ هولڊنگ ڊيوٽي ۽ 195 سيڪڙو سيل ٽيڪس ڪٽيو ويندو آهي. جڏهن ته 100 رپين جي ڪارڊ تي 10 سيڪڙو به وصول ڪيو ويندو آهي. جسٽس اعجاز الاحسن پڇيو ته سروس چارجز ڇو ٿا ورتا وڃن، جنهن جي جواب ۾ اٽارني جنرل چيو ته ان جو جواب ته صرف موبائل ڪمپنيون ئي ڏيئي سگهن ٿيون. چيف جسٽس پڇيو ته وٿ هولڊنگ ٽيڪس جي وضاحت ڪريو جنهن جي جواب ۾ اٽارني جنرل چيو ته حڪومت ۽ سفارتڪارن کان وٿ هولڊنگ ٽيڪس ناهي ورتو ويندو. ان کانپوءِ چيف جسٽس پڇيو ته موبائل ڪارڊ تي سيلز ٽيڪس ڇو پيو وصول ڪيو وڃي، جنهن جي جواب ۾ ايف بي آءِ جي آفيسر جواب ڏنو ته سيلز ٽيڪس صوبا وصول ڪري رهيا آهن. چيف جسٽس پڇيو ته صوبا ڪهڙي قانون تحت سيلز ٽيڪس وصول ڪري رهيا آهن، ڇا ڊبل ٽيڪس لڳائڻ استحصال ناهي، جيڪو شخص ٽيڪس نٿو ادا ڪري سگهي ان کان وٿ هولڊنگ ڪيئن پيو ورتو وڃي. 10 رپين تي 42 سيڪڙو ٽيڪس وٺڻ صحيح نه آهي. ان کانپوءِ جسٽس اعجازالاحسن چيو ته هي ناجائز طريقي سان ٽيڪس ورتو پيو وڃي جڏهن ته سروس چارجز به هڪ قسم جو ٽيڪس آهي. جنهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ سيلز ٽيڪس تي صوبن کان ۽ سروس چارجز تي موبائل فون ڪمپنين کان جواب طلب ڪري ورتو. جڏهن ته ٽيڪس لڳائڻ تي ايف بي آر کان به جواب گهري ورتو، جنهن کانپوءِ موبائل ڪارڊ ڪيس جي سماعت ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪئي وئي.