9 جنوري 2023 تي جنيوا ۾ ٿيل ڊونرز ڪانفرنس پاڪستان جي دوست ملڪن کي ان ڳالھ جي درخواست ڏني هئي ته اهي پاڪستان جهڙي غريب ملڪ کي موسمياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ خاطر خواهه مدد ڪن ته جيئن پاڪستان جهڙن غريب ملڪن ۾ جيڪي موسمي ڏمرن جي ڪري معيشتون، زراعتون ۽ صنعتون تباھ ٿين ٿيون، انهن جي ٻيهر بحالي ممڪن ٿي سگهي، ان ڪري ته نظامن جي خرابي ۽ ڀُتي هجڻ جي ڪري ماڻهن جي زندگي آزار ۾ آهي. ڇو ته بارشون رڳو وسن نٿيون، پر تباهي مچائي پوءِ پاڻي وهائي ٿيون وڃن. ان ڪري ته ماڻهن جي مال متاع، گهر گهاٽ ۽ ٻارٻچا لڙهي وڃڻ جي ڪري رياست ۾ اهڙي سگهه نٿي هجي ته هو عام ماڻهن جي چڱائي يا انهن جي زندگي جي بحالي ڪري سگهن. گذريل نومبر ۾ ٿيل عالمي ڪانفرنس ان ڳالھ جي بهتري طرف هڪ راھ ۽ اشارو هو ته هاڻي پاڪستان ان ڏس ۾ اڪليو ناهي ۽ اهي سڀ ملڪ پاڪستان جهڙن ٻين غريب ملڪن کي به جائز امداد جي آڇ ڪندا رهندا. اسان جهڙن ملڪن ۾ هڪ ڏچو ضرور آهي ته اهي هر سال ججهي مقدار ۾ بارشن جي پوڻ جي ڪري وري ٻيهر بحاليون نٿا ڪري سگهن. اسان جهڙا ٻيا ملڪ به آبهوا جي مطابقت سان پنهنجون زراعتون، صنعتون ۽ وري خراب ٿي پوندڙ معشتون سنڀالي نٿا سگهن. گڏيل قومن جي اهڙي اجلاس (ڪانفرنس) ۾ هڪ دستاويز پيش ڪيو ويو هو ته جيئن اهي 20 امير ترين ملڪ انهن غريب ملڪن جي معيشتن جي بحالي جي لاءِ ڪم ڪري سگهن. جنهن پروگرام ۾ اهو به هو ته اهي 20 غريب ترين ملڪ جنهن ۾ آفريڪا جي ملڪن سميت افغانستان، بنگلاديش ۽ پاڪستان به شامل هئا، جن ۾ شديد بارشن کانپوءِ “رڪوري، ريهيبليٽيشن، ريڪنسٽرڪشن ۽ سسٽمز جي ريزيليئنس” ممڪن ڪري سگهجي. ان ڪري ته شهري توڙي ڳوٺاڻا سسٽم ايترا ته ڪمزور ٿين ٿا، جو اهي جي بارشن جي نظر ٿي ٿا وڃن ته وري انهن جي بحالي مشڪل ٿي ٿي پئي ۽ بارشن کانپوءِ وبائن جي منهن ڪڍڻ جي ڳالھ وري ٻي آهي.