سوين ڊرونز اڏائي خوبصورت منظر ڪشي ڪئي وئي، عالمي رڪارڊ قائم
چين جي ڪمپني پاران مختلف رنگن وارا 1374 ڊرون هوا ۾ اڏائي خوبصورت منظر پکيڙي عالمي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو. ان کان پهرين اهو رڪارڊ هڪ آمريڪي ڪمپني وٽ هو. خبرن موجب چين جي علائقي “زيان” جي چيني ڪمپني EHANG پاران مختلف رنگن جي روشنين جا 1374 ڊرون هوا ۾ اڏايا ويا، ڊرونز هوا ۾ اهڙا ته منظر پيش ڪيا جو اتي موجود ماڻهو ڏاڍا خوش ٿيا ، فايرورڪس جي شڪل ۾ نظر ايندڙ اهي ڊرون 13 منٽن تائين پرواز ڪندا رهيا جنهن بعد هوا ۾ 3-ڊي فارميشن ذريعي ٻڌ جو مجسمو ۽ ون بيلٽ ون روڊ منصوبي جون شڪلون به ٺاهيون ويون. چين جي ڪمپني جو چوڻ آهي ته اهي هنن ڊرونن کي آئندا شادي جي تقريبن ۾ به استعمال ڪندي. واضح رهي ته يانگ نالي اها چين جي ڪمپني ان کان پهرين 500 ۽ پوءِ 1000 روشنين وارن ڊرونز کي به گڏ اڏائڻ جو مظاهرو ڪري چڪي آهي. هن وقت به چين کان وڌيڪ ڊرونز اڏائڻ جو مظاهرو هن کان پهرين آمريڪي ڪمپني Intel ڪري چڪي آهي، جنهن اولمپڪس 2015 جي تقريب ۾ 1200 ڊرونز اڏائي عالمي رڪارڊ قائم ڪيو هو.