داستانِ گل (داستان ٽيون)
سنڌ يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ مان اقتباس
اهي ٻئي ادارا هڪ نجي ادارو ”مسلم ايجوڪيشنل سوسائٽي“ هلائيندي هئي، جنهن جي بورڊ آف گورنرز جو چيئرمين قاضي محمد اڪبر صاحب هو. سچل سرمست آرٽس، سائنس ۽ ڪامرس ڪاليج، ڇوڪرين جو ڪاليج سردار خان بهادر ڪاليج، رٽائرڊ ڪليڪٽر خان بهادر ”الاهي بخش شيخ صاحب ٽرسٽ“ جي زير نگراني هلندڙ هئا.
سچل ڪاليج ۾ خاص طور سائنس ڪاليج جي رزلٽ سٺي ايندي هئي ۽ اهو صبح جو هلندڙ بهترين خانگي سائنس ڪاليج هو. منهنجي عزيز دوست ڊاڪٽر عبدالرزاق شيخ گمبٽ واري جو وڏو ڀاءُ ”مرحوم عبدالرحيم شيخ صاحب“ اُتي ڪيمسٽري پڙهائيندو هو ۽ سابق سيڪريٽري سنڌ سرڪار ”شفيق پراچا“ اُتي انگريزيءَ جو ليڪچرار هوندو هو.
1972ع کان اڳ حيدرآباد جا سڀ ڪاليج نجي هئا، پر پوءِ ڀٽي صاحب جي تعليمي سڌارن جي ڪري، ساڳئي سن ۾ ”قوميائجي“ ويا. ڊاڪٽر ڊيوارٽ صاحب اسان 4 شاگردن کي Elective انگريزي پڙهائيندو هو. جيئن مون شروع ۾ عرض ڪيو ته مون کي انگريزي ادب پڙهڻ جو خبط هو ۽ ٻيا سڀ مضمون به مون انگريزي ٻوليءَ ۾ پڙهيا ۽ امتحان ۾ به انگريزي ميڊيم رکيو هئم، ان ڪري انٽر جي پهرين پوزيشن نڪري وئي ۽ پوءِ يونيورسٽي ۾ داخلا ملڻ ۾ وڏي مددگار ثابت ٿي، جنهن جو احوال اڳيان هلي ڪبو.

